Pages

Friday, 11 December 2020

اپوزيشن جي استعيفائن سان ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري کانپوءِ عوام تبديلي سرڪار کان مايوس ٿي ويو آهي، تبديلي سرڪار نوڪريون ڏيڻ بدران اسٽيل ملز سميت ٻين ڪيترن ئي سرڪاري ادارن مان ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عوام جو سخت رد عمل اچڻ جا امڪان وڌي ويا هن ۽ سڄي ملڪ جي عوام جون نظرون هاڻ پي ڊي ايم تي آهن، جنهن سبب تبديلي سرڪار به بوکلاهٽ جو شڪار نظر اچي رهي آهي، وزيرن جا بار بار کاتا تبديل ڪرڻ به ان جي هڪ ڪڙي آهي، لاهور واري جلسي کي روڪڻ وارين ڪوششن مان نظر اچي رهيو آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن کان خوفزده ٿي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وئي آهي پر افسوس جو اپوزيشن عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ بدران سليڪٽر سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا ڳالهه تبديلي سرڪار کي پسند نه آهي، وزيراعظم عمران خان بار بار چئي رهيو آهي ته هو اين آر او ڪنهن کي نه ڏيندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اپوزيشن کي اين آر او وٺڻ هجي ها ته نوازشريف عسڪري قيادت جا نالا نه کڻي ها ۽ حڪومت سان سڌيون ڳالهيون ڪيون وڃن ها پر هتي ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو موقف سامهون آيو آهي، اپوزيشن مان هڪ جماعت مسلم ليگ ن جي انهيءَ نعري کي مقبوليت به ملي آهي ۽ پنجاب جو عوام مسلم ليگ ن کي ئي ووٽ ڏيندو، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ جيڪي به ترقياتي ڪم ٿيا آهن، اهي رڳو مسلم ليگ جي ڪري ئي ٿيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ جي گادي واري شهر ۾ هڪ دهشتگرد تنظيم جو راڄ هو، بدامني هئي، ڀتا خوري عروج تي پهتل هئي، پيپلزپارٽي پنج سال حڪومت ڪرڻ باوجود به انهن جو وار به ونگو نه ڪري سگهي هئي، پر جڏهن مسلم ليگ ن سربراهه ميان محمد نواز شريف جي حڪومت آئي، ڪراچي ۾  هڪ وڏي سياسي پارٽي  جي دهشتگردن کي لڪڻ جي جڳهه نه ملي، ايتري جو ڀتا خور به گم ٿي ويا، مسلم ليگ ن جي اهڙي عمل کانپوءِ ڪراچي جي شهرين جي دهشتگردن مان جند آجي ٿي پر انهن جا سرپرست اڃا به نظر ايندا رهندا آهن.

بهرحال هن وقت جيڪو نالي ماتر امن قائم ٿيو آهي، اهو به رڳو ميان محمد نوازشريف جي ڪري ئي ٿيو آهي ۽ ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي، ملڪي معشيت ۾ بهتري به نواز ليگ جي ڪوششن سان ٿي هئي پر تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ملڪ جي معيشت زوال پڻي جو شڪار ٿي وئي، ايتري قدر جو پاڪستان کان امداد وٺندڙ افغانستان جهڙو ملڪ به ترقي ڪري ويو، ان جي به معشيت اسان جي ملڪ کان بهتر ٿي وئي، بنگلاديش به ترقي ڪرڻ لڳو ۽ انڊسٽريون به کليون ۽ ماڻهن کي روزگار به مليو پر افسوس جو ٻن سالن دوران اسان جي ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو، ملڪ جي معشيت تباهه ٿي وئي، ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، وزيراعظم عمران خان جيڪو به اعلان ڪري ٿو، ڪم ان جي ابتڙ ئي ٿي رهيو آهي، عمران خان غريب ماڻهن کي اجها ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر هن پاڻ ئي گهرن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن جا گهر ڊاٿيا پيا وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته اهي غيرقانوني طور رهن پيا ۽ قبضا آهن، جيڪڏهن اهي قبضا ٿيل آهن ته پوءِ ڀارت، بنگلاديش ۽ افغانستان مان آيل لوڌ ڇا قانوني آهي؟ جنهن جي مهمانوازي ڪندي حڪومت ٿڪجي ئي نه پئي.

