Pages

Wednesday 3 March 2021

قومي ميڊيا جو تعصباڻو رويو، ڇا احتجاج به حق ناهي؟

صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نام نهاد قومي ميڊيا سنڌ جي اهم معاملن تي ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ هجي يا وري ڌرتي ڌڻين جا حق ڦٻائڻ وارا معاملا هجن، ڪالا باغ ڊيم جو اشو هجي يا وري جعلي ڊوميسائل وارا مامرا هجن، قومي ميڊيا ان کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿي، قومپرست ڌرين جي احتجاج ۾ لکن ۾ماڻهن جي شرڪت باوجود قومي ميڊيا ان کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏي ٿي، جيڪي به غير سنڌي اخبارون ۽  ٽي وي چينل آهن، انهن تي ڪوريج ملڻ بدران انهن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڏيکاريو ويندو آهي، سموري غير سنڌي ميڊيا سڄي دنيا کي ڏيکارڻ چاهي ٿي ته سنڌ ۾ رڳو غير سنڌي رهن ٿا، انهيءَ جي ڪري نه ته انهن جي پروگرامن ۾ سنڌ جي ثقافت بابت پروگرام هلندو آهي، نه ئي وري سنڌ جي  ماڻهن جا اصل مسئلا اجاڳر ڪيا ويندا آهن، اها ته اسان سنڌين جي خوشقسمتي آهي جو اڄ سنڌي ميڊيا دنيا آڏو سنڌي قوم جو آواز بلند ڪري رهي آهي، جيڪڏهن سنڌي ميڊيا نه هجي ها ته شايد اڄ تعصب پرست نام نهاد قومي ميڊيا سنڌين جو نالو نشان مٽائڻ ۾ڪا ڪسر نه ڇڏي ها، غير سنڌي ميڊيا جنهن کي اسان قومي ميڊيا جو درجو ڏيندا آهيون، ان جو فرض آهي ته ملڪ جي سمورين قومن جو آواز بلند ڪن پر افسوس  سان جيڪو به سنڌ دشمن فيصلو ٿيندو آهي ته ان تي سنڌي عوام جو رد عمل ڏيکارڻ بدران انهن جو آواز دٻايو ويندو آهي، ڌارين جي آبادڪاري هجي يا سنڌ جي زمينن جي والار يا وري پنجاب پاران سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ وارا مامرا هجن، ان کان قومي ميڊيا مڪمل بي خبر هوندي آهي، ها باقي ڪشمرين جي حق ۾ ريليون هجن يا وري ڪنهن وڏي سياسي پارٽي جو جلسو هجي، اهو قومي ميڊيا کي فوري طور نظر اچي ويندو آهي.  

نام نهاد قومي ميڊيا تي ڀلي سنڌي قوم جو آواز بلند نه ڪيو وڃي، ڪا ڳالهه نه آهي پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته غير سنڌي چينلن تي ويٺل تعصب پرست صحافين جو ڪافي عرصي کان اهو ڪم رهيو آهي ته اهي سنڌ جي وحدت تي وار ڪندا رهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن  اهڙا اهڙا پروگرام ڪيا ويندا آهن، جنهن سان سنڌي قوم جي توهين ڪئي ويندي آهي پر غير سنڌي ٽي وي چينل مالڪ خاموش تماشائي بڻيل رهندا آهن، ڪيترائي ڀيرا سنڌي قوم احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي پر غير سنڌي چينلن ۾ ويٺل ماضي جي دهشتگرد تنظيم سان واسطو رکندڙ صحافي آهن، جن کي سنڌي قوم جي احتجاج جو ڪو به فرق نه ٿو پئي، اڪثر وڏا غير سنڌي  چينل سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ آهن، جڏهن به سرڪاري اشتهار جاري ٿيندا آهن ته اڳ ۾ غير سنڌي اخبارن ۽ چينلز کي نوازيو ويندو آهي، بعد سنڌي ميڊيا کي ڏنا ويندا آهن، سنڌي ميڊيا گهٽ وسيلا هجڻ باوجود پنهنجي قوم جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ٿي ڇڏي، سنڌي ميڊيا ته سنڌ دشمن  سياسي تنظيمن جا بيان به نشر ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن کي اسان آزاد صحافت به چئي سگهون ٿا پر قومي ميڊيا ۾ ويٺل تعصب پرست لکن جي تعداد ۾ به ماڻهو ڪراچي ۾ احتجاج ڪن ته انهن کي ڪوريج ڏيڻ بدران انهن جي توهين ڪئي ويندي آهي. اهو سلسلو ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي، ڪيترا ئي ڀيرا  ڪڏهن سنڌ جي ثقافت جي توهين ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري پيش ڪيو ويندو آهي.

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هجڻ باوجود سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ غير سنڌي چينلز خلاف نه ته سنڌ سرڪار ڪا ڪارروائي ڪري ٿي نه ئي وري وفاقي سرڪار تعصب پرستن خلاف ڪا قانونسازي ڪري ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دفعو ٻيهر هڪ خانگي ٽي وي چينل تي سنڌي قوم جي توهين ڪئي وئي، ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا تعصب پرست چينلز طرفان سنڌ ۽ ڪراچي لکيو ويندو هو، جيڪڏهن اسان جون سنڌي اخبارون يا ٽي وي چينل  پنجاب ۽ ملتان لکن ته پوءِ وقت جي حڪمرانن خاص طور پنجاب کي ڪيئن لڳندو، اسان جي بدقسمتي اها آهي ته اسان جن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي، انهن ئي سنڌي قوم کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران سنڌي قوم کي حق ڏيارين ها ته اڄ سنڌ ۾ موجود وفاقي توڙي سرڪار ادارن ۾ ڌاري لوڌ ڀرتي ٿيل نه هجي ها نه ئي سنڌي نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين لاءِ دربدر ڀٽڪي رهيا هجن ها.

