Pages

Wednesday 31 January 2018

آرٽيڪل 62 ايف ون تحت نااهلي جو مدو: فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟


صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس کانپوءِ  ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ تمام گهڻي تيز ٿي وئي  هئي جيڪا اڄ به  هلندڙ آهي، تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي ۽ عوامي مسلم ليگ سميت ٻيون کوڙ ساريون جماعتون هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي رهيون آهن، ايتري قدر جو  ڪڏهن ڪڏهن اهي پارٽيون اتحاد جوڙي حڪمران ڌرمٿان دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ان باوجود حڪمران ڌر پنهنجي روايت برقرار رکندي پئي اچي، جيتوڻيڪ پاناما ليڪس نوازشريف کي نااهل ڪرڻ ۽ عهدو ختم ٿيڻ جو سبب بڻيو آهي پر سندس چرچو ڏيهه توڙي پرڏيهه به ٿيو آهي، ايتري قدر جو سندس بيانن سان ملڪ اندر هڪ وڏو ٿرٿلو به مچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو آهي ته ادارن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، ظاهري طور ايئن لڳي به رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جيڪي بيان ڏئي رهيو آهي، انهن بيانن کي ٻڌي هر هڪ اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نوازشريف جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي، ان مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته نوازشريف ادارن خلاف ڳالهائي پنهنجي مقبوليت وڌائڻ چاهي ٿو پر اهو ممڪن ٿيندو يا نه، اهو ته نواز ليگ کي ئي خبر هوندو. جڏهن سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ته ان وقت پارليامينٽ ترميم ڪري کيس نواز ليگ جو صدر مقرر ڪيو، جنهن تي به  تحريڪ انصاف پاران تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد انهيءَ پارليامينٽ مٿان لعنت وڌي هئي، جنهن تي تنقيد ٿي هئي، جڏهن پاناما ليڪس ۾ اهم انڪشاف ٿيا ته ان وقت ملڪ جون حالتون ٻيون هيون پر هاڻ تحريڪ انصاف جي  بيانن سبب حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ ماڻهن جو لاڙو نواز ليگ وڌي رهيو آهي، تنهن جي ڪري  سندس حامين ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي،
هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ته عام چونڊن کانپوءِ پنجاب ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي، ڏکڻ پنجاب ۽ لاهور جي حالتن ۾ تمام گهڻو فرق آهي. پاناما ٻاهران آيو هو، ڪنهن سيف الرحمان شروع نه ڪيو هو. پاناما عالمي سطح تي اٿيو جنهن ۾ شريف خاندان به شامل ٿيو، آصف زرداري اهو به چيو ته شريف ڀائرن جي سي پيڪ ۽ منگوليا جي سي پيڪ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. آصف علي زرداري چيو ته شريف ڀائرن سي پيڪ کي سمجهو ئي ناهي. هن چيو ته نواز شريف ڪهڙو مظلوم آهي، ٻئي طرف وري پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله جو چوڻ هو ته ته عمران خان ۽ شيخ رشيد سازشي عنصرن جا مهرا آهن، ٻنهي کي مشورو آهي ته درست سياست ڪن. لاهور جلسي ۾ پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙن تي خالي ڪرسين ۽ 21 ڪروڙ عوام جي لعنت پئي، نواز شريف کي روڪڻ لاءِ غير جمهوري طريقا ناڪام ٿي ويا آهن. هڪ سازش تحت نواز شريف کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ملڪ کي پوئتي ڌڪي سگهجي، اها ڪوشش پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻجڻ جي رستي ۾ رنڊڪ آهي.، مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ حمزا شهباز چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته رستو رڳو جمهوريت آهي. 
جيتوڻيڪ نيب پاران نوازشريف خلاف جاچ هلي رهي آهي ۽ احتساب عدالت ۾ ريفرنسز تي ٻڌڻي به ٿي رهي آهي پر ان باوجود نيب پاران پرڏيهه مان رڪارڊ جمع ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته اڃا تائين نيب نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف پڪا ثبوت گڏ نه ڪري سگهي آهي. هوڏانهن شريف خاندان خلاف ٻن پرڏيهي شاهدن پاڪستان آمد تي سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ڪوئسٽ سالسٽر لا فرم جي پرنسپال راجا اختر نيب کي خط لکي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. راجا اختر پنهنجي فارنزڪ ايڪسپرٽ رابرٽ ريڊلي جي خدشن کي بيان ڪيو آهي.
بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي دعويٰ آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو ته ٻئي طرف وري نواز ليگ دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي نواز ليگ ڪامياب ٿيندي، هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪير ڪامياب ٿيندو پر سڀ کان اڳ ملڪ جي موجوده صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ته مٿان وري ڀارت ايل او سي تي سرحدي ڇڪتاڻ کي وڌائي رهيو آهي،  جيڪا به هن خطي لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي،  بهرحال سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز ليگ  صدر ميان محمد نوازشريف هڪ نظريو کڻي روڊن تي نڪتو آهي پر اهو نظريو  رڳو سندس ڪارڪنن تائين محدود آهي، ڪا به پارٽي سندس حمايت ۾ نه اچي رهي آهي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به چيو هو ته هي ماڻهو وقت اچڻ تي هن ملڪ  کان ٻاهر هليا ويندا، مطلب ته سڄو اشارو نواز ليگ ڏانهن  ئي هو. بهرحال نوازشريف هر جلسي ۽ هر تقريب ۾ اهو ئي راڳ الاپي رهيو آهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو ؟ ۽ ان جو جواب به پاڻ ئي ڏئي رهيو آهي، جيئن ته پاناما ليڪس کان شروع ٿيندڙ معاملو نوازشريف کان شروع ٿيو ۽ نوازشريف تائين ئي ختم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاناما ۾ جيڪي ٻين ماڻهن جا نالا شامل آهن، انهن خلاف ڪارروائي سان ايترو فرق نه پئي ها، جيترو نوازشريف خلاف ڪرڻ سان ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي هميشه اهو ئي مطالبو ڪندي رهي آهي ته پاناما جن به ماڻهن جا نالا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
بهرحال نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي به نااهل قرار ڏنو ويو، جنهن تي به نوازشريف ۽ ليگي اڳواڻن اعتراض ڪيو ته اهو فيصلو کين پسند نه آهي، مطلب ته هنن جو سڄو اشارو عمران خان ڏانهن ئي  هو. جيئن ته اڄ نوازشريف ۽ جهانگير ترين نااهل آهن ۽ جهانگير ترين خاموش آهي پر نوازشريف پنهنجي اندر جي باهه روڊن تي ڪڍي رهيو آهي، پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته ٻنهي کي ٿوري رعايت ملڻ واري آهي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ۾  آرٽيڪل 62 ايف ون تحت نااهلي جو مدو طئي ڪرڻ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي به سپريم ڪورٽ ۾ شروع ٿي وئي آهي ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ مدو طئي ٿي ويو ته ٻنهي ڄڻن کي رعايت ملي سگهي ٿي ۽ سندن نااهلي جو مدو به طئي ٿي سگهي ٿو ۽ مستقبل ۾ اهي اليڪشن ۾ حصو به وٺي سگهن ٿا،  گذريل ڏينهن به سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾  آرٽيڪل 62 ايف ون تحت ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نااهلي جو مدو طئي ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ٿي هئي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ڪڏهن ٻنهي لاءِ سياست ۾ اچڻ لاءِ دروازا کلن ۽ اهي چونڊن ۾ حصو ٿا وٺن.  

No comments:

Post a Comment