صاحب خان ڀٽي
ملڪ سميت سڄي سنڌ اندر جنهن ڏينهن کان برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي تنهن ڏينهن
کان دريائن ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب مختلف هنڌن تي گهارا پئجي رهيا آهن. پنجاب هجي يا
ڪي پي مختلف هنڌن تي برسات وڏي تباهي به مچائي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو
فوت به ٿيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ اندر برسات سبب بجلي جو به بريڪ ڊائون ٿيو، جنهن
سبب ڪيترائي شهر بجلي جي فراهمي کان محروم ٿي ويا ۽ مختلف هنڌن ته گٽر، نالا اٿلي پيا ۽ گندو پاڻي روڊن تي
بيهجي ويو. جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو
پريشان به ٿي ويا. هونئن ته سنڌ اندر ٻوڏ جو به امڪان ظاهر به ڪيو پيو وڃي ۽
برساتن سبب مختلف هنڌن تي گهارا به پئجي رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي
سرڪار طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، ٻي طرف وري چترال ۽ ٻين علائقن ۾ برساتن
سبب دريائن ۾ پاڻي جي چاڙهه ۾ واڌ اچي وئي آهي، جنهن سبب هر هنڌ بند ٽٽڻ جون خبرون
نشر ٿي رهيون آهن.
جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته 1947ع کان وٺي هن مهل تائين سنڌو درياءَ جي ڪپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي
به قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن سبب روزانو ڪٿي ڪٿي نه ڪٿي گهارا پوڻ جون خبرون
رپورٽ ٿينديون رهيون آهن. 2010 ع جي مها ٻوڏ جو به اهو ڪارڻ هو جو واهن ۽ شاخن جا
ڪپر مضبوط نه هجڻ سبب وڏو نقصان ٿيو هو، جنهن جا ڪارڻ به بندن جي پچنگ نه ٿيڻ ۽
شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ هو، هونءَ ته سنڌ حڪومت ڪيتريون دعوائون ڪري رهي آهي ته هن
ڪيترائي فنڊ شاخن جي کاٽي ۽ بند مضبوط ڪرڻ لاءِ جاري ڪيا آهن پر اهي فنڊ ڪٿي خرچ
ٿي رهيا آهن ان بابت هن وقت تائين صرف خبرون ٻڌي رهيا آهيون پر عملي طور ڪٿي به ڪم
ٿيندي نظر نه پيو اچي.
2010ع جي مها ٻوڏ ۾ به پاڻي
جي چاڙهه سبب ڪيترن ئي هنڌن تي هزارين هارين جو بيٺل فصل ٻڏي ويو هو پر
حڪومت انهن کي صرف هڪ اٽي جي ٻوري ڌئي پنهنجي ذميواري پوري سمجهي هئي. هاڻ
جڏهن صرف وسڪارو ٿئي ٿو ته به سنڌ جي راجڌاني واري شهر ۾ به روڊن تي پاڻي بيهجي
وڃي ٿو ۽ گٽر اٿلي پون ٿا، پر عملو ڪٿي به نظر نه ايندو آهي، جنهن تي سالياني
ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويندا آهن. سنڌ جي راجڌاني ۾ گٽرن جي صفائي ڪندڙ عملو به
حڪمرانن وانگر حڪم هلائي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو شهري انهن کي اطلاع به ڏيندو آهي ته
اتي هو وڃڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته احتجاج کانسواءِ شهرين جي
فون به نه کڻندا آهن، هن وقت به ڪراچي جون ڪيتريون سنڌي وسنديون بنيادي سهولتن کان
وانجهيل آهن پر حڪومت انهن طرف ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي. برسات جو
ڦڙو پئي ته به سنڌي وسندين جي بجلي ٻن يا ٽن ڏينهن تائين بند رکي ويندي آهي ۽
جيڪڏهن ڪو ڳوٺاڻو احتجاج ڪندو آهي ته انهن تي به لٽبازي ڪئي ويندي آهي. جنهن جون
ڪيتريون رپورٽون هن وقت تائين ميڊيا تي اچي چڪيون آهن.