بهرحال قومي ميڊيا سنڌي قوم خلاف زهر پهريون ڀيرو نه اوڳاڇيو آهي، ان کان اڳ به جڏهن سنڌ جي  سڀ کان وڏي قومپرست پارٽي پاران ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويو ته انهيءَ نام نهاد ميڊيا ان کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت  شهيد بشير خان قريشي جي تاريخي جلسي کانپوءِ سنڌ دشمن پريشان ٿي ويا هئا، هن دفعي  قومي ميڊيا  سنڌي قوم خلاف تعصباڻي رويي جي حد ڪري ڇڏي آهي، قومي پرست تنظيمون سنڌ ۾ موجود  غير سنڌي چينلز تي ڌيان ئي نه ٿا ڏين ته آخر اهي سنڌي قوم خلاف ڪيئن مهم هلائي رهيا آهن، جيڪڏهن سموريون قومپرست تنظيمون سنڌ خلاف ڳالهائيندڙ چينلز خلاف هڪ هنڌ گڏ ٿي آواز بلند ڪن ته انهن چينلز مان تعصب پرست وارو رويو ختم ٿي ويندو. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ناليواري صحافي مشتاق سرڪي هڪ خانگي ٽي وي چينل خلاف احتجاج ڪيو، ان خانگي چينل سنڌي قوم جو آواز ٻڌڻ بدران ڊرامو رچايو معصوم بي گناهه ماڻهن کي گرفتار ڪرايو، جڏهن خانگي ٽي وي چينل ٻاهران جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا جا نعرا لڳا ته ان چينل ۾ ويٺل سنڌ دشمن پريشان ٿي ويا هئا، روايتي طور جيئن سنڌ جو وڏي وزير ڌارين جا گٽر بند ٿيڻ تي پهچي ويندو هو، ايئن هڪ صوبائي وزير احتجاج وقت پهچي ويو ۽ ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ تعصب پرست چينل معافي وٺڻ تي راضي ٿيو پر ان تي عمل نه ٿيو ته احتجاج ڪرڻ تي خانگي چينل جي چرچ تي معصومن کي گرفتار ڪري انهن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس خانگي ٽي وي چينل خلاف داخل ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته انهيءَ چينل رڳو هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي وحدت تي وار ڪيا آهن، جيڪو چينل سنڌ جي وحدت تي وار ڪري ٿو ان جو مطلب آهي ته ان پاڪستان تي وار ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان تي وار ڪري اهو ڪڏهن به ملڪ جو سڄڻ نه ٿو ٿي سگهي. سنڌ کان انڪاري پاڪستان کان انڪاري آهن، سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ پاڪستان جي وحدت تي وار ڪرڻ چاهين ٿا، وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ماضي ۾ جڏهن سنڌ دشمنن احتجاج ڪيو ته انهن کي سرڪار پاران جوس پياريو ويو هو پر ڌرتي ڌڻين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا.

ڇا هاڻ سنڌي قوم ايتري ننڌڻڪي ٿي وئي آهي ته قومي ميڊيا جيڪا ڪنهن نه ڪنهن وقت سنڌ جي وحدت تي وار ڪري ٿي ان خلاف نه ته سنڌ سرڪار ڪا ڪارروائي ڪري ٿي نه ئي وري وفاق ڪو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن احتجاج ڪرڻ تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌ خلاف ڳالهائيندڙ خلاف غداري جو ڪيس ڇو نه ٿو داخل ٿي سگهي، سنڌي قوم جي توهين ڪندڙ نام نهاد  چينلز کي صوبو بدر ڪرڻ جا حڪم جاري ڇو نه ٿا ڪيا وڃن، سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌ خلاف ڳالهائيندڙن کي سخت سزا ملڻ گهرجي، اها ڪهڙي صحافت آهي جو جنهن صوبي ۾ رهو، جنهن صوبي جو کائو، جنهن جي ٽڪڙن تي پلجو، انهيءَ قوم خلاف ڳالهايو، انهن جي ڌرتي جي وحدت تي وار ڪيو؟  اها سوچ قومي ميڊيا ۾ ويٺل دهشتگرد تنظيم جي آهي، سنڌ سرڪار خاص طور تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گهرجي ته سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ غير سنڌي چينلز کي لغام ڏي، آزاد صحافت جو اهو مطلب نه آهي ته اهي غير سنڌي چينل سنڌ جي وحدت تي هر وقت وار ڪندا رهن، سنڌ اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي  فوري طور اسيمبلي ۾ اهڙو بل آڻڻ گهرجي، جنهن سان ڪو به غير سنڌي چينل جيڪڏهن سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائي يا ڪو پروگرام ڪري ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. اميد آهي ته سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ سنڌ جي وحدت واري مامري تي خاموش نه ويهندا ۽ انهيءَ بابت ڪا قانونسازي ضرور ڪندا. 


No comments:

Post a Comment