Pages

Monday 30 April 2018

پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل سنڌ


صاحب خان ڀٽي


گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ پرڏيهين جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي پر ان عمل کي روڪڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، مختلف اين جي اوز ۽ پاڻ کي سياسي سماجي ورڪر سڏرائيندڙ ماڻهو انسانيت جي خدمت جو ڪارڻ ڄاڻائي پرڏيهين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، اهو سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ ڪروڙين غير ملڪي آباد آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، خبر ئي نٿي پئي ته اخر اهي پرڏيهي سمنڊ ۽  سرحد پار ڪري اچي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪيئن پهچي رهيا آهن ۽ آخر اها ڪهڙي قوت آهي، جيڪا انهن کي سرحد پار ڪرائي اچي شهرن ۾ آباد ڪري رهي آهي، ايتري قدر جو اهي طاقتون انهن پرڏيهن کي سڃاڻپ ڪارڊ  جاري ڪرڻ ۾ به سڀ کان اڳڀريون آهن، جيئن ته نادرا ملڪ جو حساس ادارو آهي پر ان حساس اداري به ملڪي سلامتي داءُ تي لڳائي ڇڏائي آهي، پرڏيهين کي ڪارڊ جاري ڪري الائي ته اهو حساس ادارو ملڪ جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيو آهي، ٻين ملڪن ۾ اختياريون ڌارين کي سرحدن تي ڪئمپن ۾ رکنديون آهن ته جيئن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو نه لڳي سگهي پر هن ملڪ ۾ ڌارين کي آباد ڪري ملڪ جي اصلوڪن وارثن کي يرغمال بڻايو پيو وڃي ۽ انهن جي حقن کي ڦٻايو پيو وڃي. اڄ ملڪ اندر بي روزگاري، بک بدحالي عروج تي آهي پر اسان جا حڪمران ووٽ  جي لالچ ۾ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري رهيا آهن.  
ڪراچي کان ويندي نادرا جون جيڪي به آفيسون سنڌ ۾ موجود آهن، اتي ڌارين کي سڃاڻپ جاري ڪرڻ هڪ حڪمت عملي تحت ڏينهن رات افغانين، برمين، بنگالين، بهارين ۽ ٻين غير ملڪين جا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان سنڌ جا ساڃاهه وند به سراپا احتجاج بڻيل آهن پر افسوس جو حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت پاڻ ئي راضي آهي ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن.  هن ملڪ کان علاوه ٻين ملڪن ۾ سرحدن کي ان ڪري محفوظ ڪيو ويندو آهي ته متان غيرملڪي ملڪ اندر داخل ٿي وڃن، ان جو سڀ کان وڏو مثال سعودي عرب ۽ ايران به آهي، جتي اگر ڪو غير ملڪي غير قانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان کي گولين جو نشانو بڻايو  ويندو آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو پاڪستاني سعودي عرب ويزا جي تاريخ ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهيو ته ان کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو آهي،
اڄ به هزاري پاڪستاني سعودي عرب جي جيلن سميت دنيا جي مخلتف جيلن ۾ قيد آهن ،  اتي انهن ملڪن کي مسلمانيت ۽ انسانيت ياد نه اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن کي اڳ ۾ پنهنجي ملڪ جو عوام سڀ کان وڌيڪ عزيز ۽  پيارو آهي ۽ اهي پنهنجي عوام جي حقن جو خاص خيال رکندا آهن پر هن ملڪ جيڪڏهن ڪير غير ملڪين کي آباد ڪارڻ  خلاف آواز اٿاري ٿو ته ان جو آواز کي بند ڪيو وڃي ٿو، آخر ڪيستائين اهو سلسلو جاري رهندو.  ٻين ملڪن کي ڌارين کي ملڪ آباد ڪندڙ غدار چورائبو آهي ۽ غير ملڪي کي پناهه  ڏيندڙ کي به غدار سڏيو ويندو آهي پر هتي حڪمران نه رڳو ڌارين کي آباد ڪندا آهن پر انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ جو حق ڏئي ملڪ جي وارثن حق کسيا پيا وڃن. اهو سلسلو اُن ڪري جاري آهي ته ڪجهه ڌريون سنڌ ۾ امن ڏسڻ نه ٿيون چاهين ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ڪري سنڌ جي بندرگاهه سميت ٻين وسيلن تي پنهنجو قبضو برقرار لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهيون آهن.
