Pages

Saturday 16 March 2019

اسلامي فوبيا ۽ غير محفوظ بڻجي ويل مسلمان

صاحب خان ڀٽي
نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جيڪا پاليسي اختيار ڪئي ان سان مسلمانن خلاف دنيا ۾ تمام گهڻي نفرت وڌي ۽ آمريڪا ۾ به مسلمانن خلاف پروپيگنڊا ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو  ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ڪيو،ا هو ته آمريڪا کي به خبر آهي  جن ماڻهن آمريڪا استعمال ڪرڻ لاءِ  هڪ نئون روپ ڏنو، جيڪي اڳ آمريڪا جي پيسي تي هلندا هئا، اهي ئي اڄ آمريڪا لاءِ خطرو بڻيل آهن، روس لاءِ جن قوتن  کي پيدا ڪيو ويو هو، اهي  پاڪستان سان گڏ دنيا لاءِ به خطرو بڻجي ويا پر اڄ آمريڪا  انهن سان ڳالهيون به ڪري رهيو  آهي، نائين اليون واقعي  ڪنهن ڪرايو ۽  ڪير ان ۾ ملوث هو؟ آمريڪا ان بابت جيڪا ٿيوري پيش ڪئي آهي، شايد ان ۾ ڪا سچائي به هجي پر جهڙي ريت آمريڪا  پاڪستان ۾ گهڙي اسامه بن لادن کي قتل ڪيو ۽ طالبانن تي حملا ڪيا، اهو به منظر سڀني آڏو آهي، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ ڊرون حملا ته بند ٿي ويا آهن پر دهشتگردي ختم ٿيندي يا نه ان جي  ڪا به خبر نه آهي، هاڻ ته انڊيا به پاڪستان تي ايئر اسٽرئيڪ ڪري رهيو آهي ۽ هن ڀيري ان کي جواب به ڏنو ويو آهي ته جيئن اڳتي ڪو همت نه ڪري، بهرحال هن وقت  جن دهشتگردن خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي، ان جو اصل چهرو اسان کي طالبان ۽  ڪجهه مذهبي جماعتن کي ڏيکاريو پيو  ؟  پر اصل حقيقت اها آهي ته اسلام ڪڏهن به بي گناهه کي قتل ڪرڻ جو درس نه ٿو ڏئي  اسلام ته امن جو مذهب  آهي، اسلام دنيا جو اهو واحد مذهب آهي، جنهن ۾ سڀني کي برابري وارا حق  حاصل  آهن پر افسوس اسلام دشمنن کان اهو  هضمن نه ٿئي، جنهن سبب اسلامي  خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ هٿ جا مهرا پيدا ڪيا ويا ۽ انهن کي دنيا آڏو  پيش ڪيو ويو ۽  انهن کي  اسان جي مذهب سان جوڙي اسلامي فوبيا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
اسلامي فوبيا جو سڀ کان پهرين ٻچ آمريڪا ڇٽيو هو ۽ اهو ٻج هاڻ ٻوٽي جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي،  جيڪڏهن اسان ايئين چئون ته آمريڪا اسلامي فوبيا جو ٻچ ڇٽڻ لاءِ افغانستان جي چونڊ ڪئي ته اهو چوڻ به هڪ حقيق هوندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا  دهشتگردن کي ختم  ڪرڻ جي بهاني افغانستان جي چونڊ ڪئي ۽ افغانستان تي حملو ڪري طالبان خلاف ڪارروائي ڪئي، جيڪي اڳ سندس دوست هئا، ان سان گڏ آمريڪا  پاڪستان تي به ڊرون حڪلا ڪندو رهيو ۽ انهن ڊرون حملن خلاف تحريڪ انصاف  احتجاج به ڪيو هو پر آمريڪا کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو، سو ڪري ويو، هن کي اسامه بن لادن کي مارڻو هو، سو ماري هليو ويو  ۽ اسان  اجڏهن صبح جو اٿياسين ته ٽي وي چينل تي خبر ٻڌي ته آمريڪا اسامه بن لادن کي پاڪستان ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بهرحال اسامه بن لادن کي ته آمريڪا کي ماري ڇڏيو  پر  مسلمانن خلاف جيڪا نفرت پيدا ڪئي اها اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمانن لاءِ هڪ خطرو بڻجي  وئي آهي، ترڪ صدر طيب اردگان جو چوڻ آهي ته اسلامي فوبيا هاڻ حد کان وڌي دهشتگردي قتل عام ۾ تبديل ٿي وئي آهي. 15 مارچ 2016 تي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن  النور مسجد ۽ لنووڊ مسجد تي اسلامي فوبيا ۾ مبتلا جنوني شخص حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 49 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن جو انگ هاڻ 50 کان وڌي وي و آهي، هر طرف سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسلامي فوبيا ۾ مبتلا شخص جن  تي حملو ڪيو، اهي الله جي عبادت ۾ مصروف هئا  ۽ الله جي بارگاهه ۾ هئا، ان جنوني شخص انهن ماڻهن کي ايئن قتل ڪيو، جيئن ڪو ٻار ويڊيو گيم کيڏندو هجي، انتهاپسند شخص حمنلي جي لائيو اسٽريمنگ ڪندو به رهيو ته جيئن سڄي دنيا ڏسي ته حملو ڪيئن ڪري رهيو آهي.
