Pages

Wednesday 20 February 2019

پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ واري سازش

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير تڪرار هلي رهيو آهي ۽ پاڪستان پاران والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ۽ ڪشميرين جي حمايت جو اعلان ٿيندو رهندو آهي، جيڪا به حڪومت ايندا آهي، اها والاريل ڪشمير جي حل لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائڻ تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي آهي،  مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جڏهن اقتدار ۾ هيون ته انهن به ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آواز اٿاريو هو ۽ هاڻ  وري تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻه قدم اڳتي وڌائندي والاريل ڪشمير جي مسئلي کي هر فورم تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان پرڏيهي وزير سميت تحريڪ انصاف جا سمورا اڳواڻ  والاريل ڪشمير  جو مسئلو عالمي سطح تي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اها ڳالهه ڀارت کي هضم نه ٿي رهي آهي، جنهن سبب ڀارت مختلف وقتن تي سرحد تي ڇڪتاڻ وارو ماحول پيداڪندو رهيو آهي، ڀارت طرفان ايل او سي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي آبادي وارن علائقن تي به حملا ڪندو رهيو آهي ۽ ان تي پاڪستان طرفان ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيو ويو آهي پر  ڀارت طرفان ڪڏهن به ڪو به مثبت  جواب نه ڏنو ويو آهي.
جڏهن  تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان وزيراعظم طور چونڊجي ويو هو ته هُن هڪ ڀارتي نشرياتي اداري کي انترويو ڏيندي ڀارت کي  خاطري ڪرائي هئي ته هاڻ نئون پاڪستان ٺهي چڪو آهي ۽ پاڪستان طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي ويندي پر  ڀارت  ان ڳالهه تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو هو، جيئن ته هاڻ ڀارت ۾ چونڊ وارو ماحول آهي، ان وقت والاريل ڪشمير ۾ ڀارت تمام گهڻا فوجي اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪرفيو وارو ماحول به آهي، جڏهن ته حريت اڳواڻن جي سيڪيورٽي به واپس وٺي ڇڏي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه اُن وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن ڀارت ۾ اليڪشن تمام گهڻو ويجهو اچي چڪا آهن، نريندر مودي به پاڪستان خلاف بيان ڏيڻ ۾ مصروف آهي ۽ ڀارت جا سياسي اڳواڻ به پاڪستان خلاف زهريلا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو نه پيا ڪن، پاڪستان طرفان والاريل ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي اٿارڻ سبب ڀارت پاڪستان تي ڪاوڙيل به آهي ۽ پاڪستان کي ڌمڪيون به ڏيندو رهيو آهي پر پاڪستان طرفان هر ڀيري سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويندي رهي آهي، هن ڀيري به والاريل ڪشمير جي پلواما ضلعي ۾ ڀارتي فوج تي ٿيل حملي جو الزام پاڪستان تي لڳايو ويو آهي ۽ ڌميڪون ڏنيون ويون آهن ته پاڪستان کان بدلو ورتو ويندو.
ڀارتي ميڊيا تي به پاڪستان خلاف پروپيگنڊا جو سلسلو جاري آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڀارت اليڪشن ملتوي ڪرائڻ يا نريندر مودي کي ٻيهر کٽرائڻ لاءِ ڪا به جارحيت ڪري سگهي ٿو، جنهن سبب  وزيراعظم عمران خان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته اسان سوچڻ کانسواءِ ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين، اپوزيشن به ان معاملي تي ڀارت کي ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي.  
پلواما حملو:
ڪجهه ڏينهن اڳ والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ آونتي پورا ۾ آپگهاتي حملي جي نتجي ۾ 42 ڀارتي فوجي اهلڪار مارجي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب، 70 گاڏين تي ٻڌل قافي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 25 سئو اهلڪار شامل هئا، حملي آور  ن ڀارود سان ڀريل ڪار ڀارتي سڪيورٽي فورسز جي قافيل سان ٽڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهلڪار اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي  زخمي ٿي پيا، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن پاران پلواما  واقعي جي مذمت به ڪئي وئي پر حملي ٿيڻ کانپوءِ  ڀارتي ميڊيا  ۽ ڀارتي سرڪار پنهنجي توپن جو رخ بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ پلواما حملي جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏئي ڇڏيو هو پر پاڪستان سمورن الزامن کي رد  ڪري ڇڏيو، پلواما حملي کان پوءِ ڀارتي انتهاپسندن والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين  جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جون گاڏيون به ساڙيون ويون، ڀارتي انتهاپسندن جي ڌمڪين سبب ماٿري ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل  آهي.
