Pages

Sunday 10 March 2019

اپوزيشن جي متحد ٿيڻ واري موسم

صاحب خان ڀٽي
جمهوريت ۾ اپوزيشن خلاف ڪارروايون نه ٿين ته ان کي جمهوريت چئي نه ٿو سگهجي، اهو ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته جيڪو به عرصو هن ملڪ ۾ جمهوريت رهي آهي، ان دور ۾ اپوزيشن خلاف  باهه ٻاري ان تي هٿ ضرور سيڪيا ويا  آهن، اسان پري نه وينداسين ته رڳو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ  وجود ۾ آيل  جمهوريت  پيپلزپارٽي کي اقتدار بخشيو پر  ان دور ۾ به شهيد بينظير ڀٽوجا قاتل وائکا نه ڪيا ويا ۽ نه ئي ذميوارن خلاف پيپلزپارٽي ڪي خاص قدم کنيا پر  ان دور ۾ مسلم ليگ ن ججن جي بحالي واري مهم دوران پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ڏنو ۽ پيپلزپارٽي خلاف احتجاج ڪيا ۽ عدالتن جو در به کڙڪايو ويو پر مفاهمت جي بادشاهه طور سڃاتو ويندڙ پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين اپوزيشن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ۽ عدالتن کي منهن ڏنو ۽ هڪ وزيراعظم جي نااهلي به برداشت ڪئي پر ان باوجود هميشه آصف علي زرداري مفاهمت جو دڳ اختيار ڪيو پر هاڻ ڳالهه مفاهمت کان وڌي وئي آهي ۽ ادارا ڪا به مفاهمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
اهو ئي سبب آهي جو  جنهن سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قيام جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هو ان جي اسپيڪر کي اسلام مان گرفتار ڪيو ويو، هڪ اهم عهدي تي رهندڙ شخص جي گرفتاري تي سڀ حيران ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ايم اين اي گرفتار ٿئي ها يا وري ڪو ٻيو وزير گرفتار ٿئي ها ته سمجهه ۾ اچي پيو پر  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري اهو واضح مثال آهي ته نيب جي توپن جو رخ مسلم ليگ ن کانپوءِ پيپلزپارٽي ڏانهن ٿي ويو آهي ۽ مفاهمت جا  سمورا در بند ٿي ويا آهن ۽ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سميت ٻيا  ڪيترائي اڳواڻ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ۽ ضمانتون وٺي رهيا آهن، جڏهن  اها ضمانت  رد ڪئي وئي  ته ان ڏينهن انهن جي گرفتاري  هر حال ۾ ٿي سگهي ٿي؟
هاڻ جيئن ته مفاهمت جا در بند ٿي ويا آهن ته اپوزيشن پاڻ ۾ متحد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پيپلزپارٽي جو مسلم ليگ ن سان رابطا شروع ٿي ويا آهن، تحريڪ انصاف ۾ به وزيرن جي تبديلي وارو  سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪڏهن ڪهڙي وزير کي هٽايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري ڪهڙي وزير کان استعيفيٰ ورتي وڃي ٿي، هي واحد حڪومت آهي، جيڪا پنجن ڇهن مهينن ۾ پنهنجن ئي ماڻهن تي ڏمرجي پئي آهي ۽ انهن کي گهر ڀيڙو ڪري رهي  آهي.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڳتي هلي اها حڪومت اڃا ڪهڙا ڪهڙا منظر ڏيکاري ٿي، اپوزيشن وارا چئي رهيا آهن ته هن حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ معشيت تباهه ٿي وئي آهي، اڳوڻي صدر آصف علي چئي رهيو آهي ته پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي پر تحريڪ انصاف وارا چئي رهيا آهن ته اهي سڀ  چور آهن ۽ انهن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي ، انهن کي بخش نه ڪيو ويندو، انهن سڀني چورن کي جيل ۾ وڌو ويندو؟ هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته واقعي حڪومت سموري اپوزيشن خلاف ڪارروائي ڪندي يا رڳو هڪ ٻن خلاف ڪارروائي ڪري ماضي جي حڪومتن جيان مفاهمت  وارو دڳ وٺندي.
هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌايئندو ؟ هونئن ته  اپوزيشن خلاف نيب جون ڪارروايون تمام تيزي سان هلي رهيون هيون ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهن دوستن ۽ پارٽي اڳواڻن خلاف  ڪارروايون ٿي رهيون هيون پر انهن ڪاررواين ۾ نيب کي ساهي به وٺڻي پئي ڇاڪاڻ ته ڀارت پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿي بمباري ڪئي ۽ڪجهه وڻن کي نقصان پهچايو، جنهن کانپوءِ  جن ماڻهن کي غدار ۽ چور سڏيو پئي ويو، انهن کي محب وطني ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويو ته اچو ۽ پنهنجي محب وطني جو ثبوت ڏنو ۽ اپوزيشن پنهنجي محب وطني جو ثبوت ڏنو، جڏهن وزيراعظم عمران خان  گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ آيو ۽ ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ اها دعويٰ ڪئي وئي ته اپوزيشن ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهي پر جڏهن ڀارتي جنگ جو خطرو ٽريو ته هڪ ڀيرو وري  نيب ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، نيب اسلام آباد مان لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن تي 80 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جي الزام لڳايو ويو آهي، مٿس اختيارن جي غيرقانوني استعمال جو به الزام لڳايو ويو آهي.
بهرحال نيب جيڪا باهه ٻاري آهي، ان ۾ رڳو  اپوزيشن ئي سيڪجي رهي آهي ۽ اپوزيشن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، اپوزيشن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي ملڪيت بابت به جاچ ڪئي وڃي پر هن وقت تائين نيب ان خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب اپوزيشن دانهون به ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن به ڪا پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي، تڏهن ان پارٽي خلاف ڪارروائي گهٽ ٿيندي آهي پر بدقسمتي سان نوازشريف  جيڪو ڪجهه پيپلزپارٽي  سان ڪيو هو ان جو ڪيتو ته کيس ملڻو هو پر اهڙي نموني ملندو، اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو نه هو؟ پر جيئن ته هاڻ موسم اپوزيشن جي متحد ٿيڻ جي اچي وئي آهي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به مارچ ۾ عوام جي حقن لاءِ روڊن تي اچڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ مولانا فضل الرحمان به احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جو چيو هو پر اڃا تائين ٻنهي پارٽين صحيح معنيٰ ۾ عملي جدوجهد نه ڪئي آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڪا به پارٽي  هن وقت عوامي جدوجهد لاءِ روڊن تي نڪتي ته تحريڪ انصاف لاءِ ڏکيائون پيدا ٿيڻ ناممڪن نه هوندو ۽ اهو احتجاج ماضي جي احتجاجن کان وڏو خطرناڪ هوندو، ڇاڪان ته اڳ تحريڪ انصاف تبديلي جا  نعرا هنيا هئا ۽ عوام هاڻ  تحريڪ انصاف جي تبديلي کي ڏسي ورتو آهي ۽ اهي صحافي جيڪي ڏينهن رات تحريڪ انصاف جي تبديلي جو راڳ ڳائيندا هئا، انهن مان ڪجهه ته وڃي بي روزگار ٿي گهر ويٺا آهن ۽ ڪجهه موجوده صورتحال کي منهن ڏيندي پريشان نظر اچي رهيا آهن ۽ ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته جڏهن به تحريڪ انصاف جو ڪو وزير پريس ڪانفرنس ڪرڻ ايندو آهي ته صحافي احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ نعرا هڻندا  آهن ته صحافين جو معاشي قتل عام بند