Pages

Saturday 20 January 2018

آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ خلاف ڳالهايل گٿا لفظ

صاحب خان ڀٽي
سموريون پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن هن ملڪ  ۾ جمهوريت  کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏيڻ لاءِ ڏنو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ دهشتگردي ، بدامني ۽ معاشي گهوٽالو نه هجي ها، ڇاڪاڻ ته غير جمهوري حڪومت ۾ غير جمهوري فيصلا ٿيندا آهن، ان جو وڏو ثبوت هن ملڪ ۾ رهندڙ افغان مهاجر  آهن، جيڪي ڪئپمپن ۾ رهڻ بدران هن ملڪ ۾ ايئن ڇڏيا ويا ڄڻ ته هو ڪي هن ملڪ جا اصل رهاڪو هجن ان کان علاوه ٻيا کوڙ سارا معاملا به مضبوط جمهوريت نه هئڻ سبب پيدا ٿيا آهن، بجلي جو بحران، پاڻي جو بحران، گئس جو بحران ۽ معاشي بحران به جمهوريت جي وڏي عرصي  ته قائم نه هجڻ سبب ئي آهي. اڄ ملڪ ۾ دهشتگردي، بدامني ۽ سرحديون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ۽ سرحد پار کان دهشتگرد ملڪ اندر داخل ٿي ڪڏهن سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن معصوم شهرين کي بي گناهه قتل ڪن ٿا  ۽ انهن جي ذميواري به قبول ڪن ٿا پر افسوس جو انهن خلاف ڪو به اثرائتي حڪمت عملي نه جوڙي وئي آهي، جيڪڏهن   مهاجرن کي ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ جي اهڙي صورتحال نه هجي ها. بهرحال هاڻ ڳالهه دهشتگردي کان وڌي اچي سياسي ڇڪتاڻ تي پهتي آهي ۽ هر هڪ پارٽي هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ۾ اچي ٿورو ئي وقت بچيو آهي  ۽ نواز ليگ جو صدر ميان محمد نوازشريف گريٽر پنجاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ هن هڪ پنهنجو  نظريو به ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ ان نظريي تحت هو هلي رهيو آهي.
تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، عوامي مسلم ليگ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي نوازشريف خلاف مهم هلائڻ ۾ پوريون آهن، تحريڪ انصاف نوازشريف کي مودي جو يار چئي رهي آهي ته پيپلزپارٽي به ان سان ها ۾ ها ملائي رهي آهي، جنهن کي چئبو آهي، سياست، مطلب ته اهو سارو عمل صرف ايندڙ چونڊن جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي. پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا نواز ليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته ڊاڪٽر طاهر القادري  وقت اچڻ تي ٻيهر ڪينيڊا هليو ويندو، ڇاڪاڻ ته سندس مستقبل ڪنهن ٻئي ملڪ سان سلهاڙيل آهي. باقي رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته اها به انهن جو ساٿ ڏئي جمهوريت خلاف نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب  پيپلزپارٽي کي پنهنجي واضح ڪرڻي پوندي، ڊاڪٽر طاهر القادري ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته جيڪڏهن هو چاهي ته هڪ پاسي کان عمران خان کي ۽ هڪ پاسي کان  آصف زرداري کي ويهاري سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ هن اهو به چيو ته هو جيڪڏهن ڌرڻو هڻندا ته هڪ ئي ڪنٽينر هوندو، جنهن تي سمورا اڳواڻ بيهي خطاب ڪندا . اهڙي طرح هن پنهنجو واعدو پورو به ڪيو ۽ نواز ليگ خلاف هڪ وڏو احتجاجي جلسو به ڪري ڏيکاريو پر اتي جيڪو واقعو پيش آيو، اهو ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به پيش نه آيو، ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري پارٽي پيپلزپارٽي پارليامينٽ کي لعنت وجهڻ  واري خطاب وقت خاموش بيٺي رهي، نه ته ڪو احتجاج ڪيو ۽ نه ان وقت انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي پارليامينٽ تي لعنتون وجهي رهيا ۽ پارليامينٽ خلاف گٿا لفظ ڳالهائي رهيا هئا. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ شيخ رشيد جي بيان مان لڳي رهيو هو ته هو پنهنجو پلاند نواز شريف کان نه پر پارليامينٽ کان وٺي رهيا هئا. هن وقت عدالتون به خاموش آهن ۽ پارليامينٽ جا ميمبر به خاموش آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر به آخر پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي پيپلزپارٽي ايوان ۾ به اهڙو ڪجهه خاص نه ڳالهايو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ها ته پارليامينٽ کي گار ڏيڻ درست عمل نه هو،
