Pages

Thursday 28 February 2019

ڌارين کي بينڪ اڪائونٽس کولڻ اجازت، آخر ڇو؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي، تنهن ڏينهن کي ڌارين کي ملڪي شهري تسليم ڪرڻ واريون ڪوششون تيز ٿي ويون آهن ، وزيراعظم عمران خان  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به افغان مهاجرن سميت  سموري ڌاري لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جو چيو هو ، جنهن تي اپوزيشن پاران احتجاج به ڪيو ويو پر ان باوجود وزيراعظم عمران خان ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات  هڪ  ڪري ڇڏي آهي، ڪڏهن حڪومت پاران ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ جون ڳالهيون  ڪيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري انهن کي هتان جو شهري تسليم ڪرڻ لاءِ  ملڪ جي اصل رهواسين تي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو، ڪڏهن ته غدار جا لقب ڏئي ماڻهن کي خاموش ڪرايو وڃي ٿو ۽  اهو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي،  25 فيبروري  2019 تي وزيراعظم عمران خان  پنهنجي ٽوئيٽ پيغام چيو آهي ته  مون هدايت جاري ڪئي آهي ته جيڪي به رجسٽرڊ افغان مهاجرن آهن، اهي بينڪ اڪائونٽس کولي سگهن ٿا، جنهن کانپوءِ  اهي ملڪ جي رسمي معشيت ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم عمران خان اهو به چيو ته اهو سڀ ڪجهه اڳ ئي ٿيڻ گهرجي  ها.
بهرحال وزيراعظم عمران خان هجي يا نوازشريف يا ڪو ٻيو هجي، سڀني جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري انهن کي هن ملڪ جو شهري تسليم ڪيو وڃي ۽ اها ڪوشش گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ اها ڌارين جي سموري لوڌ خاص طور تي سنڌ ۾ آباد ڪئي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي  جو  جيڪو به وزيراعظم ايندو آهي، اهو انهن کي  سنڌ ۾ ووٽ جو حق ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ڪنهن ٻئي ملڪ ٿئي ته هن ملڪ رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته اهو غلط ٿي رهيو آهي پر جيڪڏهن  هن ملڪ اهو سڀ ڪجهه ٿئي ته چيو ويندو آهي ته  رڙيون ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، آخر اهو ٻٽو معيار ڇو آهي، آخر ملڪ ۾ اصل ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ کان ويندي انهن کي ٻيون  سهولتون ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ڪيون وڃن، آخر سنڌين جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ جو وزيراعظم عمران خان ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن وري انهن کي بينڪ اڪائونٽس  کولڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي،
 جيڪڏهن  افغان مهاجرن کي انهيءَ لاءِ ترسايو ويو  هو  ته انهن کي هن ملڪ جو شهري تسليم ڪيو ويندو ته پوءِ آخر ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڳڻتي جو ڊرامو ڇو  پيو رچايو وڃي، آخر ڇو وڌندڙ آبادي تي آگاهي مهم هلائي پئي وڃي، ڀلي اوهان لکين رپيا وڌندڙ آبادي  کي گهٽائڻ  واري مهم تي خرچ ڪيو پر ان سان مسئلو حل نه ٿيندو، جيستائين اوهان ملڪ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ  وارو سلسلو بند نه ڪندا، تيستائين هن ملڪ ۾ دهشتگرد داخل ٿيندا رهندا ۽ اهي مهمان اوهان جي ملڪ جي سلامتي خطري ۾ وجهي ڇڏيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾  جيڪي به دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، انهن جون سموريون ڪڙيون خاص طور تي افغانستان سان ملنديون آهن، مزارن، درگاهن  ۽ امام بارگاهن  تي جيڪي به حملا ٿيا آهن، انهن جون به ڪڙيون افغانستان مليون آهن ۽ جڏهن به هن ملڪ ۾ ڪو سانحو پيش آيو آهي ته  قوم کي کي بريفنگ  ڏني وئي ته دهشتگرد افغانستان مان آيا هئا پر افسوس جو حڪمرانن مهمان نواز جو ڊرامو رچائي  انسانيت جو مثال ڏئي انهن کي ترسائيندو آهي ۽ اها ڌاري لوڌ هاڻ هت مڪمل طور آباد ٿي چڪي آهي،
 جيئن ته  نادرا ۾ خاص ٽولو آهي، جيڪي افغانين جا ڪارڊ ته سولائي سان ٺاهي ڏئي ڇڏيندو آهي، بنا ڪنهن جاچ پڙتال  جي ڌارين جي لوڌ کي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا آهن، هن ملڪ ۾ افغاني، برمي بيهاري، بنگالي ۽ ٻي ڌاري لوڌ وٽ پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ آهن پر جڏهن  هتان جي اصل رهواسين کي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ در  در ڀٽڪايو ويندو آهي ۽ اهو بانور ڪرايو ويندو آهي ته نادرا  وڏو اصول پرست ادارو آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، هن ملڪ ۾ هزارين ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ آهن پر ان جو جواب اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏنو ويو ته آخر انهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي آهي؟ آخر ڇو وزيراعظم اهڙي حساس اداري جي اهڙي رويي تي خاموش آهي؟
