Pages

Sunday 30 July 2017

چوڌري نثار جي استعيفيٰ ۽ وزيراعظم جي پريشاني

صاحب خان ڀٽي
سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي جي آءِ ٽي رپورٽ بابت فيصلو محفوظ ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف جي پريشاني ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي ۽ اها پريشاني دور ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نوازشريف ڪٽنب سميت مري گهمڻ هليو ويو  آهي، هڪ طرف پاناما ليڪس جي پريشاني ۾ سندس جان آجي ئي نه ٿي هئي ته مٿان وري ناراض پارٽي اڳواڻ چوڌري نثار جي استعيفيٰ به سندس پريشاني ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان نواز ليگ اڳواڻ به ٿرٿلي ۾ اچي ويا آهن ۽ ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ نوازشريف جو ساٿ 35 ورهيه پراڻو آهي ۽  هو ڪنهن به صورت ۾ اهڙو ڪو قدم نه کڻندو، ٻئي طرف وري سڌ سماءُ جي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تصديق بنا چوڌري نثار بابت ڪا به خبر نه هلائي وڃي پر پرنٽ، اليڪٽرنڪ ۽ سوشل ميڊيا تي گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهي بحث ٿي رهيو آهي ته چوڌري نثار وزيراعظم نوازشريف کي استيفيٰ جو  مشورو ڏنو هو پر  وزيراعظم نوازشريف اهڙي مشوري کان انڪار ڪيو هو ۽ جي يو  آءِ ( ف) مولانا فضل الرحمان ۽ محمود اچڪزئي سميت ٻين اڳواڻن وزيراعظم کي اهو مشورو به ڏنو هو ته هو استعيفيٰ نه ڏئي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم کي عوامي مينڊيٽ حاصل آهي ۽ عوامي نمائيندو آهي، ان جي ڪري ئي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي بيانن ۾ چوندو رهيو آهي ته هو عوام طرفان رد ڪيل پارٽي اڳواڻن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو.
هونئن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري معاملا نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سندن پريس ڪانفرنس مان لڳي رهيو هو ته اڃا به کوڙ سارا مطالبا چوڌري نثار جا ناهن مڃيا ويا، جنهن سبب ريلوي واري وفاقي وزير  خواجا سعد رفيق چيو هو ته چوڌري نثار  نواز ليگ نه ڇڏيندو ۽ سندس ساٿ تمام گهڻو پراڻو آهي، باقي رهي ڳالهه بيان ڏيڻ جي ته اهو وري  جمهوريت جو سونهن آهي. اختلاف رکڻ هر ڪنهن جو حق آهي. مطلب ته چوڌري نثار جا ٻيا سمورا مطالبا ته نواز ليگ قبول ڪري ورتا آهن پر هڪ اهڙو مطالبو به آهي، جيڪو نواز ليگ قبول ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ اهو مطالبو ڪهڙو آهي، ان بابت ته نوازليگ يا وري چوڌري نثار ئي ٻڌائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف جيڪي پيپلزپاررٽي جي دور ۾ احتجاج ڪيا ان کان وڌيڪ خراب حالتون سندس حڪومت ۾ ٿيون آهن.
پاناما بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي فيصلو محفوظ ٿيڻ بعد اپوزيشن پارٽين به اجلاس سڏائڻ وارو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف طرفان به اجلاس طلب ڪيا ويا هئا، جن ۾ انهن پارٽين جي اڳواڻن به شرڪت ڪري پاناما تي فيصلو محفوظ ٿيڻ بعد واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ پيپلزپارٽي طرفان وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو  به ڪيو ويو، هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو جو پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف طرفان وزيراعظم کان استعيفيٰ گهري وئي هجي، ان کان اڳ به اهڙو مطالبو ٿيندو رهيو آهي.
جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي  گذريل حڪومت جي سياسي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته اڄ واريون حالتون پيپلزپارٽي کي پيش آيون هيون. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هو ته ان کانپوءِ پيپلزپارٽي کي حڪومت ملي هئي ۽ ان حڪومت کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا هئا ته نواز ليگ طرفان اڳوڻي جنرل پرويز مشرف طرفان هٽايل چيف جسٽس افتخار چوڏري جي بحالي لاءِ احتجاج شروع ڪيا هئا پر ان کان اڳ نواز ليگ طرفان مشرف جي دور ۾ اهڙي ڪا به جدوجهد نه ڪئي وئي هئي، بهرحال نواز شريف طرفان جيڪو احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو ان مطالبي کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صاحب قبول به ڪيو هو ۽ افتخار چوڌري کي بحال به ڪري ڇڏيو هو، جڏهن پيپلزپاٽي نواز ليگ مان جان ڇڏائي ته مٿان طاهر القادري به ميدان ۾ لهي آيو هو ۽ ان کان پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردن مفاهمت جي نالي تي رت جي راند کيڏي هئي ۽ پيپلزپارٽي مفاهمت جي نالي تي سڀ ڪجهه بردشت ڪيو  هو. ايتري قدر جو نواز ليگ طرفان يوسف رضا گيلاني کان استعيفيٰ جو به مطالبو ڪيو ويو هو ۽ يوسف رضا گيلاني عدالتي فيصلي کي قبول ڪندي نااهل به ٿي ويو هو  پر اڄ ٿوريون حالتون تبديل نظر اچي رهيون آهن جيڪا پارٽي ٻين کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي هئي اها پارٽي اڄ سمورين پارٽين جي استعيفيٰ واري مطالبي کان مڃڻ کان انڪار ڪري رهي آهي ۽ ان مطالبي کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو پيو وڃي.
جڏهن نواز ليگ اقتدار ۾ آئي ته ان وقت به پيپلزپارٽي چونڊن کي قبول ڪيو هو ۽ ٻنهي پارٽين ۾ لاڳاپا به بهر هئا پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي پارٽين ۾ اختلاف وڌيا ۽ ان جا ڪارڻ به ڪيترائي هئا، ڪڏهن رينجرز جي اختيارن تي چوڌري نثار ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جا بيان هئا ته ڪڏهن وري پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي ٻنهي پارٽين ۾ لاڳاپا متاثر ٿيا، جڏهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري علاج جي بهاني پرڏيهه ويو ته ان وقت به ٻنهي پارٽين ۾ اختلاف ٿيا هئا ۽ اختلاف ان وقت ظاهري طور سامهون آيا جڏهن مفاهمت وارو پاسو ڇڏي تحريڪ انصاف جي شروع ڪيل جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته چوڌري نثار ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن وچ ۾ اختلاف ايترا ته چوٽ چڙهي ويندا هئا جو وزيراعظم نوازشريف کي پرچائڻو پئجي ويندو هو.
هاڻ جڏهن پيپلزپارٽي به وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي ته ان وقت نوازليگ جا اڳواڻ ان کي غيرقانوني قرار ڏئي رهيا آهن. بهرحال هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو ته وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏئي ٿو يا وري کانئس ورتي ٿي وڃي، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ ئي هوندو.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ايندڙ چونڊن ۾ باقي ٿورو ئي وقت رهجي ويو آهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سياست جو فيصلو 2018 ع ۾ نه پر 2017ع ۾ ٿيڻو آهي، ان کان به  شيخ رشيد اڳڪٿيون ڪندو رهيو  آهي، ڪڏهن قرباني کان اڳ قرباني جي ڳالهه ڪندو آهي ته ڪڏهن وري چوندو آهي ته کيس بوٽن جو آواز اچي رهيو آهي. پر هاڻ چئي رهيو آهي ته اڳ عيد کان اڳ ئي ڪاسائي هليو ويو هو پر هاڻ  ايئن نه ٿيندو.
 بهرحال هن قت سڄي  ملڪ جي عوام جون نظرون پاناماليڪس جي فيصلي تي لڳل آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو ان فيصلي کي  وڏو اهم قرار ڏئي رهيا آهن،  ڇاڪاڻ ته هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيندو جو ڪنهن پنجاب جي سياستدان کي عدالت مان سزا ملندي هجي.
وزيراعظم بابت به فيصلو محفوظ ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خلاف غير ملڪي فنڊنگ جا الزام لڳل  آهن ۽ مٿس ڪيس به هلي رهيا آهن، جيڪو به هڪ وڏو حساس معاملو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي مستقبل جون عدالتون ڪهڙو ٿيون فيصلو ڪن؟


No comments:

Post a Comment