Pages

Thursday 7 November 2019

آزادي مارچ، برسات، حڪومت تي دٻاءُ گھٽجڻ لڳو

صاحب خان ڀٽي
ڌرڻن سان گڏ برسات ملڪ جي موسم تبديل ڪري ڇڏي آھي، ڏيھھ توڙي پرڏيھھ ۾ رھندڙن جون نظرون رڳو مولانا فضل الرحمان جي مارچ ۾ کتل آھن، ميڊيا تي بھ آزادي مارچ جي حوالي سان تبصرن جو سلسلو جاري آھي، ھڪ  ڌڙي حڪومت جو پاسو کنيو آھي ۽ ھڪ ڌڙي طرفان مولانا فضل  الرحمان جي مارچ جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، جيڪي مولانا فضل الرحمان خلاف آھن، انھن کي حڪومت پاران لڳايل ٽيڪس ۽  چوٽ چڙھيل مھانگائي تي ڪو اعتراض نھ آھي ۽ انھن جو خيال آھي تھ  پي ٽي آءِ سرڪار ملڪ کي ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو بھتر نموني ھلائي رھي آھي پر جيڪو ڌڙو مولانا جي مارچ جو حامي آھي، انھن جو خيال آھي تھ  پي ٽي  آءِ سرڪار ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، صنعتي ادارا بند ٿي رھيا آھن، لکين ماڻھو بي روزگار ٿي ويا آھن، غريبن کي گھر ڏيڻ جو واعدو  ڪيو ويو ھو، ان جي ابتڙ  غريبن جا گھر ڊاھي انھن کي بي گھر ڪيو ويو، ھاڻي انھن ٻنھي ڌڙن طرفان تبصرن جو سلسلو تيز ٿيندو پيو وڃي، ڪجھھ ماڻھو مولانا جي مارچ مان اميدون لڳائي ويٺا ھئا پر ھاڻ انھن جو خيال بھ تبديل ٿي رھيو آھي، ڇاڪاڻ تھ مولانا فضل الرحمان جيڪو عوامي سمنڊ پاڻ سان گڏ کڻي نڪتو ھو، انھن جو خيال ھو تھ مولانا حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيندو ۽ شروعات ۾ مولانا فضل الرحمان جو وزيراعظم کان استعيفيٰ وارو مطالبو بھ تمام گھڻو اھم ھو ۽  ھر ھڪ کي پڪ ٿي وئي ھئي تھ ھاڻي اصل تبديلي ڏسڻ ۾ ملندي پر آزادي مارچ کانپوءِ جڏھن صورتحال ڌرڻي طرف وڃي رھي ھئي تھ ان وقت مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي طرفان اھو واضح پيغام ڏنو ويو تھ ھو انھيءَ جي ڪڏھن بھ اجازت نھ ڏيندا ۽ نھ ئي وري اھڙي ڌرڻي جو حصو بڻجندا، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ڌرڻي سان حڪومت ھلي وئي تھ اھا ھڪ روايت پئجي ويندي ۽ ڪو بھ ماڻھو ٻھ ٽي ھزار ماڻھو وٺي حڪومت جو تختو ڪرائي وجھندو، جنھن سبب جمھوري طريقي سان  وزيراعظم کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو. جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي ۾ ايتري اڪثريت نھ ھئي ۽ کيس آزاد اميدوارن ۽ ڪجھھ پارٽين جي مدد وٺڻي پئي ھئي، ان ۾ ايم ڪيو ايم حصيدار بڻي ھئي، ھونئن تھ ھر دور ۾ ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو ئي رھيو آھي، ھن ڀيري بھ پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻي ھلڻ جو سندرو ٻڌو ۽ اڃا بھ متحدھ حڪومت جو حصو آھي. قومي اسيمبلي ۾ جڏھن چونڊ ٿي رھي ھئي تھ ان وقت پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ف ۾ اختلاف ھئا، پيپلزپارٽي ھڪ طرف بيھي رھي ۽ نواز ليگ ڏسندي رھي، ايئن پي ٽي آءِ حڪومت وجود ۾ اچي وئي، مولانا فضل الرحمان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چوندو رھيو پر سندس ڪنھن نھ ٻڌي، جنھن جو اعتراف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف بھ ڪيو آھي تھ جيڪڏھن ھو مولانا فضل الرحمان جي استيعفائن واري ھدايت مڃن ھا تھ اڄ حالتون ڪجھھ ٻيون آھن.
