Pages

Tuesday 23 January 2018

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟

صاحب خان ڀٽي
هونئن ته ڌارين جي  آبادڪاري جو سلسلو هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هلي رهيو آهي ۽ مذهب جي نالي تي ڪنهن به ملڪ سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن  ملڪ ۾ اچي پنهنجا اجها اڏائي رهيو آهي،  جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، اهو سلسلو ظاهري طور ان وقت وائکو ٿيو، جڏهن  آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ هن ملڪ جي سگهاري طاقتن جو ان جو ساٿ ڏنو . تڏهن کان افغانستان مان مهاجرن  جي قانوني طور پاڪستان ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو  شروع ٿيو، جن  کي ترسائيڻ لاءِ عالمي ادارن پاران امداد  ڏيڻ جو به اعلان ڪيو، جن مهاجرن کي ڪيمپس ۾ ترسائڻ گهرجي ها، انهن کي هن ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن وڃڻ جو مڪمل اختيار ڏنو ويو، جنهن جو حشر هيءُ ٿيو جو اڄ اهي هن ملڪ جا شهري بڻجي چڪا آهن ۽ سمورن ادارن ۾ آهستي آهستي  هو ضم ٿي رهيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ ڪم به ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو اهڙين يونيورسٽين ۾  مهاجرن جا ٻار پڙهي رهيا آهن، جتي سنڌي  شاگردن کي به داخلا نه ملندي آهي. اهو سلسلو افغانستان جي جنگ کان شروع ٿيو آهي پر هاڻ ان ۾ وقت سان گڏ تيزي به اچي رهي آهي، جڏهن کان آمريڪا پاران پاڪستان تي الزام لڳايا ويا آهن ته هن ملڪ جي سگهاري طاقتن پاران افغان مهاجرن کي ڪڍڻ تي غور ويچار ڪيو ويو آهي پر افسوس جو هاڻ وقت هٿن مان نڪري چڪو آهي ۽ جيڪي  افغان مهاجر هن ملڪ ۾ لڏپلاڻ ڪري آيا، اڄ انهن وٽ هن  ملڪ جو قانوني سرٽيفڪيٽ آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ هاڻ ناممڪن ٿي چڪي آهي.
هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخر انهن مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڪنهن جاري ڪيا ۽ انهن مٿان هٿ رکندڙ سگهاري  طاقتون ڪهڙيون هيون جو افغان مهاجر هن ملڪ ۾ پنهنجيون ملڪيتون به خريد ڪري ويا ۽ پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي، جيڪڏهن انهن ماڻهن کان پڇاڻو ٿئي ته  افغان مهاجر جي هن ملڪ ۾ ڪيتري تعداد آهي ته اهي به نه ٻڌائي سگهندا، ڇاڪاڻ ته پاڪ افغان سرحد تان ڪيترائي افغان مهاجر غيرقانوني طور به  هن ملڪ ۾ داخل ٿيا، جن جو رڪارڊ نه ته پاڪستان وٽ آهي ۽ نه ئي افغانستان وٽ آهي ،  جيئن ته وقت گذرڻ سان گڏ نه افغان مهاجر پنهنجي وطن  واپس وڃڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي هن ملڪ ۾ ادارن وٽ ايترا وسيلا آهن جو انهن کي هتان ڪڍي ڇڏي ۽ نه ئي وري ڪو عالمي ادارو هاڻ امداد  ڏيندو ته انهن افغان مهاجرن  جي واپسي وارو عمل شروع ٿي سگهي ، جنهن سبب هاڻ اسان کي ذهني طور تيار رهڻ گهرجي ته ڪڏهن به افغان مهاجر جي واپسي وارو عمل شروع نه ٿي سگهندو. ان جو به ڪو هڪ ڪارڻ نه آهي، ان جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن، سڀ کان وڏو  سبب نادرا آهي، جيڪو هن ملڪ جو حساس ادارو آهي، جن ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪجهه پيسن عيوض پنهنجو ضمير  به وڪڻڻ لاءِ تيار ويٺا آهن،  نادرا جو اهو حال آهي ته ڪو به پرڏيهي آساني سان پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهي ٿو، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته الائي ڪيترن ئي دهشتگردن وٽ هن ملڪ جا سڃاڻپ ڪارڊ هوندا، جنهن جو اسان اندازو به نٿا ڪري سگهون.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن چوڌري  نثار  وفاقي گهرو وزير هو ته هُن به ڪيترن ئي پرڏيهين جا ڪارڊ بلاڪ ڪيا هئا، جنهن تي ڪجهه افغانستان همدرد تنظيمن واويلا ڪئي هئي ۽ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ واري معاملي تي  ايوانن ۾ آواز اٿاريو هو، پوءِ اهو معاملو به دٻجي ويو هو، هاڻ وري نادرا پاران ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ وارو معاملو اٿيو آهي. مختلف ٽي وي چينلز تي به نشر ٿي رهيون آهن ۽ رپورٽون به هلي رهيون آهن ته نادرا  جي ڪجهه آفيسرن تي افغانين سميت مختلف ملڪن جي ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو الزام آهي، جن خلاف جاچ به ٿي رهي آهي، جيڪڏهٿن ڏٺو وڃي ته اهو  معاملو هن ملڪ جي ادارن لاءِ وڏو شرم جوڳو آهي، جيڪڏهن پيسن عيوض حساس ادارو ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيو آهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪيترائي دهشتگرد سڃاڻپ ڪارڊ کڻي گهمندا ڦرندا وتندا هوندا. جنهن جو اسان کي اندازو به نه هوندو.