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن سمورن سوالن جو جواب اسان کي ڪڏهن به نه ملندو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان پاڻ ئي چئي چڪو آهي ته انهن کي تسليم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن  وزيراعظم انهن کي تسليم ڪرڻ جو چئي رهيو آهي ته پوءِ آخر  اسان کي تسليم ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ آخر ڇو  سنڌ جي ماڻهن کي حق نه پيا ڏنا وڃن،  آخر ڇو سنڌ جي نوجوانن کي هر شعبي کان پري رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آخر ڇو سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڌاري لوڌ کي نوڪريون ڏنيون آهن؟ آخر ڇو سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ڪيا ويا  آهن؟ آخر ڇو  سنڌ ۾ دهشتگردن کي کلي ڇوٽ ۽ ڌرتي ڌڻين ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي؟ آخر ڇو سنڌ جي قديم عمارتن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ انهن سمورن سوالن جا جواب شايد اسان کي ڪير نه ڏيندو؟ مون کي ياد آهي ته ڪجهه اڳوڻي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو  هو پاڪستان افغانين جي مهمان نوازي ڪري رهيو آهي ۽  انهن کي نوڪريون به ڏنيون ويون آهن.
اڄ حڪمران پاڻ چئي رهيا آهن، اسان  ٻين جنگون وڙهيون آهن پر اهو نه چيو آهي ته انهن جنگن ۾ متاثرن کي به پاڪستان ۾ آباد ڪيو ويو ۽ انهن کي آباد ڪري ملڪ  تي هڪ وڏو بار وڌو ويو آهي، جنهن جي سٽ هڪ ڏينهن هي ملڪ برداشت نه ڪري  سگهندو، اهو وقت پري نه آهي، جڏهن  اهي افغان مهاجر ايوانن ۾ هوندا ۽ افغانستان جي سپورٽ ڪندا ۽ ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ ته جيڪي حڪمران قدم کڻي رهيا آهن، ان سان ملڪ جو ڪو ڀلو نه ٿيندو، جيستائين اوهان  پنهنجي ملڪ جي عوام تي  انسانيت نه ڏيکاريندا ۽ هن ملڪ جي عوام کي انسان نه سمجهندا، تيستائين ڪا به تبديلي نه ايندي، باقي رهي ڳالهه انهن  ڌارين کي آباد ڪرڻ جي ته ان سان نه  ڪنهن ملڪ کي فائدو ٿيو آهي ۽ نه ئي وري هاڻ ٿيندو؟ جيڪڏهن اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي ڌارين کي آباد ڪرڻو هو ته پوءِ اهو ڊرامو ڇو رچايو ويو ته اهي مسلمان ڀائرن آهن ۽  جنگ ختم ٿيڻ بعد واپس هليا ويندا.
جيڪڏهن ان وقت پاڪستان جي حڪمرانن کي انهن ڌارين کي واپس موڪلڻ جي نيت هجي ها ته انهن افغان مهاجرن کي سرحد وٽ ڪئمپون قائم ڪري ترسائين ۽ انهن  کي ملڪ ۾ آباد  نه ڪن ها پر افسوس جو حڪمرانن  هڪ سازش تحت افغان مهاجرن کي آباد ڪرڻ لاءِ مهمان نواز  جو ڊرامو رچايو ۽ اڄ چيو پيو وڃي ته انهن کي  تسليم ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي به شهريت ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن هڪ ٻه لک افغاني هجن ها ته  ڪنهن کي به اعتراض  نه هجي ها پر  اها ڌاري لوڌ  لکن جي تعداد ۾ آهي، جنهن سان ملڪي حالتون ته خراب ٿي رهيون آهن پر ان سان مقامي ماڻهن جا حق به غضب ٿي رهيا آهن، آخر ڇو وزيراعظم عمران افغان مهاجرن کي اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏني آهي؟   جيڪڏهن انهن کي اڄ بينڪ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏني آهي ته اڳتي هلي انهن کي ووٽ ڏيڻ جي به اجازت ڏني ويندي.
وزيراعظم جي انهيءَ قدم مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت  جو اهو ضد آهي ته ملڪ جي اصل قومن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ اها وزيراعظم جي هدايت ان جي هڪ ڪڙي آهي، سمورو ڪم هڪ لکيل اسڪرپٽ ٿي رهيو آهي، ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪري انهن کي بينڪ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ٻيون سهولتون به ڏنيون وينديون، جيڪڏهن حڪمرانن کي ڌارين جو ايڏو احساس آهي ته پوءِ انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلي ۽ جيڪي ڌاريا ملڪ جي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي نوڪري مان ڪڍيو وڃي ۽ جن هن ملڪ ۾ ملڪيتون ٺاهيون آهن، انهن کي به ڪڍيو وڃي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن سنڌ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ڌارين جي لوڌ خلاف ڀرپور احتجاج ڪندو ۽ هم آگاهي مهم هلائندو ته آخر ڪهڙي اصولن تحت برمين، بنگالين، بيهارين ۽ افغانين کي آباد ڪرڻ لاءِ  حڪمرانن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي؟ آخر ڇو حڪمران سنڌين کي اقليت ۾ تبديل رڪڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهو اسان ان ڪري چئي رهيا آهيون ته جيڪا به ڌاري لوڌ آهي، اها سنڌ۾ آباد آهي ۽ اهي ڌاريا سنڌ تي بار آهن پر ان کان وڌيڪ هن ملڪ تي بار آهن ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڌاري لوڌ کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته ان مان صاف ظاهر ٿي ويندو ته حڪمران انهن کي هڪ سازش  تحت آباد ڪري رهيا آهن.  

No comments:

Post a Comment