Pages

Wednesday 31 March 2021

پي ڊي ايم جو ناڪام شو ۽ ملڪيت معشيت؟

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي ور چڙهيل عوام کي ٻڌايو ويو ته ان جو ذميوار موجوده حڪومت آهي ۽ عوام کي يقين به اچڻو هو، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ ملڪ ترقي جي راهن تي هلي رهيو آهي، مهانگائي ايتري نه هئي، معشيت کي هٿي ملي رهي هئي، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ قائم هو، انهن دهشتگردن کي خاموش نه اڳوڻو آمر رٽائرڊ جنرل پريش مشرف خاموش ڪرائي سگهيو، نه ئي وري پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ خاموش ڪرائي سگهي، ڪراچي جي روڊن تي ٽارگيٽ ڪلرز جي حڪمراني هئي، ان وقت جڏهن مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته دهشتگردن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي شهرين کي ڀتاخورن، ٽارگيٽ ڪلرز ۽ دهشتگردن کان عارضي طور ڇٽڪارو ملي ۽ اڄ ڪراچي ۾ جيڪو امن قائم آهي، اهو به مسلم ليگ ن جي ڪري آهي، بهرحال جڏهن چونڊون ٿيون ته تبديلي جو نعرو هڻي اقتدار ۾ ايندڙ حڪومت انساني حياتيون بچائيندڙ دوائن کي مهانگو ڪري ڇڏيو، پيٽرول  ۽ ڊالر جا اگهه وڌي ويا، ايتري قدر جو صنعتون بند ٿيڻ جي ڪري ماڻهو بيروزگاري کي منهن ڏيڻ لڳا، جيڪي سرڪاري نوڪرين سان انهن کي به پنهنجي نوڪرين تان هٿ ڌوئڻو پيو، مطلب ته جيڪي به سويلين ادارا آهن، انهن مان ورڪرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو ۽ وڏن وڏن عهدن تي رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، ظاهر ڳالهه آهي، جن ادارن ۾ رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو، انهن ادارن جو اهڙو حشر ئي ٿيندو، جيڪو پي آءِ اي جو ۽ اسٽيل مل جو ٿيو، اڄ به اسٽيل مل جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن، ريڊيو پاڪستان مان به ماڻهن کي  نوڪرين تان ڪڍيو ويو، مٿان وري ڪورونا جي ڪري حڪومت سخت لاڪ ڊائون ڪيو، جنهن ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال ٿي وئي، حڪومت انهن کي ڪو خاص رليف فراهم نه ڪيو،  ايتري قدر جو سڄي دنيا کان خيرات وٺندڙ وزيراعظم ملڪ ۾  پينو فقيرن تي پابندي لڳرائي ڇڏي، جيڪي  بي پهچ ماڻهو درگاهن، مزارن  تي پني پنهنجو پيٽ پاليندا هئا،  اهي به  گرفتاري جي خوف  سبب روڊن تي گهٽ نظر اچڻ لڳا، حڪومت انهن کي کاڌو فراهم ڪرڻ لاءِ به ڪا حڪمت عملي ناهي جوڙي، جيڪي به  مفت ۾ کاڌو فراهم ڪرڻ جا سينٽر ٺاهيا ويا، اهي انهن علائقن ۾ ٺاهيا ويا آهن، جتي غريب نه آهن.

بهرحال ڪرپشن جي خاتمي جو عزم کڻي اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن هن مهل تائين ڪرپشن ڪندڙن کي ڪا خاص سزا ته نه ڏياري آهي پر قومي ناڻو ڦرلٽ ڪندڙ پلي بارگنگ ذريعي اڄ به آزاد آهن، انهن کان وصول ڪيل رقم ٻيهر قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٻيهر انهن ماڻهن جي حوالي ڪئي وئي آهي، جن تي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪو به خاص ترقياتي ڪم ناهي ٿي سگهي، جيڪڏهن ايئن چئون ته هي پاڪستان جي پهرين حڪومت آهي، جنهن ۾ نه ته روڊ ٺهيا، نه صنعتون کليون، نه ئي وري ڪو ٻيو ترقياتي ڪم ٿيو، رڳو سڄي دنيا کان قرض وٺي ملڪ کي هلايو ويو، اهو قرض وارو پئسو ڪيڏانهن ويو، ڪنهن کان ڪا خبر  ناهي، موجوده حڪومت ماڻهن کي روزگار ته فراهم نه ڪيو پر ننڍن صوبن ۾  روزگار سان لڳل ماڻهن کي  نوڪرين تان ڪڍي ڇڏيو ۽ نوجوانن کي مشورو ڏنو ويو ته اهي ڪاروبار ڪن، جن وٽ کائڻ پئسا نه هجن، جن جو گذر سفر مشڪل سان ٿيندو هجي، اهو ڪيئن ڪاروبار  ڪري سگهندا.