هن وقت مهانگائي، بيروزگاري،بک ۽ بدحالي جي ڪري عوام تبديلي سرڪار کان مڪمل طور  پريشان نظر اچي رهيو آهي، عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، غريب ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران بيروزگار ڪيو پيو وڃي، جڏهن تبديلي سرڪار جي حڪومت آئي، ان وقت وزيراعظم عمران خان چوندو هو ته عوام مون سان گڏ آهي، تمام جلد ملڪ ۾ ماڻهن کي نوڪريون ۽ روزگار فراهم ڪنداسين، ٻاهرن ملڪن مان به ماڻهو پاڪستان روزگار ڪرڻ ايندا پر جڏهن کان پي ڊي ايم جا جلسا شروع ٿيا آهن، تنهن ڏينهن کان وزيراعظم عمران خان چئي رهيو آهي ته  عسڪري قيادت ساڻس گڏ آهي، اپوزيشن عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، وزيراعظم عمران واضح لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته اپوزيشن ڪجهه به ڪري، حڪومت ڪا نه ويندي، ڌرڻن سان ڪو به فرق نه پوندو، جيڪڏهن واقعي ڌرڻن سان فرق نه پئي ها ته مسلم ليگ ن وڪيلن جي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي خلاف اسلام آباد ڏينهن رخ نه ڪري ها، نه ئي پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ها، ماضي جي حڪومتن ۾ سياسي پارٽين کي جلسا جلوس ڪرڻ کان نه روڪيو ويندو هو پر نئين پاڪستان ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي شيلنگ ڪئي ويندي آهي، جلسا ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، پراڻي پاڪستان جي جمهوريت ۽نئين پاڪستان جي جمهوريت ۾ اهو ئي فرق آهي، جيڪو اڄ نظر اچي رهيو آهي، حڪومت اپوزيشن کي جلسن کان  ثابت ڪري رهي آهي ته وٽن جمهوريت نالي ڪا به شيءَ نه آهي، جيڪڏهن حڪومت جمهوريت پسند هجي ها ته اپوزيشن  جي اڳواڻن جا بيان ميڊيا تي نشر ٿين ها، انهن تي پابندي  نه لڳائي وڃي ها، پر افسوس جو اڄ ڪلهه اپوزيشن جي اڳواڻن جا بيان سڌي ريت نشر نه ڪيا ويندا آهن، جن ماضي ۾ ڌرڻا هنيا، اهي اڄ چئي رهيا آهن ته پي ڊي ايم ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي رهي آهي، اهي لفظ آمريت جي دور ۾ ڳالهايا ويندا آهن ته جيئن جمهوريت پسند پنهنجو موقف عوام تائين نه پهچائي سگهن،  جمهوريت ۾ سياسي پارٽين کي پنهنجي سياسي قوت ڏيکارڻ جي مڪمل اجازت هوندي آهي، پر نئين پاڪستان جي ته تاريخ ئي الڳ لکي ويندي ته ڪيئن ملڪ جي معشيت کي تباهه ڪيو ويو، غريب ماڻهن تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي انهن کي پريشان ڪيو ويو، ايتري قدر جو انساني جانيون بچائيندڙ دوائن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريبن کان جيئڻ جو به حق کسيو ويو ۽ الزام وري ماضي جي حڪومتن تي لڳايو ويو، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي 10 سالن جي اقتداري دور ۾ ماحول خوشحال ٿي رهيا هئا پر ٻن سالن اندر ماڻهو پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڇا اهو سڀ ڪجهه ماضي جي حڪومت جي ڪري ٿيو آهي يا وري موجوده حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري ٿيو آهي، صاف ظاهر آهي ته موجوده حڪومت رڳو ماڻهن کي بيروزگار، بي گهر ڪرڻ ڄاڻائي ٿي، جنهن کي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي، هن وقت سنڌ جا ماڻهو پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ پريشان آهن، ڌارين جي لوڌ کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ عدالتون ۽ غريب ماڻهن جا گهر حددخليون ڄاڻائي ڊهرائڻ لاءِ عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪرائيندڙ وڪيل  به خاموش آهن.