بھرحال ان وقت  بھ اپوزيشن وچ ۾ اختلاف ھئا، ھن وقت بھ مخالف ڌر ۾ اختلاف برقرار آھن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اھو ئي لڳي ٿو تھ ھر ھڪ پارٽي پنھنجو زور آزمائڻ چاھي ٿي پر نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي طرفان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ناممڪن لڳي ٿو، ڇاڪاڻ تھ انھن ٻنھي پارٽين جا اھم اڳواڻ جيلن ۾ قيد آھن ۽ مٿن ڪيترائي ڪيس داخل آھن، ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا ڪيس ھلي رھيا آھن، جيڪڏھن اھڙا ڪيس انھن ماڻھن تي بھ ٺاھيا وڃن، جن پرڏيھھ ۾ وڃي ملڪيتون ٺاھيون آھن تھ ملڪ جون جيلون دھشتگردن سان  گھٽ انھن ماڻھن سان وڌيڪ ڀرجي ويندو پر في الحال تھ رڳو اپوزيشن تي اھو فارمولو اختيار ڪيو ويو آھي ۽ چيو پيو وڃي تھ جيڪا اوھان دولت لٽي آھي، ان جو ڪجھھ حصو ڏيو تھ اوھان کي ڇڏيو ويندو، ان مان لڳي ٿو تھ پي ٽي آءِ سرڪار انھيءَ فارمولي تي جلد کان جلد عمل ڪرائڻ چاھي ٿي پر اڃا تائين پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ طرفان راضپو ظاھر نھ پيو ڪيو وڃي، جيڪڏھن ايئن ٿي ويو ۽ڪجھھ پئسا حڪومت کي واپس ڪيا ويا تھ ان مان ثابت ٿي ويندو تھ انھن پارٽين ڪرپشن ڪئي آھي، نھ تھ اھو رڳو الزام ئي رھندو. پئسا ڏيڻ سان ٻنھي پارٽين کي سياسي نقصان بھ رسندو .  جيڪڏھن ان فارمولي تي حڪومت کي ڪاميابي ملي وئي تھ وڏن واڳن لاءِ سولائي ٿي ويندي، جن خلاف ڪارروائي نھ ٿي رھي آھي، انھن لاءِ بھ دڳ کلي ويندو تھ مستقبل سندن خلاف ڪا بھ ڪارروئي نھ ٿئي ۽ اھي ماڻھو ڪجھھ پئسا ڏئي پنھنجي سموري دولت حلال ڪرائي وٺندا. ھاڻ ڏسڻو اھو ئي آھي تھ حڪومت انھيءَ فارمولي تي آخر ڪڏھن ڪامياب ٿئي ٿي پر ھن وقت جيئن تھ پاڻ حڪومت ڏچي ۾ آھي ۽ مولانا فضل الرحمان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿل آھي ۽ عوامي سمنڊ بھ ساڻس گڏ آھي ۽ حڪومتي وزير  اھا ڌمڪي بھ ڏئي رھيا آھن تھ ھو بھ ايترا ماڻھو گڏ ڪري سگھن ٿا، جيڪڏھن حڪومت بھ ايترا ماڻھو وٺي اسلام  آباد پھتي تھ جھيڙو ضرور ٿي ويندو پر اھڙي اعلان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان نرمي وارو رويو اختيار ڪيو آھي ۽  آزادي مارچ ختم ڪرڻ يا نھ ڪرڻ جون سموريون ذميواريون  رھبر ڪميٽي جي ڪلھن تي رکي ڇڏيون آھن، حڪومتي ڪميٽي سان  ڳالھين سان گڏ چوڌري ڀائر بھ ميدان تي اچي ويا آھن، جيڪي مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن پر ان ۾  ھن وقت تائين ڪا بھ اڳڀرائي نھ ٿي رھي آھي ۽ مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ 12 ربيع الاول تائين جاري رکڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي، مولانا جي مارچ ۾ شريڪ ماڻھن سان گڏ  انھيءَ  مارچ ۾ وڏيون اميدون رکندڙ بھ مايوسي جو شڪار ٿيندي نظر اچي رھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ مولانا حڪومت کي ٻن ڏينھن جو الٽيميٽم ڏئي خاموش ٿي ويھي رھيو ۽ مارچ ۾ شريڪ ماڻھو انتظار ڪري رھيا ھئا تھ مولانا ڪو نھ ڪو وڏو اعلان ڪندو پر ايئن نھ ٿو ۽ مارچ جو بال اپوزيشن جماعتن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي شروع کان وٺي انھيءَ مارچ کان لنوائي رھيون ھيون، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جو واضح موقف ھو تھ ھو ڌرڻي جي حمايت نھ ڪندا.
