Pages

Sunday 29 April 2018

نواز ليگ جي ڇهين بجيٽ، عوام کي ڇا ڏنو، ڇا ورتو؟





صاحب خان ڀٽي


مسلم ليگ (ن) وڏن لوڏن کي برداشت ڪندي آخر ڪار  بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، ان کان اڳ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو پيپلزپارٽي بينظير جي شهادت کان پوءِ جيڪا حڪومت ماڻي هئي، ان به پنهنجي بجيٽ پيش ڪئي هئي پر ان وقت سندس آڏو ڏکيائون پيدا ڪندڙ جماعت نواز ليگ هئي ۽ نوازشريف جي عدالت ۾ وڃڻ سبب پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي به عهدي تان هٿ ڌوئي نااهل ٿيڻو پيو هو پر هن ڀيري پيپلزپارٽي نوازشريف جي پٺيان اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، جنهن سان  نوازشريف ۽ سندس  حڪومت کي نقصان پهچي سگهي  ها، اهو سڀ ڪجهه رڳو هڪ ئي پارٽي جي ڪري ٿيو  آهي، اهو  ڪريڊٽ رڳو تحريڪ انصاف ڏانهن ئي وڃي ٿو، جنهن  نه ڏينهن ڏٺو  ۽ نه ئي رات ڏٺي، رڳو نواز ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ سموريون  صلاحتيون استعمال ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته  نوازشريف  پاڻ کي نظرياتي اڳواڻ سڏائيندي پنهنجي وزارت عظميٰ جي عهدي تان هٽي اچي گهر ويٺو، جنهن کان پوءِ کيس پارٽي جي صدارت تان به هٿ ڌوئڻا پيا ۽ هاڻ لڳي پيو ته کيس جيل جي هوا به کائڻي پئي،

 بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائندو ته نوازشريف جيل ويندو يا وري نااهلي کان بچڻ لاءِ ڪو ٻيو در کڙڪائيندو. جيئن ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  ٻن حڪومت پنهنجو مدو پورو  ڪيو  آهي، مطلب ته  پيپلزپارٽي پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ هاڻ  نواز ليگ به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي، پنهنجي آخري بجيٽ به پيش ڪري ڇڏي آهي.  جيڪا هن ملڪ جي تاريخ ۾ جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ آهي پر اها جمهوريت  آهي به يا نه؟ سمجهه ۾ نه پيو اچي، ڇاڪاڻ ته جنهن پارٽي جي حڪومت آهي، ان  پارٽي جو وزيراعظم نااهل ٿي گهر هليو ويو ۽ صدر به تبديل ٿي ويو آهي.  حڪومت نئين مالي سال 2018-2019 ع جي 59 کرب رپين جي ماليت جي بجيٽ پيش ڪري  ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ کير، ڪينسر جون دوائون، زرعي شيون،ڀاڻ سستو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سگريٽ، موبائل ۽ سينگار جو سامان مهانگا ڪيا ويا آهن. جيئن ته عوام کي اميد هئي ته هن سال شايد کين رليف ملندو ۽  نواز ليگ جي هن آخري بجيٽ ۾ کين  ماضي جي ڀيٽ ۾ ٽيڪس فري بجيٽ ملندي پر هن بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر مفتاح اسماعيل کي وفاقي وزير جو درجو ڏيڻ تي بجيٽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان موقعي  تي مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ کان سواءِ حڪومت هڪ ڏينهن به نٿي هلي سگهي، ان کان سواءِ حڪومت ڪاروهنوار نٿي هلائي سگهي.  مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته مئي 2013ع ۾ حڪومت آئي ۽ معيشت جي بهتري جي لاءِ پروگرام ڏنو، نواز شريف جي قيادت ۾ انهن چيلينجن کي منهن ڏنو، پنج سالن ۾ سخت محنت ڪئي، ڏکيا فيصلا ڪيا، ذاتي مفادن کي ترجيح ناهي ڏني. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته شرح نمو 5.79 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل 13 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ اڄ ملڪ دنيا جي 24هين وڏي معيشت آهي.

