Pages

Saturday 28 April 2018

نياڻين کي تعيلم ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت



صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مختلف تنظيمن پاران جدوجهد ڪئي پئي وڃي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِسيمينار به  ڪيا پياوڃن پر افسوس جو هن وقت تائين سنڌ اندر  ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنجيده جا نظر نه اچي رهيا آهن،  جيئن ته معاشري جي ترقي جو راز تعليم آهي ۽ قومون تعليم ذريعي ترقي ڪنديون آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان قوم کان تعليم کسي وڃي ۽ اها قوم پاڻ ئي  ختم ٿي ويندي،  جنهن قوم وٽ تعليم ناهي هوندي، ان وٽ رڳوجهالت ئي جنم وٺندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ڪڌي رسم ڪارو ڪاري سميت قبيلائي جهيڙن ۾ ڦاٿل آهي،
جيڪڏهن سنڌ اندر تعليم کي هٿي وٺرائي وڃي ها ته اڄ سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن جو خاتمو اچي وڃي ها ۽ انساني حياتيون بچي وڃن ها، جيئن ته اسان جي سنڌ اندر به  تعليم کي هٿي ڏيارڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، چوندا آهن ته تعليم انسان جي ٽئين اک آهي ۽ عورت کي پڙهائڻ جو مطلب هڪ خاندان کي پڙهائڻ برابر آهي،  جتي نياڻين کي تعليم ڏياري ويندي آهي، ان معاشري ترقي کي هٿي ملندي آهي پر افسوس جو اسان جي سنڌ اندر نه ته  نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ  وسيلا آهن ۽ نه ئي سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجي نياڻين جي تعليم ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهن، ان جا به ڪيترا ڪارڻ آهي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي سبب ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ کان لاچار آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنجيده هجي ته اڄ ملڪ اندر اهڙي صورتحال نه هجي، هڪ ٻيو ڪارڻ نياڻين کي تعليم نه ڏيارڻ جو اهو به آهي ته ڪجهه ماڻهو رڳو پنهنجي پٽن کي تعليم ڏياريندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهندا آهن ته پٽ وڏو ٿي سندن سهارو بڻبو ۽ نياڻي ته پرائي گهر هلي ويندي،  جيڪڏهن اها سوچ تبديل ٿي وڃي ته پوءِ اسان جي معاشري ۾ به نياڻيون ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون.
جيتوڻيڪ سنڌ اندر ڪيترائي اسڪول بند آهن ۽ خانگي اسڪولن به تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو  آهي پر اها صورتحال نياڻين کي تعليم نه ڏيارڻ جو ڪارڻ نه آهي.  انهيءَ صورتحال جو ذميوار اسان پاڻ ۽ گهٽ علمي آهي، شهرن ۾ ته نياڻين کي تعليم ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته شهرن ۾ هر هڪ گهر ماڻ نياڻيون اسڪول پڙهڻ وينديون آهن ۽ اتي نياڻين جي لاءِ الڳ الڳ اسڪول به هوندا آهن، جنهن سبب والدين پنهنجي نياڻين کي تعليم لاءِ موڪليندا آهن پر ان ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نه ته اسڪول هوندا آهن ۽ نه ئي وري والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول ڇڏيندا آهن، ايتري قدر جو  ڳوٺاڻا پنهنجي پٽن جي تعليم ڏانهن به گهٽ ڏيندا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هوندو آهي ته جيڪي ٻار پڙهيا انهن کي نوڪريون نه مليون آهن ۽ بيروزگار آهن ۽ ساڳيو ٻني ٻاري جو ڪم ڪري رهيا آهن، اها سوچ به ان ڪري جنم ورتو آهي، جو اسان جا حڪمران پئسن جي لالچ ۾ غير ملڪين کي سنڌ ۾ ترسائي سنڌ  جي وسيلن تي قابض ڪري رهيا آهن،
جيڪڏهن حڪمرانن مان پئسن جي هوس ختم ٿي وڃي ته سنڌ اندر رڳو سنڌين کي نوڪريون ملن ۽ اهو به ميرٽ تي ملن ته سنڌ اندر کوڙ سارا مسئلا حل ٿي ويندا پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن حڪمرانن جي اکين اڳيان پئسن جي هوس جو پردو ختم ٿي وڃي. بهرحال اسان ڳالهائي رهيا هئاسين  نياڻين جي تعليم بابت، اسان کي گهرجي ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻون. فلاحي تنظيمون ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند اهڙا قدم کڻن جو سنڌ جون سموريون نياڻيون تعليم واري زيور کان محروم نه رهن. جيئن ته سنڌ اندر  نياڻين جي تعليم تي گهٽ ڌيان  ڏنو پيو وڃي ۽ سنڌ جي عورت هر شعبي ۾ پٺ تي آهي، مطلب ته آهي ئي نه، جنهن سبب  سنڌ پوليس کان ويندي ٻين سرڪاري کاتن ۾ ٻين صوبن جي عورتن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن ۽ اسان جي سنڌ جي عورتن جو حق ٻين صوبن جي عورتن کي ڏنو پيو وڃي،
اڄ جيڪڏهن اسان جون نياڻيون پڙهيل لکيل هجن ها ته   ڪنهن ٻئي صوبي جي عورتن کي سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ڀرتي نه ڪيو وڃي ها. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي سنڌ جون عورتون ۽ مرد ڄڻ ته تمام گهڻو پوئتي رهيل آهن. هن جديد سائنسي دور ۾ به سنڌ جون نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان تمام گهڻو پري آهن. ان ڪري ضروري آهي ته اسان سنڌجي نياڻين کي جديد تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، جيئن اهي جديد دور ۾ تعليم زيور  کان محروم نه رهن. هونئن ته سنڌ اسيمبلي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا آهن  پر انهن تي عملي طور ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ايتري قدر جو سياسي پارٽيون به نياڻين  کي تعليم ڏيارڻ لاءِ  وڏا اعلان ڪنديون آهن پر افسوس جو اهي اعلان رڳو اعلان ئي رهجي ويندا آهن،
جيڪڏهن  سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي ۽ نياڻين جي تعليم سڄي سنڌ ۾ مفت ڪئي وڃي ته  والدين کي به اها سهولت فراهم ٿيندي جو اهي  انهن کي نياڻين جي تعليم تي پئسا خرچ نه ڪرڻا پوندا، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن  سنڌ سرڪار چاهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار واقعي نياڻين جي تعليم لاءِ سنجيده آهي ته پوءِ سرڪار کي سڄي سنڌ ۾  هڪ مهم شروع ڪرڻي پوندي، جنهن جي ذريعي سنڌجي نياڻين کي مفت ڪتاب ۽ مفت تعليم ڏيڻي پوندي ۽ ايتري قدر جيئن پوليو مهم دوران پوليس ۽ فوج کي گڏ کڻي گهر گهر پڇيو ويندو ته پوليو جا ڦرا پياريا ويا آهن يا نه، اهڙي طرح گهر گهر پڇڻو پوندو ته اوهان پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري رهيا آهيو يا نه؟ جيڪو  شخص پنهنجي نياڻين کي نٿو پياري اڳ ۾ ان جو ڪارڻ معلوم ڪيو وڃي ۽ اهو مسئلو حل ڪيو وڃي، جيڪڏهن پوءِ به اهو پنهنجي نياڻي کي نٿو پڙهائي ته پوءِ ان خلاف  سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن حڪومت ايئن نٿي ڪري ته پوءِ اهو اسان پڪ سان چئي سگهون ٿا ته حڪومت به نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکڻ  چاهي ٿي.


No comments:

Post a Comment