Pages

Saturday 2 November 2019

مولانا جي مھلت، ٽڪراءُ جو خدشو

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر  اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ ڌرڻن، احتجاجي تحريڪن ۽ مارچ جون ڳالھيون شروع ٿي رھيون آھن، ڪو بھ ھن وقت تائين اھو واضح طور نھ ٻڌائي سگھيو آھي تھ مولانا فضل الرحمان ڌرڻو ھڻندو يا وري احتجاجي تحريڪ ھلائيندو پر ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھي تھ مولانا طرفان آزادي مارچ ۾ شريڪ ماڻھن جي سمنڊ  کي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي وڃڻ جو اشارو ڏنو ويو آھي، ھي اھو ئي ڊي چوڪ آھي، جتي پي ٽي آءِ 126 ڏينھن ڌرڻو ھنيو ھو ۽ ان وقت ڪنھن بھ اداري پي ٽي آءِ کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان نھ روڪيو مطلب تھ روڪي نھ سگھيا، جڏھن ان وقت ايترن ماڻھن  کي حڪومت ۽ ادارا روڪي نھ سگھيا ھئا تھ  پوءِ ھي تھ مولانا پاڻ سان گڏ عوامي سمنڊ گڏ کڻي آيو آھي، جنھن کي  عالمي ميڊيا تي بھ تمام گھڻي ڪوريج ملي رھي آھي، جيئن تبديلي جو ھڻندڙ پي ٽي آءِ سرڪار کي ملي رھي ھئي پر اتي ٿورو فرق ضرور آھي، ان وقت پي ٽي آءِ کي ايتري عالمي سطح تي ڪوريج نھ ملي ھئي، جيتري مولانا فضل الرحمان کي ملي رھي آھي، اھو ئي سبب آھي جو وزيراعظم عمران خان چِ رھيو آھي تھ جي يو آءِ فضل الرحمان کي ڀارتي ميڊيا تي تمام گھڻي ڪوريج ملي رھي آھي ۽ آزادي مارچ کان اھي ماڻھو خوش  آھن، جيڪي ملڪ دشمن آھن مطلب تھ ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ جي محب وطن ماڻھن کي غدار ۽ محب وطن جا سرٽفڪيٽ ونڊڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، ھاڻ اھو فيصلو وزيراعظم ڪيئن ڪري سگھي ٿو تھ ڪير غدار آھي ۽ ڪير وفادار آھي جيڪڏھن مولانا جو آزادي مارچ سان ملڪ کي نقصان ٿي رھيو آھي تھ پوءِ پي ٽي آءِ تھ 126 ڏينھن اسلام آباد ۾ ڌرڻُو ھنيو ھو جيڪڏھن ماضي جو ڌرڻو درست ھو  تھ اھو پي ٽي آءِ جو جمھوري حق ھو تھ پوءِ مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ بھ سندس جمھوري حق آھي، ان خلاف بيان ڏيڻ سان حالتون وڌيڪ خراب ئي ٿينديون، حڪومت کي گھرجي تھ مولانا سان ڳالھيون ڪري، ڇاڪاڻ تھ جڏھن بھ عوامي سمنڊ خلاف طاقت جو استعمال ٿيو آھي، ان جا خراب ئي نتيجا نڪتا آھن، جيئن تھ مولانا جي مارچ ۾ رڳو مذھبي جماعتن جا ماڻھو نھ پر ملڪ جو عوام شريڪ آھي، شايد تاريخ ۾ ڪڏھن ڪا تنظيم ايڏي وڏي  انگ ۾ ماڻھو گڏ ڪري سگھي ھجي يا وري ڪنھن ھڪ جماعت جي  سڏ تي عوام جو سمنڊ ملڪ جي گادي واري شھر ۾ اٿلي پيو ھجي، ايڏي وڏي  انگ ۾ ماڻھن جو ملڪ جي گادي واري شھر ۾ گڏ ٿيڻ مان واضح ٿي رھيو آھي تھ حڪومت جي کنيل قدمن کان عوام خوش نظر نھ پيو اچي، جيڪڏھن حڪومت مھانگائي تي ضابطو آڻي ھا ۽ بيروزگاري پيدا نھ ڪري ھا تھ شايد عوام جو سمنڊ جي يو آءِ جي سڏ تي روڊن تي نھ نڪري ھا.