هن وقت سڄي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر سنڌ سرڪار ۽ وفاق ان تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي ڳٺ جوڙ سبب ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ غيرملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪيا وڃن ها ته اڄ هن ملڪ اندر بي روزگاري، بک ۽ بدحالي نه هجي ها. جڏهن پاڪستان  ٺهي رهيو ته ان وقت سڀ کان اڳ سنڌين ان جي حمايت ڪئي هئي ۽ پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو پر افسوس جو پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ جڏهن  ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت هڪ منظم سازش تحت ڌارين کي رڳو  هڪ صوبي ۾ ترسايو ويو ۽ اهو سلسلو  هن وقت به جاري ساري آهي. افغانستان ۾ آمريڪا حملو ڪيو ته انسانيت جي همدردي طور حڪمرانن افغانين کي رڳو سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو، جنهن سبب اڄ سنڌ مذهبي جنونيت جي ور چڙهي ويا آهن ۽ صوفين جي هيءُ ڌرتي اڄ باهه ۾ ٻري رهي آهي، ڪڏهن مسجدن ۾ ڌماڪا ته ڪڏهن امام بارگاهن ۾ ڌماڪا ڪيا  پيا وڃن، جيڪي دهشتگرد اڳ افغانستان ۾ هوندا هئا، اهي ا ڄ سنڌ اندر پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي  مذهب جي نالي تي گمراهه ڪري رهيا آهن،
جيڪڏهن سنڌ حڪومت اُن وقت خاص ڌيان ڏئي ها ۽ افغانين کي سنڌ ۾ نه ترسائي ها ته اڄ سنڌ اندر اها انارڪي نه پکڙجي ها. بهرحال  ملڪ جي حساس ادارا پاران ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ  هڪ ڏکوئيندڙ ۽ حقن کي لتاڙيندڙ عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، جيڪو ڪم سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌريون ڪري رهيون آهن، اهو ڪم هتان جي  حڪمران جماعت کي ڪرڻ گهرجي ها پر اها جماعت خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڪجهه  ماڻهو کي مذهبي سڏرائي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن جن جو چوڻ آهي ته مسلمان، مسلمان ڀائرن جو مدد ڪندو آهي ۽ اهو سبب آهي جو اڄ اهي ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري پنهنجو فرض پوري ڪري رهيا آهن.  انهن مذهبي ماڻهن کان سوال آهي ته جيڪڏهن مسلمانن جو ايڏو خيال آهي ته انهن  سمورن غير ملڪي مسلمانن کي اوهان وڃي سعودي عرب ۾ ڇو نٿا آباد ڪيو، آخر ڇو  رڳوسنڌ ئي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو ٺيڪو آهي؟  اوهان سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ بدران پبنجاب ۽ٻين صوبن کي بڻائي سگهو ٿا.
  سنڌ  ۾ انسانيت جي همدردي طور جن  به ماڻهن کي ترسايو ويو ، اهي سنڌ جا دشمن بڻجي ويا ۽ انهن سنڌ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو، اڄ اهي ماڻهو سنڌ تي بار بڻجي  چڪا آهن ۽ سنڌ جي روزگار تي قابض آهن. دنيا جي ڪنهن به ملڪي ۾ ايئن نه ٿيندو آهي ته  ملڪ جي اصلوڪن وارثن کي ڇڏي  غيرملڪين کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن.  هتان جي حڪمرانن پئسن جي لالچ ۾ ملڪ کي اهڙو ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي،  جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي.  دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اڳ ۾ ملڪي اصلوڪن وارثن کي نوڪريون ڏينديون ۽  غيرملڪين کي ووٽ  ڏيڻ  جو حق به نه آهي پر هن ملڪ ۾ افغاني به  ووٽ ڏئي رهيا آهن ته بنگالي به ته بهاري به، مطلب ته جيڪي به ڌاري لوڌ آهي،  انهن جا  سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي انهن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي،جيڪو هن ملڪ  کي ٺاهيندڙن سان ناانصافي ۽ ملڪ سان غداري برابر آهي، اها انسانيت جي خدمت نه پر ملڪ کي تباهه ڪرڻ برابر آهي، جنهن ڪري اهو سلسلو   هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ملڪ جي  اصل وارثن کي هاڻ انصاف ملڻ گهرجي

No comments:

Post a Comment