Pages

Thursday 29 June 2017

بهاولپور سانحو ۽ سادگي سان ملهايل عيد

صاحب خان ڀٽي
رمضان المبارڪ ۾ هڪ طرف چيمپئين ٽرافي جي ڪاميابي ۾ جشن ملهايو پئي ويو ته ٻي طرف وري عيد کان اڳ اهڙا سانحا پيش آيا جو  سڄي ملڪ ۾ سوڳ واري فضا قائم ٿي وئي. رمضان المبارڪ مهيني ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ به اضافو اچي ويو هو، هڪ طرف ڪوئيٽا ۾ آءِ جي آفيس ويجهو بم ڌماڪيو ٿيو ته ٻئي طرف وري پارا چنار ۾ ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ان کان علاوه ڪراچي ۾ به پوليس  اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو. جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ دهشتگردي جو خطرو به وڌي ويو هو پر ان باوجود چيمپئين ٽرافي جي ڪاميابي تي ماڻهو سوڳ سان گڏ خوش به نظر اچي رهيا هئا، 
هونئن ته هر هڪ کي دهشتگردي جو خطرو  کٽڪي رهيو هو پر اها ڪنهن کي خبر نه هئي ته پنجاب جي علائقي  بهاولپور ۾ ڪيترائي گهر اجڙي ويندا، هڪ طرف ماڻهو عيد جي تيارين ۾ لڳل هئا ته ٻئي طرف وري بهاولپور جي احمد پور شرقيه واري علائقي ۾   آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سبب پيٽرول کڻڻ لاءِ آيل ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. اکين ڏٺل شاهدن ميڊيا کي ٻڌايو هو ته جڏهن آئل ٽينڪر ڪلٽي  ٿيو ته ان وقت 250 کان وڌيڪ ماڻهو پيٽرول کي کڻڻ لاءِ پهچي ويا هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا، ڪجهه ماڻهو ميڊيا کي ٻڌائي رهيا هئا ته پيٽرول کڻڻ لاءِ آيل ماڻهن مان ڪنهن  تيلي دکائي ته آئل ٽينڪر کي باهه لڳي وئي ۽ آئل ٽينڪر ۾ ڌماڪو ٿيو ۽  160 کان وڌيڪ ماڻهو ان باهه جي لپيٽ ۾ اچي سڙي فوت ٿيا ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا، جن کي  پنجاب جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. 
ميڊيا تي اهي به خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون فراهم نه ٿيل هيون جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ اضافي ٿيو. اهڙي سانحي کان پوءِ ملڪ اندر  سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو ، هڪ طرف عيد  جون تياريون هلي رهيون ته ٻئي طرف وري بهاولپور ۾ لاش کڄي رهيا هئا ۽ ۽ 160 کان ماڻهو  سڙي فوت ٿي ويا هئا، جن  مان اڪثر ماڻهن جي سڃاڻپ ئي نه ٿي رهي هئي. سڙي زخمي ٿيلن جا وارث علاج جون سهولتون نه هجڻ جون دانهون به ڪري رهيا هئا، جنهن بعد پنجاب حڪومت جي ترجمان به اهو اعتراف ڪيو ته اسپتالن ۾ گهربل سهولتون فراهم نه ٿيل آهن، اهڙي بيان کان پوءِ ايئن لڳي رهيو هو ته جئين سيوهڻ سانحي ۾ سهولتون نه هئڻ سبب مارجي ويلن ماڻهن جو انگ وڌي ويو هو ، بهاولپور سانحي ۾ به اهڙيون شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيو،  جيئن سيوهڻ سانحي ۾ ايمبولينس ۽ ٻين سهولتن جون دانهون ڪيون ويون. 
بهرحال جڏهن بهاولپور سانحو پيش آيو تنهن وقت به بهاولپور جي وڪٽوريا اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ برنس وارڊ نه هجڻ  سبب زخمين کي ملتان ۽ لاهور  جي اسپتالن ڏانهن  منتقل ڪيو ويو، ايتري قدر جو پاڪ فوج جي جٿن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو هو ۽ اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ  به ڪيو ويو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پنجاب حڪومت هميشه اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته پنجاب  ۾ سموريون سهولتون فراهم ٿيل آهن پر بهاولپور سانحي پنجاب حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ شايد اڳتي هلي پنجاب حڪومت اهڙيون ڪوششون ڪري الائي نه ڪري پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته پنجاب حڪومت خاص طور تي سرائيڪي پٽي وارن علائقن کي ڪي به سهولتون فراهم نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب انهن علائقن جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. 
