Pages

Thursday 21 February 2019

نيب جي توپن جو رخ هاڻ پيپلزپارٽي ڏانهن....!!!

صاحب خان ڀٽي
آخر ڪار  اهي اڳڪٿيون ثابت ٿي ويون آهن ته مسلم ليگ ن کان پوءِ پيپلزپارٽي جو وارو ايندو ۽ اهو اڳڪٿيون اڄ  سچ ثابت ٿي رهيون آهن، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ، بابل ڀيو ۽ هاڻ وري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد مان نيب ڪراچي  نيب راولپنڊي ذڙيعي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندس گهر  تي ڇاپو به هنيو ويو، جنهن کان پوءِ ظاهري ڳالهه آهي ته پيپلزپارٽي جو رد عمل اچڻو هو ۽ اهو رد عمل نظر به آيو پر جيتري رد عمل جو امڪان ظاهر  ڪيو پئي ويو، اهو  نظر نه اچي رهيو آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  سميت اپوزيشن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت به ڪئي،  پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اڄ هڪ گرفتار ٿيو آهي، سڀاڻي ڪنهن ٻئي جي  واري به اچي سگهي ٿي، ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي وڏي مراد علي شاهه کي به گرفتار ڪيو وڃي، جيڪڏهن اڄ احتجاج نه ڪيو ته ٻيون به گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون، خورشيد شاهه اهو به چيو ته هو احتجاج ڪندا، ڀلي انهن جو ڪو ساٿ ڏي يا نه ڏي؟ پر شابس آهي، مسلم ليگ ن وارن کي جو انهن ماضي جون سڀ ڳالهيون وساري پيپلزپارٽي جي احتجاج واري سڏ کي مڃيو ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو، جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي کي به ان وقت سوچڻ گهرجي ها. 


جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان وقت نواز ليگ جو ساٿ به ڏين ها پر اهو عمل نظر نه آيو هو، جيڪو هاڻ نظر اچي رهيو آهي، پيپلزپارٽي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي گرفتاري تي به ڪو خاص احتجاج نه ڪيو هوندو، جيڪو مسلم ليگ ن اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري تي ڪيو. پيپلزپارٽي تي نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ خواجا سلمان رفيق جي گرفتاري تي به اهڙو احتجاج نه ڪيو هو، جيڪو مسلم ليگ ن ڪري ڏيکاريو آهي،  مسلم ليگ ن جي اڳواڻن  شاهد خاقان عباسي، خواجا آصف ۽ احسن اقبال  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته هي معاملو رڳو آغا سراج دراني جو نه آهي، هي معاملو جمهوريت جو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر اسد قيصر  هڪ ننڍي صوبي جي اسپيڪر جي گرفتاري بابت ڪجهه به نه ڳالهايو، جيڪڏهن ڪو  ٻيو پيپلزپارٽي جو اڳواڻ گرفتار ٿئي ها ته ان تي ڀلي قومي اسيمبلي جو اسپڪر پنهنجو موقف ظاهر نه ڪري ها ته ان سان ڪجهه به فرق نه پئي ها پر هي هڪ اسپيڪر جي گرفتاري آهي ۽ آغا سراج دراني کي ايئن گرفتار ڪيو ويو آهي،جيئن هڪ عام ماڻهو کي گرفتار ڪيو ويندو آهي.
 ماضي ۾ ايئن ٿيندو هو ته جڏهن ڪو عهدي تي هوندو هو ته ان خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ٿيندي هئي ۽ اهو جڏهن عهدي تان لهندو هو ته ان خلاف جاچ شروع ٿي ويندي هئي پر ڪجهه سالن کان اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جيڪو وڏي عهدي تي آهي، ان خلاف وڏي جاچ ٿي رهي آهي، جيئن آف شور ڪمپنين کان شروع ٿيل جاچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي جيل ڏيکاري ڇڏي ۽ پاناما ليڪس ۾ جن ٻين ماڻهن جا نالا هئا، انهن کي جيل جي ياترا ته ٺهيو، انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي ٿيندي به نظر نه آئي، جيڪڏهن  پاناما ليڪس بعد آف شور ڪمپنيون رکندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن ها ته اڄ ملڪ جون جيلون سياسي اڳواڻن سان ڀريل نظر اچن ها پر افسوس جو آف شور ڪمپنين جي مالڪن کي نوازشريف جهڙي سزا نه ملي سگهي ۽ نه ئي وري انهن خلاف ڪا خاص جاچ  ٿي سگهي، جنهن سان ملڪ جو عوام مطئمن ٿي سگهي ها، بهرحال جاچ اڃا هلي رهي آهي پر اڃا تائين آف شور ڪمپنيون رکندڙن خلاف اڃا ڪارروائي ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، رڳو  مسلم ليگ ن وارن جي.
هاڻ جڏهن ته مسلم ليگ ن کان پوءِ  نيب جون توپن جو رخ پيپلزپارٽي ڏانهن ٿي ويو آهي ته ان وقت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان وٺي پيپلزپارٽي جا وزير  پنهنجون پنهنجون معياريون ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ساڻن  ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ آغا سراج دراني جي گهر ۾ نيب وڃي، سٺو عمل نه ڪيو آهي، ايتري قدر جو  پيپلزپارٽي جي مرڪزي ترجمان مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته جيڪڏهن وفاق ۾ ننڍن صوبن جو نمائندو محفوظ نه آهي ته  پوءِ صوبن ۾ وري وفاقي نمائندو به محفوظ نه رهي سگهندو، مطلب ته  اهو بيان رڳو سياسي لڳي  ٿو ۽ پيپلزپارٽي جو اهو رد عمل  هن وقت تائين نه اچي سگهيو آهي، جنهن جي اميد ڪئي پئي وئي، مون کي ياد آهي ته ڪجهه مهينا اڳ قومي اسيمبلي  جي اجلاس ۾ نواز ليگ  اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو هوته جيڪڏهن زرداري ۾ هٿ وڌا ويا ته حالتون خراب ٿي وينديون ۽ اسان کي لڳو هو ته شايد پيپلزپارٽي پنهنجي ڪنهن به وزير يا  اڳواڻ جي گرفتاري تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي پر نه ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري تي ڪو رد عمل ظاهر ڪيو ويو ۽ نه ئي وري آغا سراج دراني جي گرفتاري تي نظر اچي رهيو آهي، رڳو سياسي بيان ٻڌڻ ۾ ملي رهيا آهن.
هن وقت مسلم ليگ ن جو رد عمل به ساڳيو ئي آهي، جيئن پيپلزپارٽي ظاهر ڪري رهي آهي، بس فرق رڳو ايترو آهي ته آغا سراج دراني کي پيپلزپارٽي پنهنجو ميمبر سمجهي ٿي ۽ مسلم ليگ ن آغا سراج دراني کي هڪ اسپيڪر سمجهي ٿي ۽   نواز ليگ اڳواڻ هڪ اسپيڪر جي گرفتاري تي رد عمل ظاهر ڪري رهيا آهن پر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن هن وقت تائين هڪ هنڌ ويهي ڪا نيب جي ڪاررواين بابت ڪا گڏيل حڪمت عملي نه جوڙي سگهيون آهن ۽ لڳي ٿو ته اڃا به سنڌ مان گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن  جي گرفتارين جو سلسلو جاري رهيوآهي ته ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اتحاد قائم ٿي وڃي جيئن اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيو هو ۽ ڳالهيون ٿيون هو پر  جيئن ته هن وقت اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف  سزا ڪاٽي رهيو آهي ۽ سندس علاج اسپتال ۾ ٿي رهيو آهي ۽ نوازشريف ۽  شهباز شريف هن وقت تائين پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن جي گرفتاري تي ڪو خاص رد عمل ظاهر نه ڪيو آهي پر لڳي ٿو ته اڳتي هلي اهي ٻئي اڳواڻ پيپلزپارٽي سان حڪمت عملي طئي  ڪري سگهن ٿا ۽ جمهوريت کي درست نموني هلائڻ ۾ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن بيانن بدران عملي طور قدم کنيو ويندو.
اربع ڏهاڙي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻ وڌيڪ ٿيو، جيترو حڪومت کي وقت ڏيڻو هو ، اهي ڏئي ڇڏيو، هاڻ عملي طور احتجاج ٿيندو،  جيڪڏهن کين بجلي مهانگائي خلاف روڊن تي اچڻو پيو ته اهي عوام خاطر روڊن تي ايندا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اهو به چيو ته اسان خلاف جيڪا ڪارروائي ڪئي وڃي  پر عورتن کي ڇڏيو وڃي، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌي مريم نواز به جيل وئي هئي، هوءَ نه ته  ڪا وزير هئي ۽ نه ئي ڪو کيس خاص عهدو هو پر ان باوجود هوءَ جيل ۾ وئي ۽ ضمانت تي آزاد ٿي وئي پر انهن  ڪاررواين کانپوءِ رد عمل اهو آهي ته هن وقت نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر سياسي پس منظر کان ڏور آهن ۽ سندن سياسي  بيان ٻڌڻ لاءِ نه ملي رهيا آهن، جيڪي اڳ جذباتي بيان ٻڌڻ ۾ ملي رهيا هئا، پر هاڻ جڏهن نيب جي توپن  جو رخ پيپلزپارٽي ڏانهن ٿيوآهي ته لڳي رهيو آهي ته تمام جلد ملڪ اندر هڪ سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال ڏسڻ ۾ ملندي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي به جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو آصف علي زرداري چيو آهي ته هو مولانا فضل الرحمان سان گڏ به احتجاج ڪري سگهن ٿا ۽ عوام لاءِ پنهنجو هڪ الڳ احتجاج به ڪري سگهن، جئين ته ڪجهه مهينا اڳ  ڪجهه تجزيه نگارن  چيو  هو ته مارچ ۾ ڪجهه ضرور ٿيڻ وارو آهي .
موجوده صورتحال کانپوءِ لڳي ٿو ته واقعي مارچ ۾ ڪجهه ضرور ٿيندو ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان واضح طور چئي چڪو آهي ته ملڪ لٽيندڙن کي  ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ايتري قدر جو وزيراعظم عمران خان سعودي ولي شهزادي محمد بن سلمان جي  دوري دوران اپوزيشن کي به دعوت نه ڏني ۽ جڏهن سعودي شهزادو آيو ته 20 ارب ڊالرز جو معاهدو ڪري هليو ويو ۽جڏهن هو انڊيا ويو ته  اتي 100 ارب ڊالرز جو معاهدو ڪري آيو،  اپوزيشن پاران چيو ويو ته کين دعوت ڏني وڃي ها ته هو سعودي ولي عهد جو استقبال ضرور ڪن ها. هاڻ اسان کي  مارچ جو انتظار ڪرڻو پوندو  ته آخر مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڪو اتحاد ٿيندو يا وري ماضي وارو رويو اختيار ڪيو ويندو، اهو هاڻ انهي ٻنهي پارٽي تي آهي، باقي رهي ڳالهه نيب جي ته اهو هاڻ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري  پنهنجا هٿ ڇنڊي چڪو آهي، جنهن هاڻ پنهنجي توپن جو رخ پيپلزپارٽي ڏانهن ڪري ڇڏيوآهي.

No comments:

Post a Comment