پلواما حملي سبب والاريل ڪشمير ۾  ڪرفيو وارو ماحول آهي، هزارين ڪشميرين مسجدن ۾ پناهه ۾ورتي آهي، ڀارتي فوج گهر گهر سرچ آپريشن ڪري رهي آهي، ڪيترائي بي گناهه ڪشميري هن وقت تائين ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي چڪا آهن، ڀارت جي دوردون ۽ ٻين علائقن ۾ پڙهندڙ ڪشميري شاگردن کي به حراسان ڪيو پيو وڃي، جن هڪ گرودوار ۾ پناهه ورتي آهي، ڪيترائي شاگرد پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ دربدر ڀٽڪي رهيا آهن پر ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ بدران انتهاپسند ڇڪتاڻ واري ماحول کي هٿي ڏئي رهيا آهن، مطلب ته پلواما حملي کانپوءِ ڀارت ۾ ڪشميرين لاءِ جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، پر هن وقت تائين ڀارتي سرڪار  ڪشميرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي گڏيل قومن هن وقت تائين والاريل ڪشمير ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي ڀارت کي هدايت جاري ڪئي آهي، انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ڀارت  اليڪشن جي ڪري پلواما  جهڙا واقعا ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  سيمت وفاقي ۽ صوبائي وزيرن پاران ڀارتي رويي جي مذمت ڪئي وئي آهي،  ايتري قدر جو وزيراعظم عمران خان  پلواما واقعي جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي آڇ به ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم  عمران خان چيو آهي ته جنگ شروع ڪرڻ سولي آهي پر ان کي ختم ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي.
ڪشميرين کي اقليت ۾ ڪرڻ وارو معاملو:
 ڀارت جي سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 35  اي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد والاريل ڪشمير ۾ غير ڪشمرين جي آباد ٿيڻ جو دڳ کلي ويو آهي،  سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف  والاريل ڪشمير به احتجاج ڪيا ويا ۽ پر ان جو ڀارت تي ڪو به اثر نه پيو، حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 35 اي ختم ڪري هندن کي ڪشمير منتقل ڪرڻ  چاهي ٿو، مشعال ملڪ جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪجهه حريت اڳواڻ چئي رهيا آهن ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾  هندن کي آباد ڪري ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽  والاريل ڪشمير ۾  غير ڪشميري ملڪيتون به خريد ڪري رهيا آهن،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو سلسلو رڳو ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي، ٻيا  به ڪيترائي ملڪ آهن، جتان جي حڪومت پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري غيرن کي آباد ڪري اتان جي اصل قوم کي اقليت بڻائڻ جي ڪوشش ڪري  رهيا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن پر انهن ملڪن جي حڪومت اهڙي آواز کي هميشه لاءِ طاقت جي زور تي دٻائي ڇڏيندي آهي، اهو ظلم رڳو والاريل ڪشمير ۾ نه ٿي رهيو آهي، رياستون پنهنجي ڏاڍ سان اصل قومن کي اقليت ۾ تبديل ڪري قومن جو نالو نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، انهن مان والاريل ڪشمير به هڪ آهي، پر بس فرق ايترو آهي جو انهن ملڪن ۾ اهو چئي خاموش ڪرايو ويندو آهي ته اهي مسلمان ڀائر آهن، جيڪڏهن آباد ٿين ٿا ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي پر  والاريل ڪشمير ۾ فرق  رڳو ايترو آهي ته اتي مذهبي فرق به آهي.
بهرحال ٻين ملڪن ۾ ڇا ٿي رهيوآهي، ان بابت به دنيا کي سڀ خبر آهي پر والاريل ڪشمير ۾ ڀارت  ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن جو فارمولو استعمال ڪري رهيو آهي، جيئن ٻين ملڪن ۾ غيرن کي آباد ڪيو ويندو آهي، ايئن والاريل ڪشمير ۾ غيرن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ اتي غير ڪشمري ملڪيتون به خريد ڪري رهيا آهن، جنهن تي والاريل ڪشمير جي اصل عوام کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، جيڪڏهن هڪ دفعو والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري اقليت ۾ تبديل ٿي ويا ته پوءِ والاريل ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد کي تمام گهڻو ڍڪ رسندو. بهرحال انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڀارتي فوج عورتن سان زيادتي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي، منهنجي تجويز آهي ته ڪشميري عوام کي حق ڏنو وڃي.  پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل راجسٿان مان پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ نڪرڻ جي ڀارتي حڪم کي مذمت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڀارتي قدم ڀارتي ميزباني ۽ ان جي سياحت دوستي جي شرمناڪ چهري کي بي نقاب ڪري ٿو، اهو حڪم ڀارتي جنگي جنون ۽ اليڪشن تي جذبن کي ڀڙڪائڻ جي نشاني آهي.