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن ۽ ٻين ان حملي جي مذمت به ڪئي آهي ۽ ايتري قدر ج نيوزيلينڊ جي وزيراعظم حملي کي تاريخ جو ڪارو ڏينهن به قرار ڏنو هو آهي، ، جڏهن ته عالمي اڳواڻن پاران به مذمت جوڳو عمل جاري آهي.حملي کانپوءِ نيوزيلينڊ ۾ سوڳ واري صورتحال رهيو، جڏهن ته اتان جو قومي جهنڊو به نويل رکيو ويو، حملي کانپوءِ پوليس حملي آور  سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، اهڙي حملي کانپوءِ برطانيا ۾ به مسلمانن خلاف نفرت پکيڙڻ جي  ڪوشش ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن تي جمعي نماز دوران حملو ڪندڙ دهشتگرد برينٽن ٽيرينٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جڏهن  جوابدار کي عدالت پيش ڪيو پيو وڃي، تڏهن جوابدار بي حسي جو مظاهرو ڪندي کلندو رهيو، سندس چهري تي ڪا به شرمندگي نه هئي، بس فرق ايترو هو ج اسان جي ملڪ ۾ مسجدن، امام بارگاهن ۽ چرچ تي حملا ڪندڙ پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيندا آهن، هي شخص زنده رهي ڪري دنيا آڏو کلندو رهيوو اهو به فرق هو، ته جڏهن اسان جي ملڪ ۾ دهشتگرد ڪو آپگهاتي بمبار مسجد يا امام بارگاهه ۾ حملو ڪندو آهي ته ان کانپوءِ پابندي مڙهيل تنظيمون ان حملي جي ذميواري قبول ڪنديون آهن،ا نهن کي به ڪا شرمندگي نه هوندي،
بهرحال ڪرائسٽ چرچ پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت ۾ برينٽن ٽيرينٽ جي شروعاتي طور تي قتل جا الزام لاڳو ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ کانپوءِ دهشتگرد تي وڌيڪ الزامن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.حملي آور کي پنج اپريل تي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويندو. هن وقت هو پوليس جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته برينٽن ٽرينٽ جي ٻين ساٿين کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.، نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرائسٽ چرچ حملن کانپوءِ هٿيارن جي قانون ۾ ترميم سان گڏ متاثرن کي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.، وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن چيو ته ڪرائسٽ چرچ واقعو نيوزي لينڊ جي عڪاسي نه ٿو ڪري، مذهبي ۽ ثقافتي آزادي هر صورت ۾ ممڪن بڻائي ويندي. اسان جي پهرين ترجيح مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ هئي، متاثرن جي مالي مدد ڪئي ويندي ۽ وڏو مالي پيڪيج ڏنو ويندو.جنهن ڏينهن حملو ٿيو هو،گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل نيوزي لينڊ ۾ حملي جي مذمت ڪئي آهي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوتريس متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملي سان صدمو پهتو، سڀني ملڪن کي برداشت نه هجڻ، تشدد ۽ انتهاپسندي خلاف بهتر طريقي ڪم ڪرڻو پوندو. آسٽريليا جي نسل پريست ۽ مسلمان مخالف سينيٽر فريسر ايننگ طرفان نيوزيلينڊ تي ٿيندڙ حملن جو ذميوار پناگيرن کي قرار ڏيڻ تي هڪ نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي احتجاج طور سندس جي مٿي تي آنو هنيو. منظر عام تي ايندڙ ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هڪ نوجون پنهنجي موبائل تان ويڊيو رڪارڊ ڪندي سينيٽر ويجهو آيو ۽ سندس مٿي تي آنو هنيو. جنهن تي سينيٽر فوري طور تي مڙيو ۽ ڇوڪري کي چماٽن ۽ لتن سان مارڻ لڳو .ٻئي طرف تڪي صدر طيب اردگان چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ حملو مسلمانن خلاف ڪارروائي آهي، اسلامي فوبيان هاڻ حد سان وڌي دهشتگردي ۽ قتل عام ۾ تبديل ٿيو ئي آهي،
نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي ٿيل حملي مان هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته آمريڪا جيڪو اسلامي فوبيا جو ٻچ ڇٽيون هو، هاڻ اهو اهو ٻوٽو ٿي ويو ۽ اهو جڏهن وڻ ٿيو ته تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال هوندي، هڪ ته ترقياتي يافته ملڪن وٽ جديد هٿيار آهن ته ٻئي طرف وڌندڙ اسلامي فوبيا مسلمانن خلاف  تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيندي، آمريڪا ته دهشتگردن کي پيدا ڪري پنهنجو ڪم وٺي ويو ۽ هاڻ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مذهب جي اوٽ سڄي دنيا  جي مسلمانن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي، جيڪڏهن آمريڪا مسلمانن کي دنيا ۾ دهشتگرد ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال نه ڪري ها ته اڄ دنيا ۾ اهڙيون حالتون نه هجن هئا،هاڻ جڏهن سڄي دنيا اهڙي افسوس ناڪ واقعي جي مذمت ڪري رهي آهي ته گڏيل قومن کي گهرجي ته ترقي يافته ملڪن ۾ جديد هٿيارن تي عام ماڻهو جي استعمال تي پابندي لڳائي ته جيئن بي گناهه معصوم ماڻهن جن حياتيون بچي سگهن، ٻي صورت ۾ اسلامي فوبيا جو ٻوٽو وڌڻ لڳندو ۽ آمريڪا کي به گهرجي ته مسلمانن کي دهشتگرد طور دنيا آڏو پيش نه ڪري،  ڇاڪاڻ ته اسلام امن جو مذهب آهي.   

No comments:

Post a Comment