بھرحال حڪومت طرفان ھڪ طرف ڳالھيون آزادي مارچ سان ڳالھيون ٿي رھيون آھن تھ ٻئي طرف ڪارروائي جو اشارو بھ ڏنو پيو وڃي پر ان باوجود آزادي مارچ ۾ عوامي سمنڊ موجود آھي، جيڪو حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آھي، جي يو آءِ فضل الرحمان جي آزادي مارچ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان واضح طور چيو ويو آھي تھ فوج حڪومت سان گڏ آھي، جيڪڏھن مولانا کي ڪي شڪايتون آھن تھ اھي لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪري، ٻئي طرف وري مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ سرڪار کي مھلت ڏئي ڇڏي آھي، جنھن مان واضح ٿي رھيو آھي تھ مولانا فضل الرحمان پنھنجي شرطن تان پوئتي نھ ھٽندو، ايتري قدر جو وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ ھو خاموش آھن، وزيراعظم جي ھڪ اشاري تي ڌرڻي وارن جي زمين ئي تنگ ڪري ڇڏيندو؟  شايد فواد چوڌري ميڊيا تي مولانا جي سمنڊ کي ناھي ڏٺو، جيڪڏھن ڏسي ھا تھ کيس اھو بيان ڏيڻ کان اڳ ٿورو احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي ھا، جيئن تھ ھن وقت ملڪ معاشي بحران جي ورچڙھيل آھي، مھانگائي عروج تي پھتل آھي، واپاري، سيڙپڪار ۽ عام ماڻھو تمام گھڻو پريشان آھن ۽ ان وقت جڏھن جي يو آءِ سربراھھ مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف آزادي مارچ جو سڏ ڏنو تھ عوام جو سمنڊ ساڻس گڏ ھلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جا ماڻھو ھن آزادي مارچ ۾ ايترا شريڪ نظر نھ اچي رھيا آھن، جيترا نظر اچڻ گھرجن، جيڪڏھن انھن ٻنھي پارٽين جا ماڻھو بھ  وڏي انگ ۾ شريڪ ٿين ھا تھ مولانا جي آزادي مارچ سان اسلام آباد ڀرجي وڃي ھا، ھن وقت بھ حڪومت جون ننڊون حرام آھن، جنھن سبب مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ڪارروائي جون ڌمڪيون بھ ڏنيون وڃن پر  مولانا جو ھڪ ڪم تمام بھترين آھي جو ھن پي ٽي آءِ سربراھھ عمران خان وانگر ماڻھن کي بل ساڙڻ ۽ ٽيڪس نھ ڏيڻ جي ھدايت ناھي ڪئي رڳو ايترو چيو آھي تھ ھو ھاڻ وزيراعظم جي استعيفيٰ  وٺي گھر واپس ويندا، جيڪڏھن ڏٺو  وڃي تھ مولانا جي  مارچ سان پي ٽي آءِ سرڪار کي  چڱي ريت خبر پئجي وئي ھوندي تھ عوام ساڻن گڏ آھي يا نھ؟ ھاڻ رھي ڳالھھ وزيراعظم جي  استعيفيٰ  جي مطالبي واري جي تھ  اھا روايت پي ٽي آءِ پاڻ ڪڍي آھي، وزيراعظم عمران خان چئي رھيو آھي تھ ھر ھڪ جي واري ايندي، ڌرڻن سان حڪومتون ناھن وينديون، اھا ڳالھھ ڪنھن حد تائين درست بھ آھي پر ھن ملڪ ۾ شايد ممڪن نھ رھي آھي، ڇاڪاڻ تھ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ 126 ڏينھن ڌرڻو ھنيو ۽ ان کانپوءِ پي ٽي آءِ سرڪار جي حڪومت قائم ٿي، ان مان لڳي رھيو آھي تھ ھاڻ ڪو بھ سياستدان ڪجھھ ھزار ماڻھو وٺي اسلام آباد ۾ڌرڻو ھڻي اقتدار حاصل ڪري سگھي ٿو، ھونئن بھ ٻين سمورين جماعتن ھن اليڪشن کي ڌانڌلي قرار ڏنو آھي، رڳو ھڪ پارٽي ان کي صاف شفاف اليڪشن قرار ڏئي رھي آھي