هن ملڪ جي وڏي خابرو اداري خبر نشر ڪئي آهي ته ڊي اي ڊائريڪٽر قمر نديم وي آءِ پي نادرا رجسٽريشن سينٽر نادرا هيڊ ڪوارٽر ۾ افغانين کي ڪارڊز جاري ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ته کيس هٽايو ويو، جڏهن ته نادرا رجسٽريشن سينٽر بلديا ٽائون ون ڪراچي جي ڊي اي ڊائريڪٽر محمد خان  کي به اهڙي الزامن تحت برطرف ڪيو ويو. خانگي ٽي وي جي  رپورٽ  موجب، هڪ فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نادرا جي 400 کان وڌيڪ اهلڪارن مبينا طور 2005 کان اٽڪل 72 هزار غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا. جن جي نادرا  سرڪاري سطح تي به تصديق ڪئي آهي. نادرا جي ترجمان  ٻڌايو ته مسٽر انصار تي غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ واري عمل ۾ مبينا طور ملوث هئڻ  جو الزام آهي، جنهن خلاف جاچ به هلي رهي آهي. جڏهن ته نادرا جو سينيئر آفيسر ڪرنل ( ر) طاهر مقصود انهن الزامن جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهي ڪري رهيو آهي.
خانگي ٽي وي جي رپورٽ ۾ ٻيو گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي ته  آخر ڪار  نادرا جا ملازم ڪئين پرڏيهين کي  سڃاڻپ ڪارڊ جاري  ڪري رهيا آهن. بهرحال  سنڌ ۾ به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن،  سنڌ سان محبت رکندڙ ڪجهه تنظيمون ڌارين  جي آبادڪاري واري حساس معاملي تي آواز به اٿارينديون آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. هن وقت جڏهن  هن ملڪ ۾ مهاجرن  کي پنهنجي گهر موڪلڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ان وقت نادرا ٿرٿلي ۾ اچي ويو آهي ، خاص ڪري  نادرا جي اهي ملازم جيڪي پيسن عيوض ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ ته عيد اچي وئي آهي.  شڪارپور مان به  رپورٽون آهن ته نادرا آفيسن ٻاهران افغان مهاجرن جا ڪٽڪ لٿل آهن، جيڪي ڪارڊ ٺهرائي رهيا آهن پر انهن خلاف ڪير به ڪارروائي  نه ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن رڳو هڪ ننڍڙي شهر جي اهڙي حالت آهي ته  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جو ڪهڙو حال هوندو؟ ان جو ته اسان اندازو به نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  انهيءَ شهر مان داعش جا دهشتگرد به گرفتار ٿيا ته ماريا به ويا ۽ ڪيترن ئي مقابلن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن کي به ماريو ويو ۽ هميشه ان شهر تي دهشتگردن جو راڄ ئي رهيو آهي، جنهن سبب هن شهر جا شهري هميشه خوف ۾ ورتل رهيا آهن. هاڻ ته آپريشن کانپوءِ  ڪراچي شهر جون حالتون گهڻي حد تائين بهتر ٿي چڪيو آهن پر نادرا  جي ادارن جو ڪهڙو  حال هوندو، شايد ڪنهن کي به خبر نه هوندي، هي اهو بدنصيب شهر آهي جتي  ڌاريا لکن جي تعداد ۾ رهن ٿا، هن شهر کي ته عالمي يتيم خانو به چئجي ته گهٽ هوندو،
جيڪڏهن هن شهر کي  پرڏيهين جو ٺڪاڻو چئون ته به اهو گهٽ آهي.  هن شهر ۾ ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهي انهن کي مارڻ آسان آهي پر غيرملڪين کي ڪڍڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو عمل آهي. جنهن  جو اندازو اوهان سنڌي وسندين کي ڊاهڻ واري عمل مان لڳائي سگهو ٿا، ڪيئن وردي پهريل هٿيار بند رات ۽ ڏينهن جي  وقت سنڌي وسندين تي حملو ڪري  گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي  ۽ انهن اهلڪارن کي تمام گهڻي همت به هوندي آهي ته اهي سنڌي وسندين تي آساني سان يلغار ڪندا آهن پر انهن کي ايتري همت نه هوندي آهي ته ڪراچي ۾  افغان مهاجرن جي وسندين  کي ڊاهين ۽ نه ئي انهن کي ايتري جرئت هوندي آهي جو اهي وڃي ڪنهن  بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪن. بهرحال اسان سنڌين جن کي به ووٽ ڏنو آهي، اهي به ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ  ۾ ملوث رهيا آهن ۽ اهي ئي ڪامورا ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا اعلان ڪندا آهن ۽ سنڌي عوام خاموش تماشائي بڻيل هوندو آهي. جن کي اسان ووٽ ڏيندا آهيون ، اهي ئي ڌارين  کي ڪارڊ ٺهرائي  جا اعلان ڪري فخر محسوس ڪري رهيا آهن. بهرحال هن رياست جي ذميواري آهي ته غيرملڪين کي غيرقانوني طور  سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، جيئن دهشتگردن خلاف آپريشن هلي رهيا آهن ۽ ايئن نادرا ۾ ردالفساد  ۽ ضرب عضب جهڙو آپريشن ٿيڻ گهرجي ته جيئن پيسن عيوض ڪارڊ جاري ڪندڙ نادرا جي عملي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾  آڻي ملڪ سان غداري جو ڪيس هلايو وڃي.



No comments:

Post a Comment