ڪيو؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته صحافين جهڙي ريت تحريڪ انصاف جي احتجاجن ۽ ريلين کي ڪوريج ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي هئي اڄ تحريڪ انصاف جي حڪومت ايترو ئي صحافي پوئتي هليا ويا آهن، ڪڏهن وزير صحافين کي ڇڙبيون ڏين ٿا ته ڪڏهن وري گٿا لفظ ڳالهائن ٿا، ان جو مثال پنجاب جو اڳوڻو سڌسماءَ  وارو وزير فياض الحسن چوهاڻ  آهي، جنهن جي خلاف صحافين احتجاج به ڪيو هو، ايتري قدر جو فيصل واوڊا خلاف احتجاج ڪيو ويو هو. بهرحال اهو هڪ ٻيو مسئلو آهي،
هن وقت ضرورت آهي ته عوام کي رڳو هڪ اهڙي پارٽي جي جيڪا سندن مهانگائي خلاف جدوجهد کي ڪامياب بڻائي ۽ عوام هڪ اهڙي ئي پارٽي جو انتظار ڪري رهيو آهي ته جيڪا سندن مسئلن کي حل ڪري، ڇاڪاڻ ته هن حڪومت بي روزگاري، بک بدحالي تمام گهڻي وڌائي ڇڏي آهي، اپوزيشن چئي رهي آهي ته معشيت تباهه ٿي چڪي آهي پر حڪمران چئي رهيا آهن ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪري رهيو هجي ها ته  وزيراعظم عمران خان در در وڃي قرض وٺڻ جي ضرورت نه پئي ها، هن وقت هڪ ته ملڪ تي قرض چڙهي ويا آهن ۽ ٻيو وري ملڪ جي ٽنهي پاڙيسري ملڪن جي سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو به وڌي  ويو آهي، افغانستان ۾ ڪجهه به ٿئي ٿو ته ان جي باهه پاڪستان تي ڪڍي وڃي ٿي، ڀارت ۾ ڪجهه به ٿئي ٿو ته ان جو الزام وري پاڪستان تي لڳايو وڃي ٿو ، جڏهن ايران ۾ به ڪجهه واقعو پيش اچي ٿو ته ان  جي ڪاوڙ به پاڪستان تي ڏيکاري وڃي ٿي. هڪ طرف اسان جي سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي ته ٻئي طرف وري اپوزيشن خلاف وٺ پڪڙ آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ فائدو به دشمن کي ئي ٿيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر جي يو آءِ ف مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ روڊن تي ايندو يا نه؟
جيڪڏهن اچي به ٿو ته آخر ڪيئن وزيراعظم عمران خان انهن کان احتجاج جو آئيني حق کسي ٿو، ڇاڪاڻ ته عمران خان جڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو ته ان وقت هن چيو هو ته احتجاج سندس آئيني حق آهي پر جڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان وارن  سندن خلاف احتجاج شروع ڪيا ته انهن کي ڪنٽينر ڏيڻ بدران جيل جي سلاخن ۾ قيد ڪيو ويو، هونئن ته عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن سندس حڪومت ۾ جيڪڏهن احتجاج ڪندو ته انهن کي هو ڪنٽينر ڏيندو پر  عمران خان اهو به واعدو پورو نه ڪيو، جڏهن اهي ئي مولوي   نوازشريف خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا ته عمران خان وارن انهن جي حمايت ڪئي هئي ۽  اسان جي سيڪيورٽي ادارن چيو هو ته اهي اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ويندي پر جڏهن   تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن  ئي مولوين احتجاج ڪيو هو ته اهي وري هاڻ انتهاپسند ٿي ويا آهن، جيڪڏهن اهو طريقو مسلم ليگ ن اختيار ڪري ها ته ڌرڻا لڳل هجن ها پر اڄ  پي ٽي آءِ پنهنجي خلاف  شايد اهڙا ڌرڻا برداشت ڪرڻ جي سهپ نه ٿي رکي، جيڪڏهن  رکي ها ته احتجاج ڪندڙن کي جيلن جي سلاخن ۾ قيد ڪرڻ بدران انهن سان ڪيل واعدي موجب کين ڪنٽينر فراهم ڪيو وڃي ها؟ هونئن ته آمريت ۾ به ماڻهو احتجاج ڪندا آهن پر   موجوده جمهوريت ۾ احتجاج حق ڏنو ويندو يا نه؟ هاڻ اهو اپوزيشن جي متحده ٿيڻ بعد مهانگائي خلاف احتجاج کانپوءِ ئي خبر پوندي؟ 

No comments:

Post a Comment