صاحب خان ڀٽي
پاڪستان اندر
پاناما ليڪس کانپوءِ ٻيا ڪيترائي ليڪس سامهون آيا پر انهن جي جاچ به سڀني جي
سامهون آهي، ڊان ليڪس هجي يا پاناما ليڪس يا وري ڪا ٻي ليڪس، انهن جي جاچ ٿئي يا
نه ٿئي پر پاناما ليڪس بابت ملڪ اندر ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، پاناما ليڪس جي انڪشافن
کان پوءِ ملڪ اندر تحريڪ انصاف سڀني کان اڳ وزيراعظم جي احتساب لاءِ احتجاج ڪيو،
ان حتجاج جي شروعات ڌرڻن کان ٿي ۽ جڏهن نواز ليگ ان جو جواب روڊن تي ڏنو ته تحريڪ
انصاف سربراهه عدالتن جو رخ ڪيو ۽ اڄ ڪلهه نوازشريف ۽ عمران خان عدالتن کي منهن
ڏئي رهيا آهن.
تحريڪ انصاف
جي سربراهه عمران خان خلاف به توهين عدالت
۽ پارٽي فنڊنگ جا ڪيس هلي رهي آهي. بني گالا ڪيس به هلي رهيو آهي، وزيراعظم
نوازشريف ته سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس
جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي
بيان به رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. وزيراعظم
نوازشريف جو وڏو پٽ حسين نواز ۽ ننڍو پٽ حسن نواز به بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن،ا
يتري قدر جو حسين نواز جي تصوير به ليڪ ٿي هئي، مطلب ته پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ
جي آءِ ٽي کان تصوير ليڪ ٿي وئي. جنهن تي نواز سرڪار طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو
ويو آهي پر سپريم ڪورٽ اهڙن اعتراضن کي رد
ڪندي رڪارڊنگ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ڀلي کڻي نواز
ليگ اڳواڻ اهو چوندا رهن ته پاڪستان جي قانون ۾ رڪارڊنگ جي اجازت نه ٿو ڏئي پر هاڻ
اها اجازت وڏي عدالت مان ملي چُڪي آهي ۽
مستقبل ۾ نواز ليگ ان تي ڳڻتي به ظاهر نه
ٿي ڪري سگهي، هونءَ ته هن ملڪ ۾ جيلن اندر قيدين جون ويڊيو به ليڪ ٿي وينديون آهن
۽ انهن قيدين جا بيان به ميڊيا تي اچي ويندا آهن، وزيراعظم نواشريف جي پٽ حسين
نواز جي ته تصوير هئي، ان سان ڪهڙو فرق ٿو پئي،
جيڪڏهن تصوير
ليڪ به ٿي ته ان سان نوازسرڪار کي ڪهڙو اثر پوندو، ڇاڪاڻ ته هاڻ چونڊن ۾ وقت آخر
ڪيترو بچيو آهي، جو نواز سرڪار کي اڃا وڌيڪ حڪومت ۾ خواهش هوندي، هونئن به ملڪ هن
وقت بحرانن جي ورچڙهيل آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون به ته نواز ليگ تي ڪو به اثر
پوندو، پر اهو شايد نه به ٿئي ڇو ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم کي جيڪو وقت
ڏنو ويو، ان ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ ناممڪن نظر اچي رهيو هو.
هونئن ته سپريم ڪورٽ هن وقت تائين ٿيل جاچ تي اعتماد جو اظهار ڪيو
آهي ۽ جي آءِ ٽي کي 10 جولاءِ تي جاچ مڪمل ڪري حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي
آهي پر انهن ستن ڏينهن ۾ وزيراعظم نوازشريف جي سياسي مستقبل جو فيصلو ٿيندو يا نه،
اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو،پر ريمنڊ ڊيوس به ڪتاب لکي ملڪ اندر هڪ ٻيو بحث ڇيڙي
ڇڏيو آهي، جنهن تي هر هڪ شخص ڳالهائڻ کان اڳ سوچي رهيو آهي پر تحريڪ انصاف سربراهه
پنهنجي بيان ۾ اهو واضع طور چئي چڪو آهي ته ريمنڊ ڊيوس ڪتاب سان پاڪستان جي
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو داستان واضع ٿيو
آهي ۽ ريمنڊ ڊيوس جي ڪتاب کي هر هڪ پاڪستاني کي پڙهڻ به گهرجي.
جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته ريمنڊ ڊيوس جي ڪتاب جو چرچو ان وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن ملڪ اندر پاناما ليڪس
جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ نيوز ليڪس معاملو ختم ٿي چڪو آهي، ڪتاب جي انڪشافن کان پوءِ
هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر هڪ نئون محاذ کڙو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي پر في الحال ملڪ جي
عوام جو ڌيان پاناماليڪس ڏانهن ئي آهي. ڇاڪاڻ
ته جي آءِ ٽي آڏو وزيراعظم نوازشريف جو سمورو ڪٽنب پيش ٿي رهيو آهي ۽ نواز ليگ اڳواڻ اهو چوندا به
رهيا آهن ته وزيراعظم ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي ۽ نواز ليگ عدالتن جو احترام ڪندي
آهي، اهو به چيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمرن خان عدالتن کان فرار ٿيل
آهي، جيڪو عدالتن ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي.
هونئن ته
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر انهن جي
جاچ لاءِ هن وقت ڪا به جاچ ٽيم ناهي جوڙي وئي، نوازسرڪار طرفان عمران خان تي پارٽي
فنڊنگ جو به الزام لڳايو ويو آهي، جنهن بابت ڪيس
به هلي رهيو آهي، هڪ طرف اليڪشن ڪميشن کي تحريڪ انصاف کي جواب ڏيڻو پئجي
رهيو آهي ته ٻئي طرف وري سپريم ڪورٽ ۾ ساڳي قسم جو عمران خان خلاف ڪيس هلي پيو،
جيڪڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ٻنهي ڪيسن مان پنهنجي جان آجي به ڪرائي ويو
ته به ٻيا ڪيس به سندس انتظار ۾ آهن.