بهرحال هي وقت تنقيد ڪرڻ جو نه آهي پر حڪومت کي به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسپتالون ٺاهيون ويون آهن انهن ۾ علاج جون گهربل سهولتون به فراهم ڪرڻ گهرجن ها، جيڪڏهن بهاولپور جي اسپتالن ۾ گهربل سهولتون موجود هجن ها ته بهاولپور ۾ ٿيل آئل ٽينڪ جهڙن حادثن ۾ وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار نه ٿين ها. هونئن ته وزيراعظم نوازشريف سميت ٻين سمورن سياسي، سماجي پارٽين طرفان بهاولپور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو  پر  اهڙن سانحن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به هڪ پارٽي طرفان عملي طور قدم نه کنيو ويو آهي. 
بهاولپور حادثو جڏهن پيش آيو هو، تڏهن پرڏيهي ميڊيا  چئي رهي هئي ته لالچ سبب ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو حادثو لالچ نه پر هن ملڪ اندر غربت، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب پيش آيو، ڇاڪاڻ ته  جنهن علائقي ۾ اهو سانحو پيش آيو  ان علائقي جي ڀرپاسي وارن علائقن مان ماڻهو ٻچن سميت دٻا ۽ ٻيو سامان کڻي پيٽرول کڻڻ لاءِ پهچي ويا هئا. جيڪڏهن انتظاميا بروقت ڪارروائي ڪري ها ته  ماڻهو ايڏي انگ ۾ سڙي فوت نه ٿين ها، هونئنءَ ته آئل ٽينڪر جي پٺيان خطرو لکيل هوندو آهي پر ان باوجود اهڙي خطري کان بچڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا هئا. 
جيڪڏهن آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيو هو ته ان وقت انتظاميا  کي ان هنڌ سڪيورٽي سخت ڪرڻ گهرجي ها ۽ اتي پهچي  هاريل پيٽرول کان ماڻهن کان پري رکڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها پر انتظاميا طرفان ڪو به اهڙو قدم نه کنيو هو. آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جو ڪو  هي پهريون حادثو پيش نه آيو آهي، ان کان  سنڌ ۾ به اهڙو حادثو پيش اچي چڪو آهي پر بهاولپور وارو سانحو  ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيش آيو آهي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن عيد جون آخري تياريون هلي رهيون  هيون ۽ اهڙي سانحي کان پوءِ هر هڪ ماڻهو سوڳ ۾ مبتلا ٿي ويو هو، 
هڪ طرف ماڻهن جي گهرن ۾ جنازا کڄي رهيا هئا ته ٻئي طرف وري ڪجهه ماڻهو سادگي سان عيد ملهائي رهيا هئا، وزيراعظم نوازشريف به پنهنجو لنڊن وارو دوري ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پنجاب جي وڏي  وزير شهباز شريف به بهاولپور  سانحي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ امداد جو به اعلان ڪيو ، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ اندر  تاريخ  جو وڏو سانحو بهاولپور سانحو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، ڪجهه ماڻهو ته ملڪ اندر پنهنجي پيارن جي گمشدگي خلاف احتجاج به ڪري رهيا هئا، بهرحال عيد ته سڄي ملڪ اندر سادگي سان ملائي وئي پر بهاولپور سانحو ڪيترن ئي گهرن کي اجاڙي ڇڏيو. 

No comments:

Post a Comment