Pages

Monday, 3 July 2017

جي آءِ ٽي ۾ اهم پيشيون ۽ حڪمت عملي

صاحب خان ڀٽي
سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس جي جاچ بابت جوڙيل جيَ آءِ ٽي کي 10 جولاءِ تي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي، جيئن جيئن وقت ويجهو اچي رهيو آهي، تيئن تيئن نواز سرڪار ۾ ٿرٿلو مچندو پيو وڃي ۽ جي آءِ ٽي ۾ به اهم شخصيتن جون اهم پيشيون ٿي رهيون آهن. وزيراعظم نوازشريف ڪٽنب سميت جيَ آءِ ٽي آڏو پيش ٿي چڪو آهي ۽ بيان به رڪارد ڪيا ويا آهن پر اڃا به جاچ هلي رهي آهي، وزيراعظم جي وڏي پٽ حسين نواز کي به  جي آءِ ٽي طلب ڪري چڪي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر طلب به ڪيو ويو آهي، حسن نواز به پيش ٿي چڪو آهي، شروعات ۾ جڏهن  وزيراعظم نوازشريف کي طلب ڪيو ويو هو ته ان وقت نواز سرڪار طرفان ڪو خاص رد عمل ظاهر نه ڪيو ويو هو پر هن ڀيري
جڏهن وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز کي طلب ڪيو ويو آهي، تڏهن کان نواز ليگ جا اڳواڻ سندرا ٻڌي ميدان تي لهي آيا آهن ۽ جيڪي بيان ڏئي رهيا آهن، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته  نواز ليگ کي اهو خدشو آهي ته جيَ آءِ ٽي متان سندن خلاف فيصلو نه ڏئي ڇڏي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو هو ته جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف نااهل ٿيو ته متان ڪو ٻيو ايئن نه سمجهي ته مستقبل ۾ ڪو سياستدان به نااهل نه ٿيندو. مطلب ته نواز ليگ سياسي اڳواڻن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته  ٻيون پارٽيون به سندس حمايت ڪن. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته  نواز ليگ جي آءِ ٽي بابت حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن جو نظارو اسان ڪجهه ڏينهن کان ڏسي به رهيا آهن ته ڪهڙي ريت نواز ليگ اڳواڻ جي آءِ ٽي  کي تڪراري بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. 
وزيراعظم نوازشريف جو سئوٽ طارق شفيع به جيَ آءِ ٽي آڏو پيش ٿي چڪو آهي، جنهن جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس خبر ناهي ته ٻيهر طلب ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته   جي آءِ ٽي کيس ٻيهر  پيش ٿيڻ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو آهي. بهرحال هن وقت پاناما جي هلندڙ جنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو پسجي رهيا آهن، هڪ طرف ريمنڊ ڊيوس جو ڪتاب ته مٿان وري پاناما جو هلندڙ راڳ ملڪ جي لاءِ هڪ عذاب بڻجي ويو آهي. ماضي جي جمهوري حڪومتن ۾ صرف دوستن کي پرچايو ويندو هو ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏياري ويندي هئي پر هاڻ پاناما جو راڳ هلي رهيو آهي، جنهن سبب اداران جي بدنامي به ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس واري معاملي تي نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ هڪ وڏي جنگ ڇڙي چُڪي آهي، جيڪا الائي ڪڏهن ختم ٿيندي پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته  ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪراچي اندر ڪافي امن قائم ٿيو آهي. لنڊن سان رابطا معطل هجن يا نه هجن پر سڪيورٽي ادارن ڪراچي جي شهرين کي سک جو ساهه کڻڻ لاءِ بهتر ماحول مُهيا ڪيو آهي، جيڪو ماضي ۾ ڪڏهن به نصيب نه ٿيو آهي،
هونئن ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪارا ڪڪر هن وقت به ڇانيل آهن، اهي ڪڏهن وسندا ان جي ڪنهن کي به خبر نه آهي، ڇاڪاڻ ته نواز سرڪار وقتي طور تي امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي آهي، جيڪا اڳتي هلي ڪهڙي صورت اختيار ڪندي، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي جون ته ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر حڪمرانن جو سڄو ڌيان پاناما ليڪس تي آهي، جنهن سبب لڳي نه ٿو ته هي سرڪار ڪو عوام لاءِ سوچي رهيو آهي. ماضي جي حڪومت پنهنجو حڪومتي مدو صرف دوستن کي پرچائڻ ۾ لڳايو ۽ صرف وزيرن کي بدلي ڪرڻ ۾ مصروف رهيا پر هن حڪومت ۾ صرف اعلانن مٿان اعلان ڪيا ويا پر  عملي طور تي ڪي به قدم کڄندي نظر نه اچي رهيا آهن. هڪ ڳالهه آهي ته نواز ليگ صرف پاناما واري معاملي کان بچڻ لاءِ  پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪيا آهن  پر ان مان به سندس جان آجي نه ٿي سگهي آهي، مطلب ته نواز سرڪار هجي يا وري پيپلزپارٽي جي حڪومت، ٻنهي پارٽين جي حڪومتن ۾ صرف پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا ۽ عوامي ڀلائي لاءِ  ڪي به خاص قدم نه  کنيا ويا آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هونئن ته سيڪيورٽي ادارا قدم کڻي رهيا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهي سياسي پارٽيون به هن ملڪ ۾ دانهون ڪري رهيون آهن جن جون به آف شور ڪمپنيون آهن ۽ اهي به سياسي اڳواڻ پاناما  واري معاملي تي سياست چمڪائي رهيا آهن جيڪي هن ملڪ ۾ ٽيڪس به ادا نه ڪندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ملڪ اندر سياسي  اڳواڻ پنهنجي ملڪيت ظاهر نه ڪندا آهن ۽ نه وري اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ اندر سياسي اڳواڻن جي دولت ٿوري هوندي آهي ۽ پرڏيهه ۾ انهن جي ملڪيت تمام گهڻي هوندي آهي، هن ملڪ ۾ ڪو ئي اهڙو سياسي اڳواڻ هوندو، جنهن جي ملڪيت هتي هوندي، باقي ته سمورن سياسي اڳواڻن جي ملڪيت ته پرڏيهه ۾ هوندي آهي ۽ اهي سياسي اڳواڻ جڏهن اقتدار تان هٽايا ويندا آهن ته پرڏيهه ۾ وڃي ترسندا آهن ۽ جڏهن چونڊون ٿينديون آهن ته اهي واپس اچي ملڪ جي عوام سان ٻيهر وڏا  وڏا واعدا ڪندا آهن ۽ عوام انهن کي ووٽ ڏئي يا نه ڏئي اهي ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ هن ملڪ ۾ اهو به چيو ويندو آهي ته هتي وڏيون پارٽيون پنهنجيون پنهنجيون واريون وٺنديون آهن.  اهو ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان ٿينديو به پيو اچي.