جڏهن کان
پاناماليڪس اشو ٿيو آهي تڏهن کان خبر ئي نه پئي ته آخر ڪاميابي ٿيندي ته ڪنهن جي
ٿيندي؟ تحريڪ انصاف اها جنگ کٽينددو يا وري نواز ليگ عمران خان کي شڪست ڏيڻ ۾
ڪامياب ٿي ويندي. ٻنهي پارٽين ۾ هلندڙ جنگ مان اهو اندازو لڳي سگهي ٿو ته ايندڙ
چونڊن ۾ ٻنهي پارٽين ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ وڏو دنگل ٿيندو. بهرحال تحريڪ انصاف ۽ نواز
سرڪار ۾ هلندڙ ويڙهه جا اثر هن ملڪ تي به پئجي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته حڪمران هڪ ٻئي
جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورا ته دهشتگرد به
پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. پارا چنار واقعو هجي يا ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي يا
وري ڪراچي ۾ فائرنگ هجي، سياستدانن جو سڄو
ڌيان صرف ۽ صرف پاناما تي آهي. هونئن ته سانحن جون مذمتون ته ڪيون وڃن ٿيون پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪا به حڪمت
عملي ناهي جوڙي وئي.
پاناما ليڪس
بعد تحريڪ انصاف ۽ نواز سرڪار ۾ جيڪا جنگ ڇڙي چڪي آهي، اها الائي ڪڏهن ختم ٿيندي،
ايئن لڳي رهيو آهي ته ٻنهي پارٽي ۾ ويڙهه ڪشمير مسئلي جيان آهي، مطلب ته ٻنهي
پارٽين پاناما ليڪس ڪشمير مسئلو بڻجي ويو آهي، جيڪو الائي جي ڪڏهن حل ٿيندو. جيڪڏهن واقعي حڪمران ان کي مسئلو ڪشمير نه سمجهن ها ته هن وقت ٻنهي
پارٽين ۾ ويڙهه نه هلي رهي هجي ها. نواز ليگ چئي رهي آهي ته سندس خلاف سازش ٿي رهي آهي، ها اها خبر لڳائڻ به نواز سرڪار جي
ذميواري آهي ته آخر ڪير سندن خلاف سازش ڪري رهيو آهي، انهن کي به وائکو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو سڄو معاملو
هاڻ صرف نوازسرڪار ۽ تحريڪ انصاف جو رهيو آهي، هاڻ اهو معاملو عوام جو بڻجي ويوآهي
.جيڪڏهن پاناماليڪس مسئلو هن ڪجهه ڏينهن اندر
حل نه ٿيو ته ملڪ اندر هڪ وڏو سياسي بحران پيدا ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اهو
معاملو حل ٿي وڃي ٿو ته پوءِ وزيراعظم نوازشريف جو مستقبل داءَ تي لڳي ويندو ۽ ان جو ڪريڊٽ صرف تحريڪ انصاف ڏانهن ئي ويندو.
هونئن ته تحريڪ انصاف به واضع طور چئي چڪي آهي ته عدالت جيڪو به فيصلو ڏئي هو قبول
ڪندا پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پاناماليڪس سان سياسي بحران پيدا ٿيندو يا وري جمهوري
نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حربا استعمال ڪيا
ويندا. ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس معاملي کان پوءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي به بدنامي ٿي
آهي،
ڪڏهن احتساب
ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري
تصوير ليڪس ٿيڻ واري معاملي کي انا جو مسئلو بڻايو وڃي ٿو. ان پاناماليڪس
جي جاچ دوران ئي وڏا وڏا بحران جنم وٺي رهيا آهن.
ڪجهه عرصو اڳ ڊان ليڪس وارو معاملو نواز سرڪار جي ڳچي ۾ پئجي ويو هو پر ان مان به سندس قدرتي طور جند آجي ٿي چڪي
آهي. هاڻ وري ريمنڊ ڊيوس جو ڪتاب ۽ ملڪ
اندر هلندڙ دهشتگردي جي تازي لهر نواز سرڪار جي ڳچي ۾ ڦاسي پئي آهي. پارا
چنار واقعو، بهاولپور سانحو، ڪوئيٽا ۾
دهشتگردي ۽ ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعن تي نواز سرڪار جو ڪو به ڌيان
نه آهي ۽ نه ئي وري وفاقي سرڪار طرفان دهشتگردي خلاف ڪي تڪڙا اپاءَ وٺي رهي آهي ۽ نه ئي ملڪ اندر
رهندڙ پرڏيهين جا انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته جيڪي به دشتگردي جون ڪارروايون
ٿيون آهن انهن بابت صرف اهو ئي ٻڌايوو ويو آهي ته انهن ۾ ملوث دهشتگردن جو تعلق
افغانستان سان هو.
هونئن ته هن
وقت سموريون سياسي پارٽين جو سڄو ڌيان اليڪشن مهم تي هلي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي
جو پيپلزپارٽي به ملڪ جي مختلف علائقن ۾
جلسا ڪري رهي آهي ۽ نوازسرڪار کي واضع طور چيو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري قانون ۾ ترميم نه ڪري ها
ته نوازشريف وزيراعظم نه بڻجي ها.بهرحال
هن وقت نوازسرڪار جي حڪومت آهي ۽ سندن اها ئي دعويٰ آهي ته 2013ع جي ڀيٽ ۾ ملڪ
اندر دهشتگردي گهٽ آهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي.
No comments:
Post a Comment