جيئن جيئن مولانا فضل الرحمان جي ڏنل مھلت ختم ٿي رھي آھي، تيئن تيئن حڪومت ۾ بيچيني وڌي رھي آھي، ايتري قدر جو حڪومتي ڪميٽي رھبر قيمتي سان بار بار ملاقاتون بھ ڪري رھي آھي پر مولانا فضل الرحمان  جو  مطالبو آھي تھ وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ ڏئي گھر وڃڻو پوندو ۽ ڏيڍ سال دوران جيڪي  بھ ملڪي معاشي تباھي ٿي آھي، انھن جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ گھجي، ھاڻ ڏسڻو آھي تھ ڇا مولانا  جي احتساب واري مطالبي کي مڃيو وڃي ٿو يا نھ؟ پي ٽي آءِ بھ احتساب جون ڳالھي ڪندي ھئي ھاڻ مولانا صاحب بھ احتساب جون ڳالھيون ڪري رھيو آھي، حڪومتي ڪميٽي تھ رھبر ڪميٽي کان وڌيڪ وقت گھريو آھي، لڳي ٿو تھ انھيءَ وقت ۾ يا تھ آزادي مارچ کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي يا وري مولانا جي شرطن کي قبول ڪيو ويندو پر لڳي نھ ٿو تھ حڪومت مولانا جا مطالبا منظور ڪري، ڇاڪاڻ تھ مولانا جو وڏو مطالبو وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ جو آھي، جيڪو ناممڪن پيو لڳي پر جيئن تھ ھن ملڪ ڪجھھ بھ ٿي سگھي ٿو، اھو بھ ممڪن آھي تھ عمران خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پر مولانا جي آزادي مارچ سان ادارن ۾  ٽڪراءُ جو خدشو ضرور وڌي ويو آھي ۽پي ٽي آءِ حڪومت جي حمايت ۾ ميدان ۾ لھي رھيا آھن، جڏھن پي ٽي آءِ جو ڌرڻو ھو تھ ان وقت ان کي ڪنھن بھ ملڪ دشمن قرار نھ ڏنو ھو پر ھاڻي لقب ڏيڻ وارو ڪم حڪومت پاڻ کنيو آھي، جيڪڏھن حڪومت مولانا سان ڳالھيون ڪرڻ ۾ ناڪام وئي تھ ھڪ ڳالھھ صاف ظاھر آھي تھ ھي عوامي سمنڊ حڪومت  ۽ سندس حمايتن لاءِ وڏي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪندو ۽ ملڪ ۾ ھڪ افراتفرحي واري صورتحال پکڙجي ويندي، جنھن ڪري حڪومت کي گھرجي تھ طاقت جي استعمال کان اڳ ضرور سوچي، ھن ملڪ ۾ طاقت جو استعمال 1973ع ۾ بھ ٿيو، جنھن سان ملڪ کي تمام گھڻو نقصان ٿيو ھو،
مولانا فضل الرحمان جي مارچ ۾ رڳو جي يو آءِ جا ڪارڪن نھ پر سڄي ملڪ مان مھانگائي سٽيل، بيروزگار ۽ غربت جا سٽيل ماڻھو بھ شريڪ آھن، پي ٽي آءِ سرڪار تھ آمريڪا کي طالبان سان ڳالھين ڪرڻ جو مشورو ڏيندي  آھي پر ھي تھ ھن ملڪ جا محبت وطن شھري آھن، انھن سان ڳالھيون ڪرڻ ۾ ڇو لنوايو پيو وڃي؟ حڪومت کي بھ  ڳالھين وارو فارمولو استعمال ڪرڻ گھرجي، باقي رھي ڳالھھ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي تھ ھو تھ ھوا ۾ اڏي رھيو آھي جي يو آءِ جي آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيلن کي طالبان چئي رھيو آھي، بوزدار صاحب، ھر ڏاڙھي رکندڙ طالبان نھ ھوندو آھي، شايد اوھان عوامي سمنڊ ڏسي پريشان ٿي رھيا آھيون، اوھان جي اھڙن بيانن سان ملڪ کي نقصان پھچي رھيو آھي، عمران خان گڏيل قومن ۾ وڃي چئي تھ طالبان کي اسان پيدا ڪيوسين  ۽ ھاڻ اوھان چئي رھيا آھيو تھ آزادي مارچ ۾ طالبان شريڪ آھن، ان تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. 03

No comments:

Post a Comment