ڀارتي ڌمڪيون:
پلواما حملي کانپوءِ ڀارت طرفان مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن تي پاڪستان پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي سڄي صورتحال کان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، خط ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي فور ي مداخلت ڪرڻ جو چيو ويو آهي، خط ۾ چيو يو آهي ته ڀارت بنا ڪنهن جاچ ۽ ثبوتن جي الزام لڳائي رهيو آهي، ٻئي طرف نريندر مودي پنهنجا ناپاڪ مقصد بيان ڪندي چيو آهي ته ڀارتي فوج پلواما ڌماڪي جو منصوبو جوڙيندڙن تي ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به جاءِ تي حملو ڪري سگهي ٿي.نريندر مودي ڀڀڪي ڏيندي چيو ته پاڪستان ڄاڻي وٺي ته هي نئون ڀارت آهي ۽ 130 ملين ماڻهن جو ملڪ گڏجي پاڪستان کي جواب ڏيندو.اسان پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏينداسين ۽ ڌماڪا ڪندڙ ڳري قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهن.جنهن تي وزيراعظم عمران خان به ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارت ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي، جيڪڏهن حملو ڪيو ويو ته اسان ڪجهه سوچڻ بنا ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪنداسين.
ايران ۾ آپگهاتي حملو:
ايران ۾ پاسدارن انقلاب جي بس تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي  ويا آهن.  ايراني ميڊيا موجب، ايران جي صوبي سيستان بلوچ ۾ آپگهاتي بمبار زاهدان کان ڪيش ويندڙ  پاسدارن انقلاب جي بس کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 20 اهلڪار موقعي تي مارجي ويا، جنهن به اسپتالن ۾ 4 ڄڻن دم ڏنو. ذريعن موجب، حملو اُن وقت ٿيو، جنهن وقت فوجي، سرحد تي پهريداريءَ واري ڪم تان واپس موٽي رهيا هئا، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي فوجي پريڊ تي حملي جو الزام آمريڪي حمايت يافه نار ملڪن تي لڳايو آهي،  آيت الله خامنه اي چيو آهي ته آمريڪا جون ڪٺ پتليون ايران ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ چاهين ٿيون، حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، بي بي سي موجب آيت الله خامنه اي جي بيان کان سعودي عرب ۽ سندس اتحادين سان ايران جي ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، پاڪستان طرفان به ايران ۾ ٿيل حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.
پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ واري ڀارتي سازش:
فرانس جي شهر پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، ناڻي وارو سيڪريٽري عارف احمد به ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردن کي مالي سهڪار روڪڻ لاءِ پاڪستان جي کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو، ٻئي طرف وري انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ڀارتي درخواست تي ٻڌڻي به ٿي آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جا وڪيل پنهنجا پنهنجا دليل مڪمل ڪري چڪا آهن،  جڏهن ته پاڪستان  وٽ ڀارتي جاسوس بابت پڪا ثبوت به موجود آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پلواما حملي کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ان ڇڪتاڻ  جو فائدو ڀارت ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۽ڪلڀوشن ياديو واري ڪيس ذريعي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلوڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان نريندر مودي پنهنجو بيان به ڏئي چڪو آهي، نريندر مودي جي بيان تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ڪافي عرصي کان پاڪستان اڪيلوڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي پر هو ڪامياب نه ٿيندو.
بهرحال ڀارتي جنون وڌندو پيو وڃي، جيڪڏهن ڀارت ڪا جارحيت ڪئي ته ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو، اڳ ئي  ملڪ جو عوام دهشتگردي جي جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي چڪو آهي۽ هاڻ  وري والاريل ڪشمير واري معاملي تي ڀارت جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جيڪي  واقعي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، هن وقت سعودي عرب سميت سڄي دنيا کي خطي ۾ امن امان جي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڀارتي جنون کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه ٿينديون آهن. 

No comments:

Post a Comment