Pages

Monday 4 November 2019

سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون ۽ “امن مارچ”

صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي قيام کانپوءِ صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ مهاجرن جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڀارت مان ايندڙ هر  مهاجر جي سنڌين آجيان ڪئي، اهو ئي سبب هو جو ٻين ملڪ جي ٻين صوبن ۾ مهاجرن جي آمد گهٽ ٿي ۽ سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچي آباد ٿيا، جيئن ته سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي هو ۽ اتي بندرگاهه به هو ۽  وڏيون وڏيون عمارتون  ۽ بهتر روڊ رستا هئا، انهن گهرن ۾ ڀارت مان آيل ماڻهن کي آباد ڪيو، پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ مهاجرن کي نالي ماتر آباد ڪيو ويو،  خيبرپختونخواهه هجي يا پنجاب، ايتري انگ ۾ مهاجر آباد نه ٿيا هئا، جيتري  تعداد ۾ سنڌ اندر آبادڪاري ٿي هئي، جڏهن مهاجرن جي آمد جو سلسلو بند ٿي ويو ته سنڌين سمجهيو ته اسان جا مسلمان ڀائر هاڻ محفوظ آهن ۽ سمورا مسلمان مهاجر جيڪي ڀارت ۾ خوش نه هئا، هتي اچي سڪون جو ساهه کڻندا  پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن مهاجرن جي آبادي جو سلسلو جاري رهيو، جنهن تي سنڌين کي ڳڻتي به ورائي ته آخر اهو سلسلو ڪڏهن رڪندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن، جڏهن 1973 ع ۾ بنگلاديش جا ماڻهو قربانيون ڏئي آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، تڏهن اتي موجود مهاجرن  کي ملڪ ڪڍيو ويو ۽ بنگلاديش خلاف ڳالهائيندڙ سمورن مهاجرن کي ڪئمپن ۾ وڌو ويو، ان وقت به اسان جي سرڪار انهن مهاجرن کي  سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي رٿا جوڙي، جنهن تي سنڌ ۾ سخت احتجاج ٿيو پر جيئن ته پنهنجن جي حڪومت هئي، ان جو ڪو به اثر نه ٿيو، جڏهن افغانستان تي آمريڪا حملو ڪيو، تڏهن به وفاقي سرڪار ڊالرن جي عيوض افغاني شهرين جو سنڌ ڏانهن رخ ڪيو، جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ ڪڏهن ڪو پناهه وٺڻ ايندو آهي ته انهن کي سرحد ويجهو ئي ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو ته جيئن حالتون بهتر ٿيڻ کانپوءِ اهي پنهنجي وطن واپس وڃي سگهن پر افسوس جو وفاقي حڪومت جو افغان مهاجرن کي پنهنجي وطن ڏانهن موڪلڻ جو ڪو ارادو ئي نه هو، جنهن سبب سمورن افغان مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي، جنهن تي احتجاج به ٿيا پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو، ڇاڪاڻ ته ان وقت پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته مٿان کان کين حڪم آهي ته انهن کي نه روڪيو وڃي، اسان رڳو اهو ئي سوچي رهيا هئاسين ته مسلمان ڀائرن کي پناهه ڏيڻ ۽ سندن حياتيون بچائڻ لاءِ وفاقي سرڪار اهي قدم کڻي رهي آهي.
