Pages

Saturday 27 March 2021

صحافي اجئه لالواڻي جو قتل، انصاف ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ صحافي محفوظ آهن يا نه،  ان بابت ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر سنڌ ۾ صحافي مڪمل طور غير محفوظ ٿي ويا آهن، صحافي شان  ڏهر جي شهادت کانپوءِ صحافي عزيز ميمڻ جو لاش ڏنو ويو، صحافتي تنظيمن جي جدوجهد باوجود وڌيڪ هڪ صحافي کي  بيدردي سان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ جي صحافين ۾ تاءُ پکڙيل آهن، دهشتگردن صحافي عزيز لالواڻي کي شهيد ڪري سنڌ جي صحافين کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته هو بلڪل ننڌڻڪا آهن، سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار انهن جو ڪجهه بگاڙي نه ٿي سگهي ۽ اهي جنهن مهل به چاهين ڪنهن به  صحافي کي سولائي سان قتل ڪري سگهن ٿا. هن وقت سڄي سنڌ ۾ قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ان باوجود نه ته شان ڏهر، نه ئي عزيز ميمڻ جي وارثن کي انصاف ملي سگهيو آهي، مٿان وري اجئه لالواڻي کي شهيد ڪري دهشتگردن حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪيو آهي.

شهيد اجئه لالواڻي جي قتل کانپوءِ صحافتي تنظيمون متحرڪ ته نظر آيون پر سنڌ سرڪار صحافين جي قتل عام تي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي، ايتري قدر جو ڪنهن به اعليٰ اداري هن وقت تائين  اجئه لالواڻي جي قتل جو نوٽيس نه ورتو آهي، نه ئي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شهيد صحافي جي وارثن وٽ لڙي ويو آهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت کي صحافين جي تحفظ جي ڪا به ڳڻتي نه آهي ۽ دهشتگرد  سرعام صحافين کي قتل ڪري آجا گهمي رهيا آهن. شان ڏهر ۽ عزيز ميمڻ جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ملي ها  ته اڄ ڪنهن به دهشتگرد، بااثر وڏيري کي اها جرئت نه ٿئي ها ته اهي ڪنهن صحافي کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪن ها.

صالح پٽ جي صحافي کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي شهيد ڪرڻ واقعي مان هڪ ڳالهه  صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته سنڌ ۾ قانون جي رٽ مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي ۽  صوفين جي ڌرتي تي بااثرن ۽ دهشتگردن جو قانون هلي رهيو آهي، جيڪي اڳ ۾ ميسجز ذريعي ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ بعد ۾ سولائي سان اچي صحافين کي قتل ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر حڪومت  توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن  دهشتگردن کي  پڪڙي به نٿي سگهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو  آهي ته سڄي سنڌ صحافين لاءِ نوگو ايريا  بڻجي وئي آهي، هتي رڳو اهو شخص آزاد صحافت ڪري سگهو ٿو، جيڪو بااثر  جي چوڻ تي هلندو هجي، باقي جيڪو به مخالفت ڪندو يا ڪنهن مظلوم جو آواز بڻجندو، ان جو آواز ئي هميشه ختم ڪيو ويندو. اهو ئي سڀ ڪجهه صالح پٽ جي صحافي اجئه لالواڻي سان ٿيو آهي، دهشتگردن اڳ ۾ کيس فون تي ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد کيس وچ شهر ۾ گوليون هنيون ويون، ايتري قدر جو جنهن اسپتال ۾ کيس داخل ڪرايو ويو، اتي به سندس علاج درست نموني نه ٿيو ۽ صحافتي تنظيمن ان وقت ان معاملي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ صحافتي تنظيمن پاران ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ سبب اجئه لالواڻي شهيد ٿي ويو، اڄ جڏهن اجئه لالواڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو ته سڄي سنڌ ۾ صحافي سراپا احتجاج بجھي ويا آهن پر ڇا اهو احتجاج رنگ لائيندو يا وري جيئن شهيد شان ڏهر ۽ عزيز ميمڻ واري ڪيس ۾ ٿيو، اجئه لالواڻي وارو ڪيس  به ساڳي نموني هلندو، اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته  صحافتي تنظيمون هڪ قلم ڌڻي جي خون جو حساب وٺنديون يا وري ڪجهه ڏينهن جي احتجاج کانپوءِ خاموش ٿي پنهنجي ڪم ڪارن ۾ لڳي وينديون.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيسن ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جي ڪري صحافين کي قتل ڪندڙ دهشتگرد هن وقت به سرعام گهمي رهيا آهن، جيڪڏهن  سڄي سنڌ جا صحافي هڪ آواز بڻجي وڃن ته دهشتگرد ۽ قاتل ڀلي ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي، ان کي  قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي پر افسوس جو  اجئه لالواڻي سنڌ جو  صحافي آهي ۽ سنڌي آهي، جنهن سبب سنڌ سرڪار جي ڪامورن جي وات مان هڪ لفظ به نٿو نڪري، جيڪڏهن اتي ڪو ڌاريو هجي ها ته سنڌ سرڪار جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ها، اهڙي ٻٽي پاليسي کي ختم ڪري، ناحق قتل ٿيل صحافي اجئه لالواڻي جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي قدم کڻڻ گهرجن ۽ فوري طور سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي شهيد اجئه لالواڻي جي قتل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن سڄي سنڌ جي صحافين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ سنڌ کي صحافين لاءِ قتل عام گاهه بڻائيندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته ڪو به وڏيرو، بااثر يا دهشتگرد ڪنهن به صحافي کي قتل ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اجئه ڪمار لالواڻي جي قتل جو نوٽيس وٺي سندس وارثن کي انصاف ڏياري، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ صحافي ايئن شهيد ٿيندا رهندا ۽ آزاد صحافت تي سوال اٿندا رهندا.