بھرحال برسات کانپوءِ آزادي مارچ ۾ شريڪ ماڻھن جا حوصلا ڪمزور ٿيندي نظر اچي رھيا آھن، اھو سڀ ڪجھھ ان ڪري ٿي رھيو آھي جو مولانا فضل الرحمان جيڪا تحريڪ  شروع ڪئي، اھا ملڪي ٽيڪس نظام، وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري  خلاف ھئي پر ھاڻي حڪومت لاءِ نرم رويي سان ڪفن پھري اسلام آباد پھتل ماڻھن گھرن ڏانھن واپس وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، اڌ حوصلا مولانا فضل الرحمان جي بيانن جي ڪري سندن ڪمزور ٿيا تھ اڌ وري برسات کين گھر وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، جيڪڏھن مولانا ھڪ دفعو ٻيھر حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جذباتي تقرير ڪري ٿو وٺي تھ  پوءِ ھو ملڪ جي عوام جو ڌيان ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڻ ڏانھن ڇڪائي سگھي ٿو، ھاڻي اھو تڏھن ئي ممڪن ٿيندو، جڏھن ھو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ بدران پاڻ فيصلو ڪندو، جيڪڏھن مولانا فضل الرحمان اسلام آباد اچڻ جو فيصلو پاڻ ڪري سگھي ٿو تھ پوءِ مولانا حڪومت کي ٽف ٽائيم بھ پاڻ ڏئي سگھي ٿو ، آخر مولانا کي ڪھڙي ضرورت پئي جو ھن ٻنھي پارٽين کي شامل ڪيو آھي، اھي ٻئي پارٽيون تھ مفاھمت چاھين ٿيون، حڪومت سان ڳالھيون چاھين ٿيون، ھاڻ مولانا وٽ رڳو ٻھ اپشن آھن، ھڪ تھ  آزادي مارچ ختم ڪري واپس گھٽن ۾ ڌرڻا ھڻي ٻي صورت ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وانگر ڳالھين جي شروعات ڪري ۽ ميڊيا تي ويھي حڪومت خلاف بيان ڏئي پنھنجو فرض پورو ڪري، جنھن سان  جمھوريت جي ٽرين بھ پٽڙي تان نھ لھندي.