موجوده مالي سال ۾ مارچ تائين افراط زر جي شرح 3.8 سيڪڙو رهي، گذريل 5 سالن دوران ٽيڪس وصولين ۾ غير معمولي واڌ ٿي، زرعي قرضن جي وياج واري شرح ۾ به ڪافي گهٽتائي آئي آهي، قيمتن ۾ لاٿ ملڪ جي تاريخ ۾ نٿي ملي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين جولاءِ 2018ع کان سول، فوجي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف الائونس ڪئي وئي، سمورن پينشنرن جي لاءِ به 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، هائوس رينٽ الائونس ۾ به 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پينشن جي گهٽ ۾ گهٽ حد 6 هزار کان وڌائي 10 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، فيملي پينشن به 4500 کان وڌائي 7500 ڪئي وئي آهي، 75 سالن کان وڌيڪ عمر جي پينشنرن لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسٽاف، ڪار ڊرائيور، ڊسپيچ رائيڊرز جي لاءِ اوور ٽائم الائونس 40 سيڪڙو في ڪلاڪ کان وڌائي 80 رپيا في ڪلاڪ هوندي.

آخرڪار  نواز ليگ سرڪار  ڇهين بجيٽ پيش ڪري ملڪي تاريخ هڪ ٻيو بابت قائم ڪري ڇڏيو آهي، هڪڙو پيپلزپارٽي قائم ڪيو ۽ ٻيو نواز ليگ قائم ڪيو آهي ۽ انهن ٻنهي پارٽين جا وزيراعظم نااهل ٿيا، بس فرق ايترو هو، جو  نواز ليگ جو وزيراعظم تاحيات نااهل ٿيو ۽ پيپلزپارٽي  جو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنج سالن لاءِ نااهل ٿيو هو.  پر  هاڻ جڏهن نواز ليگ  ڇهين بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي ته ٻيون سياسي جماعتون رڙيون ڪري رهيون آهن ته ايندڙ حڪومت رڳو 4 بجيٽ پيش ڪري  سگهنديون، نوازليگ کي هي بجيٽ پيش نه ڪرڻ گهرجي ها.

هن بجيٽ تي  سياسي پارٽين پاران  ايتري خاص تنقيد به نه ڪئي وئي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته نواز ليگ هن ڀيري سياسي پارٽين  جي اعتماد جوڳي بجيٽ پيش ڪئي آهي پر  جيڪڏهن ڏٺو وڃي  ته هن بجيٽ کان اڳ کير، پيٽرول ۽ ٻيو سامان مهانگو ڪيو  ويو ۽ کير اڄ پيٽرول کان به مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، ان  جو  به سڀ کان  وڏو ڪارڻ حڪومت ئي آهي، جيڪڏهن حڪمت ان تي  ڪو خاص ڌيان ڏئي ها ته اڄ  ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ٻين شين تي ايترا ٽيڪس لاڳو نه ڪيا وڃن ها ۽ نه ئي  ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو هجي ها. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ئي اوگرا پيٽروليم جي شين جي اگهن  ۾ واڌ جي تجويز ڏني هئي، جنهن مان لڳي رهيو آهيي ته حڪومت نٿي چاهي  ته عوام کي خاص رليف ملڻ گهرجي،