هي وقت سنڌ جي صحافين جي متحد ٿيڻ جو آهي، جيڪڏهن اسان اجئه لالواڻي جي وارثن کي انصاف نه ڏياري سگهاسين ته اهي دهشتگرد ڪنهن به وقت ڪنهن ٻئي صحافي کي شهيد ڪري وٺندا، سنڌ جي چونڊيل نمائندن وٽ ته سنڌ جي صحافين لاءِ وقت نه آهي، نه ئي کين ڪو سنڌ جي قلم ڌڻين جو فڪر آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هن وقت تائين ڪيترائي چونڊيل نمائندا شهيد اجئه لالواڻي جي وارثن  وٽ پهچي چڪا هجن ها.

هونئن ته سڄي سنڌ  صحافتي تنظيمن پاران شهيد اجئه لالواڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ مارچ ڪيا پيا وڃن پر ان باوجود سنڌ سرڪار توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪيس ۾ ڪا  اهم اڳڀرائي حاصل نه ڪئي هئي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو،  دهشتگردن جا حوصلا وڌندا ويندا،   جيڪڏهن جلد قاتل گرفتار نه ٿا ۽ انهن پٺيان لڪيل اصل  هٿ وائکا نه ٿيا ته سنڌ ۾ ساڳئي نموني صحافي قتل ٿيندا رهندا، سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کي فوري طور  ڪميٽي جوڙي اجئه لالواڻي  جي قتل ڪيس جي خاص ٽيم جوڙي جاچ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن  مک جوابدار ۽سهولتڪار قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي سگهن ۽ صحافي پاڻ محفوظ سمجهن، اڳ  به ڪيترائي صحافي بااثرن ۽ وڏيرن جي ظلم جو نشانو بڻجي چڪا آهن، هن وقت  سنڌ جي صحافين جي مطالبي کي فوري طور منظور ڪري اجئه لالواڻي جي خون سان انصاف ڪرايو وڃي ته جيئن ڪنهن ٻئي صحافي جي زندگي بچي سگهي ۽ ڪو ٻيو گهر اجڙڻ کان بچي سگهي، دهشتگرد ته آجا گهمي رهيا آهن پر شان ڏهر، عزيز ميمڻ ۽ اجئه لالواڻي جي گهرن ۾ اڄ به ماتم ڇانيل آهي، جن جا وارث اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن، جيڪڏهن انهن جي وارثن کي انصاف نه مليو ته پوءِ آزاد صحافت سنڌ ۾ سواليا نشان بڻجي ويندو ۽ دهشتگردن جي خوف جي ڪري رڳو ظالمن جون خبرون هلنديون ۽ غريبن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين ڪڏهن به پهچي نه سگهندو. سلام آهي سنڌ جي بهادر صحافين کي جيڪي   اجئه ڪمار جي  قاتلن جي گرفتاري لاءِ  مارچ ۽ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن، اسان کي اميد  آهي  ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد اجئه لالواڻي جي قتل جو نوٽيس وٺي مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرائينديون.

No comments:

Post a Comment