Pages

Wednesday 27 February 2019

ڀارتي جنگي جنون ۽ هوائي فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي

صاحب خان ڀٽي

پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت بدحواس ٿي ويو آهي ۽ اتان جي ميڊيا  پاڪستان تي ڏمرجي وئي آهي، جنهن سبب ڀارتي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا جو رويو به جارحيت وارو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ڇڪتاڻ گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي، گذريل ڏينهن به ڀارتي فوج طرفان پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان جي هوائي فوج ڀرپور جواب ڪارروائي ڪندي ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ پائليٽ کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي بيان جي ويڊيو به منظر عام تي اچي وئي آهي، جنهن پنهنجو نالو اڀي نندن ٻڌايو آهي ۽ ڀارت طرفان به جهاز تباهه واري معاملي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ اها به تصديق ڪئي آهي ته سندن پائليٽ ۽ جهاز گم آهن.  
پلواما واقعي کان پوءِ ڀارت جنگي جنون ڏکڻ ايشيا ۾ خطي جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون آهن، سرحد جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن ۾  ڀارتي جنگي جنونيت سبب خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي ،  پاڪستان طرفان ڀارت کي پلواما واقعي تي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته ڀارت پاڪستان کي پڪا ثبوت ڏي ته  جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ايتري قدر جو پاڪستان طرفان اهو واضح ڪيو ويو هو ته جنگ مسئلي جو حل ناهي،  ڳالهيون ڪيون وڃن، جنگ ڪرڻ سولي آهي پر ان کي ختم ڪرڻ تمام ڏکيو آهي پر  مودي سرڪار جي جنگي جنون  انهن ڳالهين ڏانهن  ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ خطي ۾ پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ لاءِ  جنگ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ ڀارتي ميڊيا به جنگي جنون ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ پاڪستان   خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڀارتي جهازن پاڪستاني سرحدن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽  پاڪستان جي هوائي فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي جهاز ڀڄي ويا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي جهاز 2 لڳي 55 منٽن تي داخل ٿيا ۽ اسان جو رد عمل به ٻه لڳي 58 منٽن تي ٿيو، جنهن بعد هو واپس موٽي ويا، ايتري قدر جو ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان  واقعي واري هنڌ جون تصويرون به جاري ڪيون ويون هيون، ايتري قدر جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران عالمي ميڊيا کي واقعي واري هنڌ به وٺي وڃي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي پر ڀارت ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. بهرحال ڀارت جي جنگي جنون سان خطي ۾ صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي.
جيڪڏهن هن وقت عالمي برادري پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ته اڳتي هلي اڃا وڌيڪ ڇڪتاڻ  واري صورتحال ٿي سگهي ٿي، جنهن سان هن خطي ۾ امن امان جي صورتحال به خراب ٿي سگهي، جيئن ته ڀارت ۾ اليڪشن جو وقت آهي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ  پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيکارڻو ضرور هو ۽ نريندر مودي جي انهيءِ جنگي لاڙي ٻنهي ملڪن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي آهي، ان سان  مودي کي وقتي فائدو ته ملي سگهي ٿو پر ان سان لکين ماڻهو متاثر به ٿي سگهن ٿا، جنهن جي ڪري ڀارت کي جنگ کان پاسو ڪري ڳالهين واري ميز تي اچڻ گهرجي، ٻي صورت ۾  خطي جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. بالاڪوٽ ۾ ٿيل ڀارتي  ايل او سي ڀڃڪڙي تي عالمي برادري به خاموش آهي، هن وقت تائين رڳو چين کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪو به بيان نه ڏنو آهي.
پاڪستان طرفان هوائي حدن جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارتي جهازن ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ان جارحيت کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لوڪينگ ڀارتي جهازن جي پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙي ۽ ان جي جواب ۾ پاڪستاني هوائي فوج جي فوري ڪارروائي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ٻنهي ملڪن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، چين چيو آهي ته اميد آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان اهڙا قدم کڻندا جنهن سان خطي ۾ خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي.