جيئن تھ آزادي مارچ کان پوءِ پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ اڳواڻ ظاھري طور گڏ نظر اچي رھيا آھن ۽ سندن اختلاف بھ برقرار اھن، نوازشريف ۽ مريم نواز بھ آزاد ٿي ويا آھن، باقي جن ماڻھن نوازشريف جي حمايت ۾ ڳالھايو ھو ۽ پارٽي سان وفاداري ڪئي ھئي، اھي اڄ بھ جيل ۾ آھن، جيئن خواجا سعد رفيق،  سلمان رفيق، فواد حسين فواد، شاھد خاقان عباسي ۽ ٻيا شامل آھن، ايئن پيپلزپارٽي جا اڳواڻ بھ جيلن ۾ قيد آ ھن، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري،  سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، خورشيد شاھھ بھ جيل ۾ آھن، ھاڻ ڏسڻو اھو ئي آھي تھ ڇا رڳو وڏا اڳواڻ جيلن کان ٻاھر ايندا يا وري پارٽين سان وفاداري ڪندڙ بھ آزاد ٿي ويندا؟ جيئن تھ حڪومت ھر وقت چئي رھي آھي تھ ھو اين آر او ڪنھن کي نھ ڏيندي، وزيراعظم عمران خان بھ چيو آھي تھ اپوزيشن جو رڳو ھڪ مسئلو آھي، اين آر او، پر عوام جو مسئلو مھانگائي آھي، جيڪڏھن ڳالھھ ڪجي مھانگائي جي تھ پي ٽي آءِ حڪومتي دور ۾ مھانگائي ۾ 11 سيڪڙو واڌٿي آھي، جنھن سان اٽو، گيھھ، دال، چانور ۽ ٻيرن عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ ٿي آھي. بھرحال اپوزيشن جماعتن  صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلاف  مواخذي جي تحريڪ آڻڻ جي تياري ڪئي وئي آھي. ھڪ خانگي ٽي وي چينل تي مسلم ليگ ن اڳواڻ بيريسٽر محسن رانجھا صدر خلاف تحريڪ  آڻڻ جو انڪشاف ڪيو. ھوڏانھن جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله جو چوڻ آھي تھ اپوزيشن جي گڏيل استعيفيٰ ۽ سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون سميت سمورا آپشن کليل آھن.ھن اھو بھ چيو تھ ھو ڪفن پھري اسلام آباد پھتا آھن.
جيئن تھ آزادي مارچ مان ھڪ ڳالھھ تان واضح ٿي رھي آھي تھ مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم  عمران خان جي استعيفيٰ  وارو مطالبو تھ ڪڏھن بھ منظور نھ ٿيندو، ڇاڪاڻ تھ اپوزيشن پاڻ ئي چئي رھي آھي تھ اھو سليڪٽيڊ آھي، جيڪڏھن عمران خان سليڪٽيڊ آھي تھ پوءِ آخر اھو ڪيئن جلد گھر ويندو، ڀلي  اپوزيشن جماعتون جيترا بھ ڌرڻا ھڻن ان تي فرق نھ پوندو، جيڪڏھن واقعي اپوزيشن جماعتون عمران خان کي گھر موڪلڻ لاءِ ايترو سنجيدھ آھن تھ پوءِ آزاد مارچ ۽ ڌرڻا ھڻڻ سان ڪھڙو فائدو ٿيندو، اپوزيشن جا ميمبر استعيفي ٰ بھ ڏئي سگھن ٿا، آخر اھي استعيفيٰ ڏين ڇو نھ ٿا، سموريون اپوزيشن جماعتون استعيفائون ڏئي ٻيھر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڇو نھ ٿيون ڪن، ھاڻ اپوزيشن وٽ آزادي مارچ کان پوءِ رڳو استعيفائون ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بھ دڳ نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو ئي واحد جمھوري طريقو آھي، جيڪڏھن ڌرڻا ھڻڻ اپوزيشن کي پسند نھ آھن تھ پوءِ اھو اپشن استعمال ڪرڻ ساڻن لاءِ بھتر ثابت ٿيندو، باقي رھي ڳالھھ مولانا فضل الرحمان جي تھ  آزادي مارچ ۾ رڳو بيان بازي سان کيس سياسي ڌڪ لڳو آھي، عوامي سمنڊ رڳو بيانن لاءِ ساڻس گڏ نھ ٿيو ھو، عوام پي ٽي آءِ جي ٽيڪس نظام، بيروزگاري، مھانگائي ۽صنعتون بند ٿيڻ خلاف گڏ ٿيو ھو تھ جيئن ملڪ جي معشيت تباھھ ڪندڙن جو احتساب ٿي سگھي، موجودھ حڪومت جي کنيل قدمن سبب عام ماڻھو کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي ۽ حڪومت رڳو آنا کپائڻ، ڪڪڙيون پالڻ جا مشورا ڏئي رھي آھي ۽ ڪجھھ سرڪاري ادارا  بھ بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي.

No comments:

Post a Comment