Pages

Monday 25 February 2019

وڌندڙ مهانگائي، مارچ ۾ ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ جڏهن به حڪومت عوام دشمن فيصلو ڪندي آهي ته عوام روڊن تي احتجاج ڪندو آهي ۽ اتان جا حڪمران عوامي رد عمل سبب پنهنجو فيصلو واپس وٺندا آهن، فرانس ۾ به مهانگائي ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان کان پوءِ ٻين ملڪن ۾ به مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو پر  اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين ڪنهن به وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪو آواز نه اٿاريو ويو آهي، جنهن سبب حڪمران روز بجلي ۽ گيسن جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪرائي رهيا آهن ۽ عوام ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪري رهيو آهي پر لڳي نه ٿو ته ڪو مسيحا ايندو ۽ مهانگائي کان نجات ڏياريندو، عوام کي پاڻ ئي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو ڇاڪاڻ ته جيڪي پارٽيون اپوزيشن جو  ڪردار ادا ڪنديون هيون، اهي اڄ ڪلهه احتساب جي سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن، ڪڏهن انهن کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي ته ڪڏهن وري انهن کي آزاد ڪيو ويندو آهي.
مطلب ته اندر ۽ ٻاهر  ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي ۽ اهو سلسلو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي، ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون اڄ ڪلهه احتساب جي چڪي ۾ پسجي رهيون آهن  ۽ ڪا به پارٽي هن ملڪ ۾ نه بچي آهي، جيڪا عوام جي لاءِ احتجاج ڪري ۽ حڪومت کي ڪنهن عوام دشمن فيصلي کان روڪي سگهي، پيپلزپارٽي هجي يا وري مسلم ليگ نواز ، انهن ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ جيل  وڃي رهيا آهن ۽ عدالتن ۾ به منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن ٻنهي پارٽين وٽ ايترو وقت ئي نه آهي ته اهي عوامي مسئلن ڏانهن ڪو ڌيان ڏئي سگهن، باقي رهي ننڍين پارٽين جي ته اهي خاموش آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو ڪجهه مولوين سان ٿيو ، اهو به سڀني جي سامهون آهي، جيڪي عالم سڳورا نوازشريف خلاف اسلام آباد ۾  ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هئا ۽ انهن خلاف ڪارروائي کان سيڪيورٽي ادارن کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، اهي ئي اڄ انهن کي فسادي ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ قرار ڏئي رهيا آهن، ميڊيا تي به حڪمرانن کي خوش ڪرڻ وارين خبرن کانسواءِ ڪجهه به نه هلي رهيو آهي،  اپوزيشن جو ڪو خاص رد عمل به نظر نه اچي رهيو آهي.
جيڪڏهن اپوزيشن جو رد عمل اچي رهيو آهي ته اهو رڳو نيب جي گرفتارين خلاف اچي رهيو آهي، هر طرف نيب جي ڪاررواين خلاف  رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هاڻ بس، حڪومت کي وڌيڪ وقت نه ٿا ڏئي سگهون، ايتري قدر جو هڪ صحافي سوال ڪيس ته اهو احتجاج نيب جي ڪاررواين خلاف آهي يا وري عوام جي لاءِ آهي ته آصف علي زرداري صحافي کي جواب ڏيندي چيو ته اهو احتجاج عوام لاءِ آهي، مهانگائي خلاف آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو مولانا فضل الرحمان سان مارچ ۾ گڏ به ٿي سگهن ٿا ۽ پنهنجو الڳ احتجاج به ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت مديني واري رياست جون دعوائون ڪندي اقتدار ته حاصل ڪري ورتو پر عوام جي لاءِ مديني واري رياست جا سمورا دروازا بند ڪرڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، حج تي سبسڊي ختم ڪري لک کان وڌيڪ خرچ حج تي وڌايا ويا آهن ۽ حج خرچ ۾ واڌ سبب اپوزيشن جو سخت رد عمل به سامهون آيو، جنهن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته جن وٽ پيساآهن، اهي حج ڪن، جن وٽ پيسا ناهن، اهي حج نه ڪن. مطلب ته حڪومت عوام کي فائدو ڏيڻ ۾ ڪا به سنجيدگي نه ڏيکاري رهي آهي،جيڪڏهن حڪومت کي عوام جو ٿورو به احساس هجي ها ته حج خرچ وڌائي ميديني واري رياست ڏانهن وڃڻ جا در بند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، هونئن ته هر شيءُ حڪومت مهانگي ڪري ڇڏي آهي، ايتري قدر جو تيل به مهانگو آهي ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ڪيون ويون آهن، بي روزگاري به وڌي رهي آهي ۽ انهيءَ بيروزگاري واري لهر ۾ صحافتي ادارا به بچي نه سگهيا آهن، مطلب ته هر طرف حڪومت ڏڪار واري صورتحال قائم ڪري ڇڏي آهي، نواز ليگ اڳواڻ الزام لڳائي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ حڪومت پيسا ڇاپي رهي آهي، جنهن سبب رپئي جو مُلهه گهٽجي ويو آهي ۽ ڊالر جو مُلهه وڌي ويو آهي.