بهرحال هن وقت ملڪ اندر پاناما ليڪس جو وڏو چرچو هلي رهيو آهي، سمورن ٽي وي چينلن تي به صرف پاناما جو ئي راڳ هلي رهيو آهي ۽ سڀني کي ڏهه جولاءِ جوانتظار  آهي ته يوسف رضا گيلاني جيان وزيراعظم نوازشريف کي به نااهل قرار ڏنو ويندو يا وري هن ڀيري  نواز سرڪار کي فائدو ڏيندو ويندو، ماضي ۾ ته  جهاز ڪيس ۾  نوازشريف کي جيل اماڻيو ويو هو ۽ اڳوڻي آمر پرويز مشرف نواز  ليگ جي حڪومتي تختي کي اونڌو ڪيو هو ، هونئن ته ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي هئي پر مشرف وزيراعظم نوازشريف تي هلڪو هٿ رکيو  هو پر هن ڀيري ڏسون ٿا ته وزيراعظم نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ويندو يا وري حق ۾ فيصلو ڏنو ويندو.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  باقي ڪجهه ڏينهن اچي پاناما ليڪس جي جاچ مڪمل ٿيڻ بچيا آهن ۽ اهي ڏينهن سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو گذرندا  هوندا،  جڏهن  يوسف رضا گيلاني عدالت آڏو پيش ٿيو هو ته ان وقت پيپلزپارٽي ڪو خاص رد عمل نه ڏيکاريو هو ۽ نه جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ نه ئي وري  ڪو اهڙو بيان ڏنو ويو هو، جنهن سان اهو لڳي ها ته  پيپلزپارٽي ادارن جي توهين ڪري رهي آهي پر هن ڀيري جڏهن صرف جي آءِ ٽي وزيراعظم کان پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي ته ملڪ اندر ٻڙڌڪ مچي ويو آهي ۽ اتي به فرق ظاهر ڪيو پيو وڃي جيڪو  نه ٿيڻ گهرجي. 

No comments:

Post a Comment