جيڪڏهن عوام کي رليف ڏيڻو هجي ها ته پيٽرول جي شين جي اگهن کي گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ها. بهرحال هن ملڪ جيڪا به ساسي پارٽي آهي، ان رڳو عوام مٿان ٽيڪس ئي لاڳو ڪيا آهن، جنهن سبب اڄ  موبائل فون سروس  کان ويندي ٻين ڪيترين شين تي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ 100 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس ڏيون ٿا، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ملڪي قرض آهن، جيڪي حڪمران قرض وٺن ٿا، اهي ملڪ جا سڄڻ نه  پر دشمن هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي به قرض ورتا  ويا آهن، انهن جو لاڀ هن وقت تائين عوام کي نه ملي سگهيو آهي، جنهن کي ڏسون  ٿا  انهن جي دولت پرڏيهه ۾ آهي، ڪيترائي صدر ۽ وزيراعظم آيا  ۽ ويا، پر هن ملڪ ۾ انهن اهڙو ڪو به خاص ڪم نه ڪيو، جنهن ۾ انهن جو نالو سنهري اکرن ۾ لکيو وڃي پر هن ملڪ ۾ اهڙا کوڙ سارا حڪمران ۽ ڊڪٽيٽر آيا جيڪي تاريخ جي ورقن ۾  هڪ بدنما داغ بڻجي ويا،  جن خلاف هن وقت به عوام ڳالهائي رهيو آهي. جيڪي ياد ته ايندا آهن پر اهي همدردي يا سٺي ڪمن ڪرڻ جي ڪري ياد نه ايندا آهن پر ملڪي  ۽ عوام کي نقصان پهچائڻ  جي ڪري ياد ڪيا ويا آهن.

بهرحال اسان  نوازليگ جي ڇهين بجيٽ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته نوازشريف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ  ڪراچي ۾ جن دهشتگردن جو راڄ هو، انهن کي فرشتن ڌوئي صاف ڪري وهنجاري ڇڏيو هاڻ اهي خاموش آهي ۽ ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي، اهو امن ايستائين قائم رهندو، جيستائين فرشتا چاهيندا،  ان کانپوءِ نواز ليگ جي حڪومت ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو، جيڪوبه رڳو پنجاب تائين محدود رهيو ۽ ڊيم به ٺاهيا ويا ته رڳو هڪ صوبي ۾ ئي باقي ٻيا صوبا پاڻي جي ڌڪ لاءِ ترسي رهيا آهن. اڄ تائين وفاقي سرڪار  سنڌ اندر درياهن جا ڪپر به مضبوط نه ڪرائي سگهي آهي، ان مان صاف ظاهر ئي آهي ته وفاقي سرڪار رڳو هڪ ئي صوبي تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

جيئن ته ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو هو ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ گهر، موٽر سائيڪل خريدڻ جي لاءِ ايڊوانس جي مد ۾ 12 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، سينيئر آفيسرز لاءِ  پرفارمنس الائونس جي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اقي حڪومت گهرو وزارت جي گڏيل طور تي 59 جاري ۽ 71 نون منصوبن جي لاءِ 24 ارب 20 ڪروڙ 70 لک رپين جي ترقياتي بجيٽ مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. 59 جاري نون منصوبن جي لاءِ 12 ارب 52 ڪروڙ 76 لک رپيا جڏهن ته 71 نون منصوبن جي لاءِ 11 ارب 20 ڪروڙ 70 لک رپيا مختص ڪرڻ ۽ سول ايوي ايشن ڊويزن جي ڪل 13 منصوبن جي لاءِ 4 ارب 67 ڪروڙ 74 لک 87 هزار رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. 

بجيٽ ۾  فاٽا جي لاءِ 24.5 ارب رپيا مختص ڪرڻ ۽ فاٽا کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ 100 ارب رپين جو خاص پروگرام به شامل ڪيو ويو آهي. نئين بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ وزير اعظم جي مختلف اسڪيمن جي لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، جڏهن ته حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 19 جاري ۽ 11 نون منصوبن جي لاءِ گڏيل طور تي 1 ارب 66 ڪروڙ رپين جي بجيٽ مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. بهرحال اها خوشي جي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو لولي لنگڙي جمهوريت قائم آهي، ڀلي اها مٿان کان حڪم ڇو نه وٺندي هجي، جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوري اهڙي ريت قائم رهي ته مستقبل ۾ جمهوريت اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندي پر جمهوريت جو اهو مقصد نه آهي ته عوام مٿان ٽيڪسن جو بار وڌو وڃي پر جمهوريت جو مقصد ، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ انهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ  حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ۽ جمهوري دور ۾ راءِ جي اظهار جي مڪمل آزادي حاصل هوندي آهي.

03213631398

sahibalisindhi@gmail.com







No comments:

Post a Comment