جڏهن ڪراچي ۾ افغاني مهاجرن جي وڏي لوڌ آباد ٿي ۽ پراڻن ۽ نون مهاجرن ۾ جهيڙو شروع ٿيو ته پوءِ خبر پئي ته  اهو معاملو ئي ڪجهه ٻيو ئي آهي، آاهي معاملا رڳو سنڌين کي اقليت ڪرڻ لاءِ ئي هئا، جنهن تي سنڌ سرڪار مجرماڻي خاموش اختيار ڪئي، اڄ جڏهن اسان جي ملڪ جو عوام دانهون ڪري رهيو آهي ته ڪشميرين سان ظلم ٿي رهيو آهي، اتي هاڻ ڀارتين کي زمين خريد ڪرڻ ۽ آباد ٿيڻ جي اجازت ملي ويندي، اها انهن سان ناانصافي آهي پر سنڌ ۾ ته هٿ وٺي ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي ۽ هڪ سازش تحت بنگالي، بيهاري، برمي ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا، سنڌين جي سخت احتجاج باوجود نه ته سنڌ سرڪار  ڪي قدم کنيا ۽ نه ئي وري وفاقي سرڪار سنڌين جي ڪا دانهن ٻڌي، بلڪه اهو چيو ويو ته ڪجهه به ٿي پئي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويندا، ڀلي اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي. ڪراچي ۾ نادرا جون آفيسون ڏيهن رات کليل رهيون، سنڌ  سان محبت ڪندڙن ڪراچي  ۾ نادرا آفيس ٻاهران احتجاجي ڪئمپ به لڳائي، جنهن ۾ مون سميت  ڪيترن ئي سنڌين شرڪت ڪئي، جڏهن اسان ان ڪئمپ تي ويٺا هئاسين ته ان وقت به ماڻهن  جون قطارون لڳل هئي، جيڪي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ بيٺا هئا، جن وٽ هن ملڪ جو شهري هئڻ جو ڪو به ثبوت نه هو پر انهن وٽ هڪ پرچو ضرور هو، جنهن تحت ڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو جاري هو، ان وقت به سنڌ سرڪار اکيون ٻوٽي ويٺي هئي، هاڻ به سنڌ سرڪار جون سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي اکيون بند آهن. هڪ طرف ڌارين جي آبادڪاري آهي ته ٻئي طرف وري مهانگائي  ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جا ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن پر ڪنهن کي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي، جن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو وڃي ٿو، اهي به سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائڻ کان لنوائي رهيا آهن، سنڌ ۾ بيروزگاري جو سڀ کان وڏو مسئلو ڌارين جي آبادڪاري آهي، جيڪڏهن ڌارين کان ووٽ جو حق کسيو وڃي ۽ انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ته بيروزگاري سان گڏ امن امان جي صورتحال به بهتر ٿي ويندي پر اهو ڪم آخر ڪندو ڪير؟ وفاقي سرڪار ته افغانستان جي سرحد کولي سمورن افغانين جو رخ سنڌ ڏانهن ڪري سڪون سان ويهي رهيو آهي پر سنڌ اڄ انهن جو بار برداشت نه پئي ڪري سگهي.
جيئن ته گذريل ڳچ عرصي کان سنڌ ۾ رهندڙ اهي مهاجر جن کي اسان اردو ڳالهائندڙ چوندا آهيون، انهن ۾ آڱرن تي ڳڻندڙ ماڻهو سنڌ خلاف ڳالهائي رهيا آهن، ان ڳالهه کان به ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته جڏهن سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ڪراچي ۾  سنڌ دشمن جلسا ڪندا آهن ته اردو ڳالهائيندڙ شوق سان ناهن ويندا پر انهن کي بندوق جي زور تي گهرن مان ڪڍيو ويندو آهي، ايتري قدر جو جڏهن ايم ڪيو ايم جو عروج هو، آئون هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هئس، ان وقت ته ايم ڪيو ايم نائن زيرو وارا گاڏيون ڪاهي ايندا هئا، ڪم ڪندڙ پورهيتن کي زور گاڏين ۾ ورهائي الطاف جو بيان ٻڌائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا، جن وٽ هٿيار به هوندا ۽ پوليس  کين سيڪيورٽي به فراهم ڪندي هئي، ايتري قدر جو فيڪٽري مالڪ به خوشي سان موڪل ڏئي ڇڏيندا هئا ته ڀلي وڃو. پر جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ بيماري هوندي هئي يا ڪو ٻيو مسئلو ته فيڪٽري مالڪ موڪل نه ڏيندا هئا، جيئن ته   حياتي سڀني کي  پياري هوندي آهي، سو هر هڪ خوف مان ايم ڪيو ايم پٺيان لڳي پوندو هو، هر وقت ميڊيا تي ڇانيل لنڊن جي ڊان خلاف ڳالهائڻ جي ڪنهن کي همت نه هوندي هئي ۽ نه ئي  ڪو ادارو انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهندو هو پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن ته ظالم جو انت ضرور ايندو آهي، انهيءَ شخص لنڊن مان ويهي اسان جي ملڪ جي حساس ادارن خلاف ڳالهايو، فوري طور مٿس پابندي لڳي وئي، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ معصوم شهرين جي مارجڻ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ ڪراچي مان جديد هٿيار انهن ئي وٽان هٿ ڪيا ويا، نائن زيرو کي تالو لڳايو ويو، پر اڄ به  ڪراچي جي شهرين تي ڪافي حد تائين خوف اڃا به موجود آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تنظيم جي ورڪرن کي رڳو واڙيو ويو آهي، باقي اصل اڳواڻن کي ته اسان جو وزيراعظم عمران خان نفيس ماڻهو قرار ڏئي رهيو آهي ۽ اقتدار ۾ ويٺل آهن، جيڪي سنڌ خلاف هر روز زهر اوڳاڇيندي نظر ايندا آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ اسان جا چونڊيل نمائندا انهن کي سنڌ اسيمبلي ۾ ويڙهڻ جي اجازت ڏيندا آهن، جيڪي ماڻهو سنڌ کي ٽوڙڻ چاهين ٿا ته پوءِ آخر انهن کي اسيمبلين ۾ ويهڻ جي اجازت ڪير ڏئي رهيو آهي؟ ڇا  قانون ان جي اجازت ڏي ٿو ته جنهن ملڪ ۾ اوهان رهو ٿا ان خلاف ڳالهايو؟ آخر ڇو سنڌ اسيمبلي ۾ ڌارين کي ڪڍڻ ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙن جي شهريت ختم ڪرڻ جو بل ڇو نه پيش ڪيو ويو، آخر ڇو انهن کي ايترو برداشت ڪيو پيو وڃي، جنهن کي سنڌ ۾ رهڻو آهي، ان کي سنڌي ٿيڻو پوندو، سنڌي سڏرائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ هو سنڌ کي ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهي سگهي ٿو، رڳو سنڌ ئي ڌارين کي پالڻ جو ٺيڪو نه کنيو آهي، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب صوبو آهي، وفاق پنهنجن کي پنهنجي صوبن ۾ رهائي ته بهتر ٿيندو، آڱر تي ڳڻندڙ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي وڙهائڻ جي جيڪا سازش ڪري رهيا آهن، ان سان حالتون خراب ٿينديون، باقي رهي انهن آڱر تي ڳڻندڙ عنصرن جي ته انهن کي وفاق جو آشيروارد به حاصل آهي، جيڪڏهن نه هجي ته اڄ اهي سنڌ جي ورهاڱي خلاف قومي اسيمبلي ۾ بل پيش نه ڪري سگهن ها، ان ڳالهه جو به تمام گهڻوافسوس آهي جو پي ٽي آءِ سرڪار به انهيءَ بل جي حمايت ڪئي آهي ۽ جي ڊي اي جي به خاموشي سواليا نشان بڻيل آهي.
