Pages

Thursday 29 October 2020

سنڌ جي وسيلن جي نيلامي ۽ ڦرلٽ

صاحب خان ڀٽي

سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، جنهن کي  مالڪ قدرتي وسيلن  سان مالا مال ڪيو آهي، جنهن سبب سنڌ جي دشمنن جون نظرون  سنڌ جي وسيلن  تي رهنديون آهن، پيٽرول، گئس ۽ ڪوئلو تي به اختيار رڳو وفاق جو آهي، 1973ع کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي به سنڌ جي وسيلن تي خاموش آهي، سنڌ جا ٻيٽ توڙي زميون وڪرو ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي، سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ حڪمران قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ شامل رهيا آهن، ڪڏهن ٻٽو نظام ته ڪڏهن وري ڪراچي ڪميٽي جهڙيون سازشون به اسان کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن جا تحفا آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ  کي ڪالوني بڻايو ويو آهي ۽ ان ڪالوني جو سردار هڪ سياسي ٽولي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو هر وقت سنڌ سان ٿيل سازشن تي خاموش رهي ٿو، هونئن ته ٻيٽن تي قبضي جي شروعات اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي  دور کان شروع ٿي وئي هئي، پر ان کي عملي جامو پرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار اين او سي جاري ڪئي، جڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ٿي ويو ۽ هٿياربند جٿو مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌي قوم جي هٿيارن جي زور تي رستا روڪ ڪئي وئي ته ان وقت لڳو ته واقعي پاڻ کي سنڌي سڏرائي ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪندڙن ئي سنڌي قوم سان ايڏي وڏي زيادتي ڪئي آهي، سنڌي قوم جي سخت احتجاج کانپوءِ پيپلزپارٽي اين او سي ته واپس وٺي ڇڏي پر سندن ٻيٽن تي وڏا شهر اڏڻ وارا بيان اڄ به رڪارڊ تي آهن، سڀني کي خبر آهي ته جڏهن ٻيٽن تي وڏا شهر ٺهيا ته سنڌ حڪومت جو ان تي ڪو به اختيار نه رهندو، ايتري قدر جو سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ سنڌين سان فلسطينن کان برو حشر ٿيندو، جڏهن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻيٽن واري معاملي تي يوٽرن ورتو ۽ سنڌي قوم جي احتجاج تي ٻيٽن تي کيس بيان ڏيڻو پيو، ان وقت انهن وزيرن کي ڪجهه محسوس ضرور ڪرڻ گهرجي ها ته سندن پارٽي جو سربراهه ٻيٽن تي والار خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ۽ هو سڄو ڏينهن چينل تي ويهي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري معاملي کي سنڌي قوم جي ترقي جا راڳ الاپي رهيا هئا.