جيڪڏهن هن وقت ڏٺو وڃي ته ڀارت ۾ پاڪستاني سرحد اندر داخل جهازن واري واقعي تي مودي سرڪار پاران جشن ملهايو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته پلواما واقعي جو ڀرپور جواب ڏنو ويو آهي،  پاڪستان پاران به ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو سوچيو ويو آهي پر ان باوجود ڀارت جنگي جنون ختم نه ٿي سگهي آهي، ايتري قدر جو  سنڌ اسيمبلي، پنجاب اسيمبلي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾  ڀارتي  فضائي حملي  خلاف مذمتي ٺهراءُ به جمع ڪرايو ويو پر علي محمد خان چيو ته هي وقت ٺهرائن جو نه آهي، هي وقت ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ  جو آهي، ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي جو  اجلاس به ٿيو، جنهن دوران ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي ۽ 3 رڪني ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جيڪا اپوزيشن جماعتن کي اعتاد ۾ وٺندي.  
نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز   پنهنجي  ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو آهي ته سندس ملاقات اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان جناح اسپتال ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران نوازشريف چيو ته پاڪستان جي الله حفاظت ڪري. ايتري قدر جو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف،  خورشيد شاهه، شيري رحمان، رحمان ملڪ، ثناءُ الله زهري ٻين ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي ۽  اهو سلسلو هن وقت به هلي رهيو آهي.
جڏهن پلواما واقعو ٿيو هو ته ان  کانپوءِ فوري طور پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس کي  خط لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته گڏيل قومون ڀارتي ڌمڪين جو نوٽيس وٺندي فوري طور مداخلت ڪري، پر ان  باوجود ڀارت طرفان اڳرائي ڪئي وئي، جنهن جو جواب ڏيڻ به تمام گهڻو ضروري آهي، پر ڀارت کي رڳو چونڊن جي حوالي سان  پاڪستان  خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ  درست عمل نه آهي، هڪ طرف والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو واري صورتحال تي ٻئي طرف وري ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي، ايتري قدر جو والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن کي  حراست ۾ به ورتو ويو آهي، اهڙي صورتحال پاوجود  به  سياسي پارٽين عزم ورجايو  آهي هو ته  والاريل ڪشميرين سان گڏ آهن.، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڀارت هر ڀيري  پاڪستان تي الزام لڳائيندو آهي.
ڀارت ۾ ڪجهه به ٿئي ته ان جون ڪڙيون پاڪستان سان جوڙيون  وينديون آهن  پر پاڪستان طرفان ڪڏهن به اهڙو رويو اختيار نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته  پاڪستان ۾ جيڪي به حملا ٿيا آهن،  اهي افغانستان مان ئي ايندا آهن، پاڪستان ۾ جيڪي به  آپگهاتي حملا ٿيا آهن، انهن جون به ڪڙيون وڃي افعانستان سان ملنديون آهن، ايتري قدر جو ماڻهو اغوا ٿي ويندو آهي ته ان جو لاش به افغانستان مان ئي ملندو آهي ۽ پاڪستان طرفان بنا ثبوتن جي ڪڏهن به ڀارت  تي  الزام نه لڳايو ويو آهي، جيئن ته انصاف واري   عالمي عدالت ۾ ڪلڀوش ياديو جو ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن جو فيصلو اچڻ اڃا باقي آهي، ايف  اي ٽي ايف  جو اجلاس به ٿي چڪو آهي  هر ڏسڻو اهو ايه ته پاڪستان جو نالو گري لسٽ م نڪري ٿو يا نه ؟ جيڪڏهن انهيءَ سڄي صورتحال کي ڏسجي ته ڀارت  پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان طرفان به اهو   واضح ڪيو ويو آهي ته ڀارتي ڪوششون ناڪام بڻايون  وينديون،
پي ٽي آءِ   اڳواڻ فخر امام    اڱاري ڏهاڙي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته  پاڪستان جيڪڏهن اسامه بن لادن  خلاف آپريشن دوران ڪارروائي ڪري ها ته اڄ ڪنهن به ملڪ کي اهڙي  ڪارروائي ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي هئي، اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستان 3 جنگن ۾ حصو وٺي چڪو آهي ۽ اهي جنگون ٻين جون هيون پر هي جنگ اسان جي پنهنجي آهي، ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ڀارت ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي. بهرحال ڀارت جي اڳرائن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ته پيدا ٿيندي پر ان سان گڏ   دنيا جي ٻين ملڪن تي به ان جا خراب اثر پوندا، ڀارتين  ڌمڪين سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي رهي،  جڏهن ته ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي،   ڀارتي رپئي  جي مُلهه ۾ به لاٿ آئي آهي. هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته ڪنهن به مسئلي جو حل جنگ نه هوندي آهي، جنهن سبب ڀارت کي  گهرجي ته ڪنهن به اڳرائي  ڪرڻ کان اڳ ايترو ضرور سوچي ته  ٻئي ملڪ ايٽمي طاقتون آهن ۽ عالمي برادري کي به گهرجي ته فوري طور ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوري ڪري ٻي صورت ۾  خطي ۾ تمام وڏي ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن کي ختم ڪرڻ عالمي برادري بعد ۾ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو.

No comments:

Post a Comment