پيپلزپارٽي ته قومي اسيمبلي  سنڌ دشمن بل خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو پر سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪڍڻ  لاءِ ڪو به بل پيش نه ڪيو، جيڪڏهن ٻين ملڪن مان ماڻهو اچي اسان جي جيجل امڙ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندا ته انهن کي سنڌ ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي، جيڪڏهن جي يو آءِ جي اڳواڻ جو سڃاڻپ ڪارڊ رد ٿي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ دشمنن کي  گرفتار ڪرڻ ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار قدم ڇو نه کڻي رهي آهي، افسوس جو ڳالهه  آهي ته سنڌ جا ماڻهو جن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻين ٿا، اهي انهن کان پڇڻ لاءِ تيار ئي نه آهن ته آخر اوهان اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿا ڪيو، جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين کي وڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ رڳو  مهاجرن  وڏي انگ ۾ نه ٿا رهن، سنڌي، بلوچي، پٺاڻ ۽  پنجاب به رهن ٿا، آخر  آڱر تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ايوان  ۾ ڪيئن اچي وڃن ٿا ۽ انهن کي ڪيئن ايوانن تائين پهچ ملي وڃي ٿي، جو اهي اچي ڪروڙين سنڌين کي للڪارڻ جي همت ڪن ٿا؟
بهرحال اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وئي هجي ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا سنڌ دشمن اهڙا حربا استعمال ڪندا رهيا آهن، سنڌ مان پيٽرول، تيل ۽ گيس به نڪري رهيو آهي پر  انهن  ۾ به رڳو ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، ايتري ناانصافي ته  ڪنهن افغاني مهاجر سان   به هن ملڪ ۾ نه ٿي هوندي، جيتري سنڌين سان ٿي رهي آهي پر ان باجود سنڌي خاموش آهن پر جن کي سنڌين پناهه ڏني، انهن مان آڱر تي ڳڻڻ جيترا عنصر سنڌين  خلاف ڳالهائي رهيا آهن ۽سنڌ سرڪار خاموش آهي ۽ ڪچري تي سياست ٿي رهي آهي، ايم ڪيو ايم  ڪراچي جا گٽر صاف ڪندي يا وري پيپلزپارٽي ڪراچي جا گٽر صاف ڪندي، منهنجي نظر ۾ ته   گٽر صاف ڪرڻ کان ٻيا کوڙ ڪم آهن، في الحال گٽر صاف ڪرڻ جو ڪم حاصل ڪرڻ  کان پهرين سنڌ جي حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي، سنڌ جي تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته بهتر ٿيندو، اسٽريٽ ڪرائم ۾ به اضافو ٿي ويو آهي،  ان جي خاتمي لاءِ به حڪمت  جوڙِي وڃي پر اها سياست  گند ڪچرو صاف ڪرڻ کان وڌي سنڌ جي ورهاڱي تي پهچي وئي آهي ۽ اسيمبلين ۾ سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ بل به پيش ڪري سنڌين ۾ هڪ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هونئن ته ايم ڪيو ايم جي اهڙي رويي خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ، جئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ٻِيون قومپرست پارٽيون سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سنڌ حڪومت ورهاڱي واري بل کي رد ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي، ايتري قدر جو قومي اسيمبلي ۾ جي ڊي آءِ اڳواڻ به ويٺا هئا، انهن به اتي خاموشي اختيار ڪئي. هوڏانهن ڪراچي سنڌ آهي امن مارچ به شروع ڪيو هو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ هزارين ڪارڪنن سميت  گورنر هائوس لڳ ڦوهارا چوڪ وٽ ڪارڪنن هٿن ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف لکيل نعرن وارا پلي ڪارڊ  کڻي  شرڪت ڪئي ۽ جيئي سنڌ جيئي سنڌ  جا نعرا هنيا، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته عمران خان جي  حڪومت قومي اسيمبلي مان سنڌ جي ورهاڱي جو بل کي رد نه ڪيو ته اعلان جنگ ڪنداسين، ڊرل مشينن سان  انساني جسمن مان سوراخ ڪرڻ سميت 12 مئي تي ماڻهو ماريندڙن، بلديا فيڪٽري ۾ مزدورن، وڪيلن کي زنده ساڙيندڙن ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن کي وزيرا عظم نفيس ماڻهو چوي ٿو، پي ايس پي، ايم ڪيو ايم پاڪستان صرف ظاهري طور تي الطاف حسين کان ڌار ٿي آهي، پر انهن جي  سياسي نفسيات اڃا به مهاجر ئي آهي. 40 ورهين کان ڪراچي تي حڪمراني ڪندڙ هاڻ  چئي رهيا آهن ته ڪراچي تي اندرين سنڌ وارن جي حڪومت آهي، جيڪڏهن مراد علي شاهه اندرين سنڌ جو آهي ته ٻاهرين سنڌ پناهگير لکنئو، دهلي يا  قنڌار مان ڪلهن تي کڻي ڪو نه آيا هئا. ايس ٽي پي ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڪراچي هزارين ماڻهو گڏ ڪرڻ کانپوءِ سنڌ دشمنن کي ته جواب ملي رهيو آهي، جن وقتي طور خاموشي اختيار ڪئي آهي پر لڳي نه ٿو ته سنڌ دشمن خاموش ٿي ويهي رهندا،

No comments:

Post a Comment