1973ع کان اقتدار  ۾ رهندڙ   سنڌ جا حڪمران بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽  ٻين سنڌ دشمن رٿائن جا حامي بڻيل رهيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ جي سون  جهڙي زمين کي  ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪيو ويو، جڏهن سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ته ان وقت  سنڌ جي حڪمرانن جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون، پر جڏهن سپريم ڪورٽ بحريان ٽائون کان 4 سئو کان وڌيڪ ارب وصول ڪيا ته ان وقت سنڌ جي حڪمرانن جي پيٽ ۾ سور پئجي ويو ته اهي سنڌ جا پئسا آهن، سپريم ڪورٽ کي گهرجي ها ته سستي زمين وڪرو ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ها ته خبر پئجي وڃي ها ته بلڊر مافيا  تي ڪير مهربان ٿي رهيو آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي سنڌي وسنديون ڊاٿيون پيون وڃن، اهي به سنڌ جي حڪمرانن جي آشير وارد سان ڊاهيون پيون وڃن، نه ته ٻئي کي ڪهڙي همت ته ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪري. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ افغانين جون وڏيون وڏيون بستيون قائم آهن، جتي سيڪيورٽي ادارن جي وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڪراچي ۾  اڪثر دهشتگرد ڪاررواين ۾ به اهي افغاني شهري ملوث هوندا  آهن،  ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي افغاني شهرين قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن کي پوليس ختم ڪرائڻ لاءِ پهتي ته پوليس اهلڪارن مٿان پٿرن جو وسڪارو ڪيو ويو، ايتري قدر جو ان  ويڊيو ۾  پوليس جي موبائل وينن  کي نقصان پهچايو پيو وڃي، پوليس اهلڪارن کي ڀڄندي ڏسي سگهجي ٿو، افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن به سنڌي پنهنجي  حقن لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته اهي ئي اهلڪار سڌيون گوليون هلائيندا آهن، ڪراچي  ۾ فيڪٽرين مان بي دخل  ٿيل پورهيت جڏهن احتجاج ڪن ته اهي ئي پوليس اهلڪار انهن تي ايئن تشدد ڪندا آهن، جيئن اسرائيلي فوج فلسطينن تي ڪندي آهي، جڏهن سنڌي ڳوٺن کي ڊاٿيو ويندو آهي ته اهي ئي سيڪيورٽي ادارا هوائي فائرنگ به ڪندا آهن، شيلنگ به ڪندا آهن،  رڳو ڪراچي نه پر سکر تائين سنڌين کي بي گهر ڪري انهن کان روزگار کسيو پيو وڃي ته جيئن سنڌي قوم پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهي ۽ هو پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃن، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪراچي، سکر، دادو، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ رڳو سنڌين جا گهر ڇو پيا ڊاٿيا پيا وڃن، افغاني، بنگالي، بيهاري، پنجابي ۽ پٺاڻن جا گهر ڇو نه پيا ڊاٿيا وڃن، سنڌ جا وارث اسان سنڌي آهيون يا وري  اهي ڌاريا آهن، پيپلزپارٽي سنڌين  کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ته اهڙيون سازشون نه ٿيڻ گهرجن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فلسطينن ۽  ڪشميرين سان به ايترو ظلم نه ٿيو هوندو، جيترو سنڌي قوم سان ٿي رهيو آهي، فلسطين  ۽ ڪشمير ۾ ماڻهن کي  کنڀي گم ڪرڻ جون خبرون اسان ڪڏهن به ناهن ٻڌيون، نه ئي انهن جو ڪو ليڊر کنڀيو ويو آهي نه ئي وري انهن ئي جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو هو پر سنڌ ۾ ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال آهي، ڪيترن ئي شاگردن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هيل تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، ڪراچي مان ٻن ڀائرن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ڪو به ادارو انهن بابت ٻڌائڻ وارو نه آهي، کنڀي گم ڪيل نوجوانن ۽ شاگردن جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، جيڪڏهن ڪو قومپرست ٻيٽن تي غيرقانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري ته انهن تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، آخر سنڌ سان ايترو ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي، وسيلن تي هونئن به وفاق جو قبضو آهي، جن علائقن مان تيل، گئس ۽ ڪوئلو نڪري ٿو، اتان جي ماڻهن سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، اها سڀني کي خبر آهي، مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻين صوبن کي ڏنو پيو وڃي، گئس سنڌ مان نڪري ٿي پر سنڌين کي نٿي ڏني وڃي، بجلي سنڌ ۾ ٺاهي وڃي ٿي پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ اسان وٽ ئي ٿئي ٿي. سنڌي شاگردن کي يونيورسٽين ۾ داخلائون ڏيڻ بدران پنجاب، خيبرپختونواهه ۽ افغانستان جي ماڻهن کي داخلائون ڏنيون پيون وڃن، ڪراچي يونيورسٽي کان ويندي ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جيئن ڀارتي ڪشميرين سان ڪندا آهن، سنڌي شاگردن کي هاسٽلز مان بي دخل ڪرڻ  ۽ داخلائون ڏيڻ وارن معاملن تي به  تعليم کاتي وارو وزير خاموش تماشائي بڻيل آهي، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي شاگرد جا احتجاج نظر نه پيا اچن، ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌي شاگرد احتجاج تي ويٺل هئا ته ڪو به پيپلزپارٽي جو وزير سندن وٽ لڙي نه ويو، ڇا اهڙن حڪمرانن کي حڪمراني ڪرڻ گهرجي، جن کي سنڌي قوم جي ڪا ڳڻتي نه هجي، روز ڌارين کي خوش ڪرڻ ۾ لڳيا پيا هجن، ڌارين جو گٽر به بند ٿي وڃي ته سنڌ جو وڏي وزير آڌي رات جو روڊن تي اچي وڃي ٿو، پر جڏهن سنڌ جون نياڻيون پنهنجن پيارن لاءِ احتجاج ڪن ته وڏي وزير جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، ڌارين جي گهرن ۾ پاڻي نه اچي ته وڏو وزير فوري نوٽيس وٺي ٿو پر سنڌ جا آبادگار پاڻي نه هئڻ لاءِ ڪافي عرصي کان  سراپا احتجاج بڻيل آهن پر  سنڌ جي حڪمرانن کي اهو نظر نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته انهن جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، اها پٽي جڏهن کلندي آهي، جڏهن اهي اقتدار کان ٻاهر هوندا آهن يا وري  کين جيل وڌو ويندو آهي، ان وقت انهن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ٿيل زيادتيون ياد اينديون آهن.

ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جڏهن کان شروع ٿي آهي،  تنهن ڏينهن کان  ٿر جي سونهن متاثر ٿيڻ لڳي آهي، مور پکي، هرڻ ۽ ٻيا جانور گهٽجندا پيا وڃن، ايتري قدر جو ٿر جا ماڻهو لنگهه بند ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر حڪومت چئي رهي آهي ته ٿر جي ماڻهن کي روزگار  سان گڏ انهن کي معاوضو به ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن   انهن کي مناسب معاوضو ۽ روزگار ملي وڃي  ها ته اهي اڄ ڇو دربدر آهن، احتجاج ڇو ڪري رهيا آهن،  ٿر ۾ ڳوٺاڻا ٿر ڪمپنين پاران روڊ رستا بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته ڪراچي ۾ وري بحريا ٽائون جي ظلم خلاف  ڳوٺاڻا دانهون ڪري رهيا آهن پر مجال جو سنڌ جي حڪمرانن تي انهن جي دانهن پهچي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٿر جي سونهن ڪارونجهر جبل  جي مائننگ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اها اجازت ڪنهن ٻئي نه پر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏني آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪارونجهر جي جبل جو پٿر ڪوئلي جي ڪمپنين جي روڊن ۽ ڊئمن تي استعمال ٿي رهيو آهي، ڪارونجهر جبل مقامي ماڻهن جي مٺي پاڻي جو واحد ذريعوآهي، پري پري کان ماڻهو ڪارونجهر جي سونهن ڏسڻ لاءِ ايندا آهن پر افسوس جو حڪومت تفريح ماڳن کي بچائڻ بدران انهن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي، سنڌ جي ٻيٽن کي به تفريح ماڳن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان ته قوم سان واعدو ڪيو هو ته ملڪ تفريح ماڳن کي هٿي وٺرائي ويندي پر سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جي ٻيلن کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻ قدرتي سونهن کي به مٽائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ٻيٽن تي قبضِي کانپوءِ  ڪارونجهر رينج جي ڪ لک 50 هزاري ايڪڙ ايراضي ۾ رينائيٽ پٿر جي کوٽائي  جي اجازت ڏيڻ وڏي زيادتي آهي. ايتري قدر جو ٿرپارڪر ضلعي ۾ گرينائيٽ ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي ، مطلب ته ٿر جي ماروئڙن تي اڃا وڏيون مشڪلاتون اچڻ واريون آهن، سنڌ جي ساڃاهه وندن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي پر ان باوجود سنڌ سرڪار ان معاملي کي سنجيدگي سان نه پئي وٺي.جيئن ته ڪارونجهر جبل اثاثو  آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي قوم جدوجهد جو اعلان ڪيو آهي پر  انهيءَ جدوجهد جو  سنڌ سرڪار تي ڪو اثر پوندو يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائندو، جيئن سنڌ جي ٻيٽن  واري معاملي تي سنڌ جي حڪمرانن کي يوٽرن وٺڻو پيو هو. هن وقت روحاني پيشوا سائين پيرپاڳاري کي ئي ميدان تي لهڻو پوندو ، قومپرست ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ کي روڪرائڻو پوندو، هن وقت سنڌ نازڪ صورتحال کان گذري رهي آهي، روز ڪو نه ڪو سنڌ دشمن فيصلو سامهون اچي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت ڪو قومپرستن کي متحد ڪري سگهي ٿو، ته اهو پير سائين پاڳارو ئي آهي، سنڌي قوم سان زيادتيون وڌيون ويون آهن، جيئن وفاقي سرڪار خلاف پي ڊي ايم ٺهي آهي، ايئن فنڪشنل ليگ هڪ اتحاد جوڙي، جنهن ۾ سمورين قومپرست ڌرين کي شامل ڪيو وڃي ۽ مڪاني چونڊن ۾ ان جو سنڌ سان زيادتيون ڪندڙ حڪمرانن کي جواب ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ خوشحال ٿي سگهي ۽ سنڌي قوم کي پنهنجا حق ملي سگهن.


No comments:

Post a Comment