Pages

Sunday 17 March 2019

نيب جو خوف ۽ نوازشريف جي علاج تي ٿيندڙ سياست

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان نيب جي ڪاررواين سبب سياستدانن توڙي سرڪاري آفيسرن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ، ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن به هن وقت نيب جي ڪاررواين جي زد  ۾ آيل  آهن،  اهي ٻئي پارٽيون ملڪ جي جمهوريت  جي علامت به سڏيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن به  ملڪ ۾ جمهوريت جو تختو اونڌو ڪيو ويندو آهي،تڏهن  اهي ٻئي پارٽيون جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪنديون آهن ۽ اڪثر پارٽيون آمريت کي لبيڪ چئي ان جو حصو بڻجي  وينديون آهن، اهڙي ريت  اهڙيون پارٽيون آمريت ۾ به حڪومت ۾ هونديون آهن ۽  جمهوريت ۾ به حڪومت سان گڏ هونديون آهن پر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ڪڏهن به آمريت  جي حمايت نه ڪئي آهي، ايتري قدر  جو ٻنهي پارٽين تي ڪيس به داخل ڪيا ويندا آهن ۽ اهي ڪيس عدالتن ۾هلندا به رهندا آهن ۽ سزائون به ملنديون آهن، مطلب ته اهو سلسلو اڃا به جاري آهي پر هن ڀيري جمهوريت هوندي به انهن ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن جو راڳ به ڳايو پيو وڃي ۽ نيب ڪرپشن خلاف ڪارروايون به ڪر ي رهي آهي ۽ تبديلي جا نعرا به هنيا پيا وڃن ته هي نئون پاڪستان آهي ۽ ملڪ ترقي به ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت چئي رهي آهي ته ماضي جي حڪومتن تمام گهڻي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ هو هاڻ ملڪ کي ترقي واري دڳ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، هڪ طرف نيب جون ڪاررايون هلي رهيون آهن ته ٻئي طرف ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ به وڌي وئي آهي.
مطلب ته پنجاب کانپوءِ هاڻ سنڌ ۾ نيب جون ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن، آغا سراج دراني جي گرفتاري کانپوءِ  نيب جي خوف هر هڪ سياسي اڳواڻ تي  ڇانيل آهي، جنهن سبب هر طرف خاموشي ڇانيل نطر اچي رهي آهي،  پيپلزپارٽي به  مسلم ليگ ن ڏانهن  رخ ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف سان جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن بعد تحريڪ انصاف ۾ به ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد بيان ڏنو ته نيب زده اڳواڻن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو، اپوزيشن چيئ رهي آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽  ملڪ تي قرض به   وڌي  ويا آهن، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڏکيو وقت ضرورت آهي پر عوام جون دانهون نه نڪرنديون، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، جلد ڳالهيون ٿينديون. هن وقت جهڙيون ملڪ جون حالتون آهن، انهن حالتن مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ويو ته ملڪ ۾ هن ڀيري مهانگائي جو بم نه ڪرندو پر ايٽم بم ڪرندو۽ انهيءَ مهانگائي جي ايٽم بم ۾ هن ملڪ جي عوام جو جيئڻ ناممڪن ٿي ويندو، هونئن به هن حڪومت ايندي مهانگائي جو بم اڳ ئي ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻ حڪومت آءِ ايم ايف ڏانهن ڪري ملڪ اندر مهانگائي جي ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ عوام کي تيار رهڻ  جو اشارو به ڏنو پيو وڃي، اسد عمر جي بيان مان به صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ضرور ايندي. جيئن ته اڳ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن تي الزام لڳايو ويندو هو ته انهن جي حڪومتن ۾ فرينڊلي اپوزيشن هوندي آهي، جنهن سبب عوامي مسئلا حل نه ٿي سگهندا، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف اهو به الزام لڳائيندي هئي ته ٻنهي پارٽين وڏي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ اڄ به تحريڪ انصاف جو ساڳيو موقف آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومت ۾ فرينڊلي اپوزيشن وڌيڪ نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده  حڪومت