Pages

Wednesday 27 March 2019

جوهي ۾ عورت تي تشدد، قانون تي عمل ٿيندو


جوهي ۾ عورت تي تشدد، قانون تي عمل ٿيندو
صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ هڪ چوڻي آهي ته نياڻي ست قرآن آهي، جنهن سبب  صوفين جي هن سرزمين ۾ عورت جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي آهي پر ڪجهه وحشي صفت ماڻهن جي ڪري   انسانيت لڄائيندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صوفين جي هن سرزمين تي تي عورتن تي تشدد جا واقعا ڪي نوان نه آهن، روز ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن عورت تي تشدد جا واقعا ٿيندا آهن، ڪڏهن ساهرن هٿان  عورتون قتل ٿينديون ته ڪڏهن تشدد جو نشانو بڻايون وينديون، ڪڏهن غيرت جي نالي تي قتل ٿي وينديون آهن، ڪڏهن وري عورتن کي سڱ چٽي عيوض  ڏنو ويندو آهي، اهڙا کوڙ سارا واقعا هن صوفين جي سرزمين  ۾ ٿي رهيا آهن، جن کي ٻڌي هانءُ ئي ڦاٽي پئي ٿو، ڪڏهن ڏينهن ڏٺي روڊن تي عورتن کي گهليو ويندو آهي ته ڪڏهن ته قانون جا رکوالا چادر ۽ چوديواري جو تقدس کي پائمال ڪن ٿا پر انهن خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ وارو نه هوندو آهي.
هونئن ته روز اخبارن ۾ عورتن تي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهندا آهن پر عورتن  جي حقن لاءِ  جاکوڙيندڙ تنظيمون خاموش نظر اينديون آهن،  اهو ئي سبب جو ڪڏهن سمنڊ ڪناري  اهلڪار پاران عورت کي تشدد  ڪيو ويندو  آهي، ڪڏهن عورتن کي سرعام روڊ تي گهليو ويندو آهي ته ڪڏهن وري سڱ چٽي عيوض ڏنو ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڪاروڪاري قرار ڏئي جرڳي ذريعي  عورت کي قتل ڪيو  ويندو آهي، اهو سلسلو اڃا رڪجي نه سگهيو آهي، پر هاڻ ته انهن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي اچي رهي آهي، ڪڏهن مظلوم عورتون مڙسن ۽ ڏيئرن جي تشدد کان تنگ ٿاڻن تي پهچنديون آهن ته ڪڏهن وري تحفظ لاءِ دارلامان  پهچي وينديون آهن پر اتي به کين تحفظ نه ملي سگهندو آهي، اهو ئي سبب جو عورتون درالامان کي غير محفوظ سمجهي ڀڄي وينديون آهن، ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن هڪ عورت دانهون ڪري رهي هئي ته هو دارالامان نه ويندي، ساڻس اتي سٺو ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو کيس روڊ تي گهليندا رهيا ۽ اتي بيٺل سمورا ماڻهو خاموش تماشائي بڻيل رهيا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو هڪ واقعو پيش نه آيو آهي، اهڙا کوڙ سارا واقعا هن ملڪ ٿيندا رهندا آهن، ڪڏهن شادي ۾ رقص ڪرڻ تي عورتن کي قتل ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري  ٻي شادي جي لالچ ۾ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ عورتن  جي تحفظ لاءِ قانون به جوڙيو ويو آهي  پر افسوس جو ان تي عمل نه ٿيڻ سبب عورتن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا معمول بڻيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين ماڊل قنديل بلوچ جو قتل به ڳجهارت بڻيل آهي، اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان ته قنديل بلوچ ته اڳ به مادلنگ ڪندي هئي ۽ پنهنجي غيرتمند ڀائرن ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو پيٽ  پاليندي هئي پر اچانڪ سندس ڀائرن کي غيرت ڪيئن جاڳي؟ اهو به هڪ سوال آهي؟ اهو سوال ان ڪري پيدا ٿئي ٿو ته ماڊل قنديل بلوچ مفتي عبدالقوي جو اصل روپ دنيا آڏو وائکو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ جيڪي به مفتي عبدالقوي جهڙن مولوين جي روزي بند ٿيڻ لڳي هئي. ماڊل قنديل بلوچ جو ڪيس ته اڃا هلي رهيو آهي ۽ سندس ڀاءُ گرفتار به آهي، سنڌ ۾ تانيا خاصخيلي کي به قتل ڪيو ويو هو ۽ تانيا خاصخيلي جي امڙ سيد مراد علي شاهه جي پيرن تي ڪري  هئي ۽ انصاف جون اپليون ڪيون هيون.