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چئي رهي آهي ته تحريڪ انصاف کي حڪومت هلائڻ نه پئي اچي، حڪمرانن جي ڪري پاڪستان اڪيلو ٿي ويو آهي، جنهن جي جواب ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته پاڪستان اڪيلو نه ٿي رهيو آهي پر آصف علي زرداري اڪيلو ٿي رهيو آهي؟ هاڻ خبر نه ٿي پئي ته پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي يا وري اڳوڻو صدر آصف علي زرداري؟ ان بابت ته اهي پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ مهانگائي چوٽ تي چڙهي وئي آهي ۽ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي ۽ اها بوتل الائي ڪنهن وٽ آهي ۽ اهو جن الائي ڪنهن جي چوڻ تي هلي رهيو آهي، جيستائين انهن ٻنهي ڳالهين جي خبر نه پوندي، تيستائين اهو معاملو حل ٿيڻ ممڪن نه ٿيندو، باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف حڪومت جي ته پوءِ هن حڪومت   بجلي ۽ گيس  جي اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ ڪئي آهي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مديني واري رياست ۾ مهانگائي واري جن جو ڪو به تصور نه آهي ۽ نه ئي وري مديني واري رياست ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ شهريت ڏني ويندي آهي ۽ نه ئي وري انهن  کي مستقل طور آباد ڪيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي پاڪستاني اڄ به مديني واري رياست ۾  قيد آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ته سعودي جي عرب سڳورن کي هتي دعوتون ڏئي شڪار ڪرايو ويندو آهي ۽ عرب سڳورن کي خوش ڪرڻ لاءِ طعام تيار ڪرايا ويندا آهن ۽ مجال آهي جو ڪو سعودي سڳورن جي شڪار تي ڪو پابندي هڻي يا وري انهن  کان ڪو پڇي ته اهي  ناياب پکين ۽ جانورن جو شڪار ڇو ڪري رهيا آهن، عرب سڳورا ته شڪار ڪري سوشل ميڊيا تي تصويرون به شيئر ڪندا آهن، نه ئي ڪو  محب وطن جانورن ۽ پکين جي تحفظ لاءِ عدالتن ۾ ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن عرب سڳورن  جو شڪار بند ڪيو ويو ته سندن  روزگار بند ٿي ويندو، جيڪي به عرب سڳورن جا نوڪر ۽ انهن جا چمچا آهن، اهي نه ٿا چاهين ته  ملڪ ۾ جانورن جي شڪار تي پابندي لڳائي وڃي،  جيستائين عرب سڳورن لاءِ جانورن جي شڪار تي پابندي نه ٿي لڳائي وڃي، تيستائين انهن جي روزي هلندي رهندي؟
بهرحال  اهو هڪ الڳ معاملو آهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت حاجي سڳورن کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي عوام مٿان هڪ ٻيو مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي، نئين حج پاليسي موجب، حج پانڌيئڙا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڏيڍ لک رپيا وڌيڪ ادا ڪندا، پنجاب، ڪي پي، فاٽا جي حج پانڌيئڙن لاءِ حج خرچن ۾ هڪ لک 56 هزار رپيا وڌيڪ ادا ڪندا، سنڌ ۽ بلوچستان جا حج پانڌيئڙا حج خرچن جي مَد ۾ هڪ لک 46 هزار رپيا وڌيڪ ادا ڪندا،  اتر ريجن يعني اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ فاٽا واسين لاءِ حج خرچ 2 لک 80 هزار رپين مان وڌي 4 لک 36 هزار رپيا ٿي ويو آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ حج خرچ 2 لک 70 هزار رپين مان وڌي 4 لک 26 هزار رپيا ٿي ويو آهي.
بهرحال مهانگائي خلاف سياسي پارٽين جي خاموشي ان ڪري آهي جو هو پنهنجا مسئلا حل ڪرائن يا عوام لاءِ روڊن تي نڪرن، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته اپوزيشن خلاف ڪي به ڪيس نه هئا ۽ نوازشريف پيپلزپارٽي خلاف احتجاج ڪري رهيو ۽ جڏهن نوازشريف جي حڪومت هئي تڏهن وري تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري نوازشريف جي حڪومت خلاف ڌرڻاهڻي رهيا هئا،  مطلب ته ان وقت اپوزيشن کي احتجاج حق هو ۽ اهو احتجاج ميڊيا تي به ڏيکاريو ويندو هو پرهاڻ ته ڪو احتجاج به ڪري ٿو ته  اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نظر  نه ٿو اچي پر  سوشل ميڊيا تي ضرور نظر ايندو آهي، اهو ئي سبب آهي.
جڏهن به  اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪا به خبر هلندي آهي ته پوءِ ماڻهو سوشل ميڊيا تي ان کي ڳولهڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ ان خبر جي اصل حقيقت جي خبر پوندي آهي، اسان ته تحريڪ انصاف جي حڪومت  کان اهو ئي مطالبو ڪنداسين ته اوهان ڀلي مديني واري  رياست قائم ڪيو پر مديني  واري اصل رياست جا  در غريب عوام لاءِ بند نه ڪيو ۽ مهانگائي جو ايترو بار   ملڪ جي غريب  عوام مٿان نه وجهو جو اڳتي هلي  عوام کي روڊن تي اچڻو پئي، جيڪڏهن عوام روڊن تي آيو ته پوءِ اهو احتجاج روڪڻ حڪمرانن لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو. باقي رهي ڳالهه سياسي پارٽين جي ته اهي به احتجاج جو سوچي رهيا آهن، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جي يو  آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به  مارچ ۾ احتجاج ڪندو ۽ پيپلزپارٽي به مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  پيپلزپارٽي پنهنجو الڳ احتجاج ڪرڻ جو به چيو آهي،  جنهن کان پوءِ لڳي ٿو ته مارچ ۾ هڪ سياسي ڇڪتاڻ  وارو ماحول هوندو، جيڪڏهن اپوزيشن گڏجي احتجاج ڪيو ته حڪومت پاران به ڪي قدم کڻڻ جا امڪان آهن، جيڪڏهن  ان  دوران  طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته حالتون اهڙيون خراب ٿي وينديون جو تحريڪ انصاف حڪومت ان کي  ڪنٽرول ڪرڻ چاهيندي به نه ڪري سگهندي.

No comments:

Post a Comment