اپوزيشن  جي سمورين جماعتن  جي اهم  اڳواڻن خلاف ڪاروايون هلي رهيون آهن ۽ انهن تي ڪرپشن سميت ٻيا کوڙ سارا ڪيس هلي رهيا آهن ، پيپلزپارٽي هجي يا مسلم ليگ ن ، انهن ٻنهي  پارٽين جا اڳواڻ رڳو عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ۽  ڪجهه وري جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيا آهن، ملڪ جي وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ ن جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي مليل سزا ڪاٽي رهيوآهي، مسلم ليگ ن جو اڳواڻ  خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق به نيب جي تحويل ۾ آهن، جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ شرجيل ميمڻ  کي به نيب گرفتار ڪري چڪي آهي ۽ ڪجهه اڳواڻن خلاف نيب  جاچ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نيب جي ڪاررواين ۾ پيپلزپارٽي  ۽ مسلم ليگ ن جي  اڳواڻن  صبر   جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ نيب جي ڪاررواين کي برداشت ڪيو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجهه ماڻهو ته نيب جي ڪاررواين دوران ئي فوت ٿي ويا آهن،  ڪجهه ته اسپتال ۾ پنهنجو علاج ڪرائي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ رٽائرڊ برگيڊيئر اسد منير مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو هو. خانداني ذريعن جو چوڻ هو ته اسد منير گهر جي ڪمري ۾ پکي سان پاڻ کي ٽنگي خودڪشي ڪئي، اسد منير ڪالهه کان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي حوالي سان پريشان هو. اسد منير چوندو هو ته نيب وارا مس مس چُپ ٿي ويا هئا، هاڻ وري منهنجي پويان پئجي ويا آهن، بهرحال اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ضمانت کان اڳ علاج لاءِ اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فضيل اصغر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف طبي سهولتن جي فراهمي بابت حڪومتي خط جو زباني جواب ڏئي رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم موجب هو ضمانت کان اڳ علاج لاءِ اسپتال نه ويندو، ايتري قدر جو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مسلم ليگ ن پاران نوازشريف جي آزادي لاءِ احتجاج به شروع ٿي ويا آهن ۽ نوازشريف به يوم پاڪستان تي احتجاج نه ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي  هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن،حڪومت چئي رهي آهي ته هو نوازشريف کي هر قسم جو علاج فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر مسلم ليگ ن چئي رهي آهي ته نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار حڪومت هوندي.
جڏهن بلاول ڀٽوزرداري نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي ته ان وقت لڳو هو ته شايد ٻنهي پارٽين ۾ ڪو اتحاد ٿئي پر اهو ٿيندي نظر نه پيو اچي، اسان ته سمجهو  هو ته ٻئي پارٽيون ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري تي حڪومت کي ٽڦ ٽائيم  ڏينديون پر اهو  ممڪن نه ٿو لڳي، ڇو ته اهي ٻئي پارٽيون نيب جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ اهي ٻئي پارٽيون پاڻ عوام وٽ  وڃڻ جون ڪوشش ڪري رهيون آهن  ۽ پاڻ سان ٿيندڙ سموري سلوڪ کان عوام کي ٻڌائڻ چاهين ٿو، هي پهريون ڀيرو ٿيو  جو سياستدان پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ عوام وٽ وڃي رهيا آهن، نه ته هميشه عوام سياستدانن ڏانهن وڃي  پنهنجا مسئلا حل ڪرائيندو جي ڪوشش ڪندو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته علاج ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ حڪومت کي نوازشريف کي اهي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن، جن جي هو گهر ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي واحد سياسي اڳواڻ آهي، جنهن ڪراچي ۾ دهشتگردي کي ختم ڪرائي ڪراچي مان ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کي ختم ڪرايو هو، جنهن کي اڳوڻو آمر پرويز مشرف به ختم نه ڪرائي سگهيو هو. 

No comments:

Post a Comment