بهرحال  تازو  هڪ انسانيت لڄائيندڙ واقعو جوهي ۾ پيش آيو آهي، جنهن سڄي سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن لاءِ هزارين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جوهي ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو هڪ عورت کي پٽ جي سامهون تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا ۽ پوليس اهلڪار تماشو  ڏسندا رهيا، ڪجهه ماڻهن تي عورت کي تشدد ڪرڻ جي ويڊيو به ٺاهي، جيڪي ماڻهو عورت کي گهلي رهيا هئا ۽ سندس پٽ آڏو کيس  وارن مان وٺي گهلي رهيا هئا،  لڳي پيو ته انهن ڪو وڏو آپگهاتي بمبار پڪڙيو هجي ۽ پوليس به وڏو خوس نظر اچي رهي هئي ته اسامه بن لادن کي  جوهي جي ماڻهن گرفتار ڪري ورتو هو، هڪ وحشي  شخص عورت کي تشدد ڪري رهيو هو پر اتي موجود ڪنهن به شخص  جي اندر جو انسان نه جاڳيو ۽ اهي مظلوم عورت جو تماشو ڏسندا رهيا، جيڪڏهن انهن ماڻهن ۾ انسانيت هجي ها ته انهن وحشي ماڻهن کي ضرور روڪيو وڃي ها پر اهي سڀ ماڻهو رڳو تماشو ڏسڻ لاءِ آيا هئا ۽ اهي سمورا شخص بزدل، جاهل ۽ انسانيت جا دشمن هئا، جن جي انسانيت مري چڪي آهي ۽ اهي رڳو نالي ماتر انسان سڏرائي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ۾ ٿوري به انسانيت هجي ها ته عورت کي وارن مان جهلي نه گهلن ها. اهي سمورا ماڻهو بزدل هئا
، جيڪڏهن اهي ڪنهن چور يا وري ڪنهن دهشتگرد کي سوگهو ڪن ها ته کين داد به ڏئي سگهجي پيو پر هڪ بيوس لاچار عورت کي جيڪا پنهنجي پٽ سان گڏ ماني ڳڀي لاءِ در بدر ڀٽڪي رهي هئي، ان تي چوري جو الزام هڻي سرعام تشدد جو نشانو بڻايو ويو،جيڪڏهن انهن سمورن وحشي ماڻهن کي عبرتناڪ سزا نه ڏني وئي ته اهڙا واقعا روز ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هي سنڌ اهڙن وحشي جانورن سان ڀريل آهي، هي ته رڳو هڪ واقعو آهي، اهڙا کوڙ سارا واقعا  ٿيا  هوندا، جن جي اسان کي ته خبر به نه هوندي، جوهي جي واقعي مان هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته پوليس اهلڪار به عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران تماشو ڏسڻ لاءِ  ويٺا آهن، جيڪڏهن اها ويڊيو وائرل نه ٿئي ها ۽ اهي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي شيئر نه ٿين ها ته شايد ڪو نوٽيس نه وٺي ها، هوئن ته جوهي پوليس عورت تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پر آهي اصل ۾ ته انهن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيڪي ان سموري تماشي کي ڏسي رهيا هئا، جئين ته ، ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي تشدد ۽ تذليل جو شڪار بڻايل عورت جي پيءُ نياز حسين ٻٻر جي فرياد تي جوهي ٿاڻي تي 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي ، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عورت کي ايترو تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو جو سندس ڪپڙا به ڦاٽي پيا هئا، معاملي جي جاچ پوليس آفيسر بينظير جمالي ڪري رهي آهي پر  ڇا  انهن جوابدارن کي سزا ملي سگهندي، جيڪي عورت کي تذليل جو نشانو بڻائي پاڻ کي بهادر  سڏرائي رهيا هئا، جيتوڻيڪ پوليس ٽن جوابدارن اصغر غوري، شير محمد، محمد يوسف غوري کي گرفتار ڪري ورتو. اسان جي ته حڪومت کي ايتري گذارش آهي ته جن به بيوس عورت کي تذليل جو نشانو بڻايو آهي، انهن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جو اهڙو ڪو ٻيو واقعو هن صوفين جي سرزمين تي نه ٿئي ۽ عورت جي تذليل ڪرڻ کان هرڪو سئو ڀيرا سوچي، حڪومت عورتن جي تحفظ بابت جوڙيل قانون تي به عمل ڪرائي.



No comments:

Post a Comment