جيڪڏهن نوازشريف ڪرپشن ڪندڙ آهي ته ان کي جيڪو به چيو وڃي ها ته ڪجهه به نه هو پر پارليامينٽ جيڪو هن ملڪ جو سپريم ادارو آهي، ان مٿان لعنت وجهڻ ڪٿان جو درست عمل آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار  به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران اهي ريمارڪس ڏنا آهن ته هو پارليامينٽ کي  پنهنجو سپريم ادارو سمجهن ٿا ۽ اهو به چيو آهي ته عدليا آزاد آهي، ڪنهن به جج کي  مرضيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي، عدليا جو ڪم فتنو ختم ڪرڻ آهي. انصاف فراهم ڪرڻ ڪنهن تي احسان ناهي پر ججن جي ذميواري آهي، جنهن سپهه سالار کي ڏيڍ لک فوج هجي ان کي پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. چيف جسٽس جي ريمارڪس به ظاهر آهي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي ته پوءِ آخر  تحريڪ انصاف پارليامينٽ کي برو ڀلو ڇو چيو، آخر ڇو پيپلزپارٽي  ان وقت خاموشي اختيار ڪئي، جڏهن پارليامينٽ مٿان لعنتون وڌيون ويون.
بهرحال ملڪ جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، جيڪي پارٽيون ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻنديون هيون، انهن جي زبان پارليامينٽ تي لعنتون وجهي رهي آهي، هاڻ اڳتي ڏسنداسين ته اسان کي  هن ملڪ ۾ اڃا ڪيتري تبديلي ٿي ملي. هڪ طرف چيو پيو وڃي ته ملڪ جي ادارن جو احترام ڪيو وڃي، ٻئي طرف وري انهن ادارن   تي لعنت وجهڻ ڪٿان جو عقل وارو ڪم آهي.  اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه به قومي اسيمبلي ۾ واضح طور چيو  ته نوازشريف ۽ عمران خان ۾ ڪو به فرق نه آهي. هونئن ته سڄو ملڪ خاموش هو پر لاهور ۾ مال روڊ تي ٿيل  احتجاجي جلسي کان پوءِ حالتون تمام گهڻو تبديل ٿي ويون آهن، سمورا اڳواڻ پارليامينٽ خلاف ڳالهايل گٿن لفظن جي مذمت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙن کي چئلينج آهي ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪري ڏيکارين، سندن سياست شرافت ۽ خدمت جي سياست آهي. هن اهو به چيو ته پهريون ڀيرو اها سياست سامهون آئي آهي ته اقتداري اداري تي ئي لعنت وڌي پئي وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ مال روڊ تي جلسو ڪيا ويا، جنهن دوران تقريرون ڪندڙ وڌيڪ ۽ ٻڌندڙ گهٽ هئا، ڪڏهن ڌرڻا لڳا، ڪڏهن رنڊڪون وڌيون ويون پر اسان پوئتي نه ٿياسين. ن ليگ هميشه صوبن کي ملائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو ته مال روڊ تي ڪنٽينر مٿان چڙهيل ماڻهن جي چهرن تي 2018ع جي چونڊن جي شڪست نظر اچي رهي هئي. مخالف نه استعيفيٰ وٺي سگهيا ۽ نه وري وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگهيا آهن مخالفن ساڍن چئن سالن دوران ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، عام چونڊن ۾ شڪست سندن مقدر آهي، مخالف ڪم ڪن ها ته امپائر جي آڱر جي اشاري جي ضرورت نه پوي ها.
بهرحال هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري هئڻ گهرجي ته بهتر آهي،ڇاڪاڻ ته هن وقت  آمريڪا سان به پاڪستان جي ڪي لاڳاپا بهتر نه آهن ۽ نه ئي ڀارت ڪا سرحد تي خاموش ويٺل آهي، افغانستان  به پاڪستان تي مختلف وقتن تي الزام لڳائي رهيو آهي، رهي ڳالهه ايران جي ته سعودي  فوجي اتحاد کانپوءِ  ايران  به پاڪستان کان   ٿورو پاسو ڪري ورتو آهي ۽ ملڪ اندر به بدامني، دهشتگردي ۽ معاشي بحران آهي، ڊالر ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي، پيٽروليم شين جا اگهه به وڌندا پيا  وڃن  ۽ سياسي  پارٽين اقتدار خاطر جمهوريت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن وقت  آمريڪا ۽ ڀارت کي جواب ڏيڻ لاءِ سمورين پارٽين جو متحد ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن  سموريون پارٽيون متحد نه ٿيون ته پوءِ آمريڪا ۽ ڀارت ته ڇا افغانستان جهڙو ملڪ به اسان جي ملڪ خلاف ڳالهائڻ کان نه مڙندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي پڪ ٿي وئي آهي ته ملڪ ۾  سياسي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، افغان مهاجرن جي آڙ ۾ ترسيل دهشتگرد هن ملڪ لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن،  انهن ئي افغان مهاجرن سبب هن ملڪ ۾ آيل طالبان نظريو هن ملڪ کي دهشتگردي ڏانهن ڍڪي رهيو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻي رهيا آهيون.  جڏهن ته سمورن فرقن جي عالمن سڳورن به آپگهاتي بمبارن بابت فتويٰ به جاري ڪري ڇڏي آهي پر جيستائين سموريون سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿينديون تيستائين هن ملڪ ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.


No comments:

Post a Comment