اپوزيشن جماعتن کي به خبر آهي ته ملڪ جو واپاري طبقو توڙي غريب ماڻهو موجوده حڪومت جي پاليسين کان بيزار ٿي ويا آهن، تنهن جي ڪري هنن موجوده حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو بال عوام جي عدالت ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.  پي ڊي ايم جلسن ۾ عوامي سمنڊ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن، نئون سال عوام لاءِ  نيون اميدون کڻي ايندو، عوام ڪورونا وائرس جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پي ڊي ايم جي جلسن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، لاهور جي جلسي لاءِ به ماڻهو گهرن کان نڪر لاءِ تيار آهن، هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ملڪ ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جو اتحاد وڏي مضبوط طريقي سان ٿيو آهي، ملتان واري جلسي کي روڪڻ لاءِ به حڪومت نهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ۽ آخر ۾ کيس گوڏا کوڻڻا پيا ۽ اپوزيشن کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جي يو آءِ جي ڪارڪنن وڏي بهادري جو مظاهرو ڪيو، جنهن سبب هاڻ حڪومت کي مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي بدران جي يو آءِ ڳچيءَ  ۾ پئجي وئي آهي، ملتان واري جلسي ۾ حڪومت ڏاڍ جي ڪري جي يو آءِ جا ڪارڪن سراپا احتجاج بڻيل آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جي يو آءِ ئي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جيڪا جمهوريت پسند سياسي پارٽين کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، جيڪڏهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اها جدوجهد شروع نه ڪري ها ته اڄ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جا اڳواڻ جيلن۾ قيد هجن ها ۽ عدالتن ۾ حاضريون ڀرڻ ۾ رڌل اچن ها، پر مولانا فضل الرحمان سمورين پارٽين جو اتحاد جوڙي حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، مولانا اڳ ئي چئي ڇڏيو هو وٽن استعيفائن وارو  پلان به موجود آهي، ان حوالي سان پي ڊي ايم وارن حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت وفاق کي ڪيرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ مولانا فضل الرحمان به پيپلزپارٽي وارن سان بار بار ملاقاتون ڪري رهيو آهي، نواز ليگ جي ميمبرن به پنهنجون استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، ايتري قدر جو سنڌ ۾ به پ پ ايم اين ايز به پنهنجو پنهنجو استعيفائون پارٽي قيادت کي ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻ ماڻهن کي رڳو  پي ڊي ايم جي جلسن ۾ شرڪت جو انتظار آهي، وزيراعظم عمران خان اپوزيشن کي وزيراعظم هٽائڻ جو پارلياماني طريقو به ٻڌائي رهيو آهي، وزيراعظم عمران جي واتان جمهوريت جا لفظ ٻڌي افسوس ٿئي ٿو، جنهن وزيراعظم پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌ اسيمبلي جي ٺهرائن جو احترام نه ڪيو، اهو شخص اڄ جمهوري طريقي جي ڳالهه ڪيو آهي، سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي، جيڪا هن دنيا جي نقشي تي هڪ نئين ملڪ جي وجود جي حامي بڻي هئي، سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبلي هئي، جنهن پاڪستان کي ٺاهڻ جو ٺهراءَ پيش ڪيو هو، انهيءَ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران ٿڏي ڇڏي ۽ سنڌ جي ٻِيٽن تي وڏا شهر اڏي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو مشن جاري رکيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم عمران واقعي جمهوريت پسند هجي ها ته کيس سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ٻيٽن کي بچائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪورونا جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ به پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف روڊن تي آهن پر حڪومت طاقت جي نشي ۾ انڌي ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري اڏاوتي ڪم تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم وارن جو استعيفائن وارو فيصلو سٺو آهي پر جيڪا حڪومت اپوزيشن جي غيرموجودگي باوجود اسيمبلين مان پنهنجا من پسند بل منظور ڪرائي ڇڏي، ننڍن صوبن جا حق کائي وڃي، آءِ جي جي اغوا کي ڪجهه نه سمجهي، ان حڪومت تي استعيفائن جو ڪو به فرق نه پوندو، هن وقت عوامي طاقت ئي پي ڊي ايم جي سياسي طاقت آهي، اپوزيشن کي هر قدم سنڀالي کڻڻو پوندو، متان ڪٿي جمهوريت جي ٽرين پٽڙي تان لهي وڃي، هونئن به جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ  هر ممڪن ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته ٻن سالن دوران موجوده حڪمرانن اهڙو حشر ڪيو آهي، جنهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪيترائي سال لڳي ويندا.

No comments:

Post a Comment