ڪجهه
عرصو اڳ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين وزيرن اهو واعدو ڪيو هو ته ڪراچي
جي سنڌي وسندين کي ليز ڪري انهن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون پر
اهو واعدو واعدو ئي رهجي ويو آهي، اڄ تائين نه ته حڪومت انهن سننڌي قديم وسندين
ڏانهن ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن چونڊيل نمائيندي لڙي انهن جي زخمن تي
مرهم رکيو آهي. جنهن سبب اڄ لکين سنڌي راجڌاني شهر ۾ بنيادي سهولتون
کان محروم آهن. سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ، ماروئڙا ڳٺ، فقيرا
ڳوٺ، پپري، شاهنواز ڳوٺ، چڪرا ڳوٺ ۽ ٻيون ڪيتريون وسنديون پيئڻ جي صاف پاڻي کان به
محروم آهن. جمهوريت هجي يا وري آمريتي دور انهن سمورين وسندين کي بنيادي سهولتن
کان محروم رکيو ويندو آهي، جنهن سبب اڄ به اتي نه ته ڊرينيج سسٽم بهتر آهي ۽ نه ئي
وري انهن ڳوٺن ۾ ڪو بجلي جو بهتر انتظام ڪيو ويندو آهي. اهڙو ئي حال
ڄامشورو، دادو، ڪوٽري، نوابشاهه، ڪنڊيارو، سکر ۽ ٻين شهرن جو به آهي جتي به نه ته
ڊرينيج سسٽم جو انتظام بهتر آهي ۽ نه ئي وري اتي بجلي جو ڪو بهتر بندوبست ڪيو ويو
آهي. هر طرف اهي دانهون هونديون آهن ته جڏهن برسات جو هڪ ڦڙو به پوندو آهي ته
واپڊا عملدار بجلي بند ڪري ڇڏيندا آهن پوءِ ڀلي برسات ٿئي يا نه ٿئي اهي ڪلاڪن جا
ڪلاڪ بجلي بند رکندا آهن، انهن مسئلن کي ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن پر سکر،
نوابشاهه، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ روزانو گهارا پئجي رهيا آهن، جنهن سبب هن وقت تائين
ڪيترائي آبادگار متاثر ٿيا آهن پر ان باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ڪي به قدم
نه کنيا آهن. سنڌ ۾ جئين برساتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان روڊن رستن
تي پاڻي بيٺل نظر اچي رهيو آهي، برسات ته ڪجهه منٽ بعد ختم ٿي وڃي ٿي پر روڊن تي
بيٺل پاڻي ڪڍڻ لاءِ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميه طرفان ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. هر
هڪ اهو حڪومت کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ کان اڳ،
دريائن، شاخن ۽ واهن جي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جئين ڪنهن به
امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڀارت، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ برساتون
پونديون آهن ته اهي سمورو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇڏي ڏيندا آهن، جنهن سبب سنڌ
۾ به وڏو نقصان ٿيندو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيترن ئي شهرن ۾ شاخن ۽ واهن جي کاٽي
هن وقت تائين ناهي ٿي سگهي، آبپاشي عملدارن کي پگهارون ته ملي رهيون آهن پر اهي ڪم
درست نموني نه ڪري رهيا آهن جنهن سبب آبادگارن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي،
جيڪڏهن ڪٿي
گهارو لڳندو آهي ته اتي آپباشي عملدار ڪيترائي ڪلاڪن بعد پهچندا آهن جئين هتان جي
پوليس چوري ۽ ڌاڙي واري وادات کان پوءِ پهچي ضروري ڪارروائي ڪندي آهي ائين آپباشي
عملدار جڏهن ڳوٺاڻا گهارو بند ڪري ڇڏيند آهن ته اتي منهن ڏيکارڻ لاءِ پهچي ويندا
آهن، جن خلاف آبادگار دانهون ته ڪندا آهن پر حڪومت انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه
ڪندي آهي. آبادگار توڙي سياسي، سماجي اڳواڻ به حڪومت کان اهو ئي مطالبو ڪندا رهيا
آهن ته بندن کي مضبوط ڪيو وڃي ته جئين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان ايندڙ برساتن جي پاڻي
جي دٻاءُ سان ڪو بند نه ٽٽي ، جيڪڏهن هن ڀيري به ائين ٿيو ته ان جي ذميوار حڪومت
ئي هوندي، هونءَ به هن وقت سمنڊ جي ويرن ۾ چاڙهه سبب ٺٽي جي سامونڊي پٽي وارن
علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترائي ايڪڙ زمين بنجر ٿي رهي آهي، جيڪا فصل
جي لائق نه رهي آهي. سمنڊ جي ويرن ۾ چاڙهه سبب ڳوٺاڻا پنهنجا ڳوٺ ڇڏي رهيا آهن، جن
جي واهر لاءِ حڪومت ڪي لاڀائتا قدم نه کنيا آهن. حڪومت کي گهرجي ته
بندن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سان گڏ سڄي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان گڏ عملي جي
حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ چين توڙي ٻين ملڪن کان هيوي
مشينري به گهرائي وڃي ته جئين ڪشمور کان ڪي ٽي بندر تائين بندن کي مضبوط بڻايو وڃي
ته جئين گهارا پوڻ وارو سلسلو بند ٿي سگهي ۽ آبادگار نقصان کان بچي سگهن
No comments:
Post a Comment