بهرحال ملڪ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن تي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهي هئا، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جا اهم اڳواڻ نيب جي نشاني تي هئا، ان وقت پي ڊي ايم جوڙي حڪومت کان تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جن پي ڊي ايم ٺاهي، انهن جو پهريون شو تمام بهترين رهيو، عوام کي اميد ٿي  ته شايد موجوده حڪومت وڃڻ سان ڪا ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ ٻي ايندر حڪومت ملڪ ۾ صنعتون لڳائيندي ۽ زراعت کي هٿي وٺرائندي ته جيئن غريبن جو گذر سفر ٿي سگهي، عوام پي ڊي ايم جي هر جلسي ۾ ڪورونا جي بنا پرواهه ڪندي شرڪت ڪري رهيو هو، ان وقت سموريون سياسي جماعتون پنهنجي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيون  هيون پر جڏهن هڪ جلسي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شرڪت نه ڪئي ته ان وقت ئي خدشا ظاهر ٿي رهيا هئا ته هي به اتحاد اڳتي هلي نه سگهندو، انهن جلسن جو هڪ فائدو اهو ٿيو جو ڪرپشن جي خاتمي جو راڳ ختم ٿي ويو، نيب جون ڪارروايون محدود ٿي ويون، جيڪي به ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار هئا، اهي آجا ٿي گهر پهچي ويا، باقي رهي ڳالهه مسلم ليگ ن جي ته ميان محمد نواز شريف جي تقرير کان پوءِ انهن تي ٿورو ڳرو هٿ رکيو ويو، باقي ٻين جماعتن تي هلڪو رٿ رکيو ويو، پر جڏهن سينيٽ جي اليڪشن ٿي ته نه مسلم ليگ ن پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ نه ئي وري پيپلزپارٽي مسلم ليگ ن جو ساٿ ڏنو، مطلب ته ٻنهي جماعتن جو رستو ڌار ٿي ويو، سينيٽ چونڊن کانپوءِ ٻنهي پارٽين ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا، ان تي عوام کي مايوسي ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ جو عوام پنهنجي ڪمن ڪارن ۾لڳي ويو، ڪورونا جي بنا پرواهه ڪندي جلسن ۽ جلسون ۾ شرڪت ڪندڙ عوام کي اها خبر نه هئي ته ٻنهي پارٽين کي عوام سان نه پر رڳو ڪيسن سان مطلب آهي.

بهرحال  پي ڊي ايم جي مقبوليت جو ڪريڊٽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڏانهن ئي وڃي ٿو، جنهن پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري ٻنهي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ جو چيو، ايتري قدر جو مولانا فضل الرحمان کي سينيٽ بابت آڇ به ڪئي وئي پر هن تي ڪو رد عمل نه ڏيکاريو ۽ پي ڊي ايم جي اتحادي جماعتن سان گڏ بيٺل هو، پر جيڪو ڪجهه سينيٽ ۾ ٿيو، ان مان صاف ظاهر آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان پئسا خرچ ڪرڻ واري اعترافي بيان باوجود به پ پ يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ ۾ناڪام رهي، جنهن مان لڳو ته پي ڊي ايم سينيٽ ۾ اڪثريت ۾ هجڻ باوجود ڪاميابي نه ماڻي سگهي، يا ته ٻنهي جماعتن هڪ ٻئي جو ساٿ نه ڏنو يا وري موجوده حڪومت تي مهرباني جاري آهي، جنهن سبب اهي اڪثريت ۾ نه هجڻ باوجود ڪامياب ٿيندا ٿا وڃن ۽ مخالف جماعتون هڪٻئي سان پنهنجا پراڻا پلاند وٺڻ ۾ لڳيون پيون آهن، جيڪڏهن پي ڊي ايم جون اتحادي جماعتون هڪٻئي مان مطئمن هجن ها ته سينيٽ ۾ ڪاميابي انهن جو مقدر بڻجي وڃي ها.

هن وقت ڪورونا جي ٽين لهر ملڪ هلي رهي آهي، باقي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪاروهنوار معمول موجب هلي رهيو آهي، پاڙيسري ملڪن ۾ ڪورونا جي وئڪسين سستي اگهه ۾ ملي رهي آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ خيرات ۾ ورتل وئڪسين الاهي ڪنهن کي لڳائي پئي وڃي، باقي جيڪا وئڪسين جي قيمت رکي وئي آهي، اها پنج سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙن جي وس کان ٻاهر آهي، انهيءَ ڪورونا جي ٽين لهر ۾ صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، پرويز خٽڪ، مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز ۽ ٻيا اهم اڳواڻ ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ انهن کي اهو وائرس سينيٽ جي اليڪشن کانپوءِ ٿيو، سڀني پاڻ کي گهرن ۾ قرنطينا ڪري ڇڏيو آهي پر وزيراعظم عمران خان اڄ به وزيرن  سان اجلاس ڪري رهيو  آهي، جنهن مان سڄي ملڪ جي عوام ڏانهن پيغام وڃي رهيو آهي ته ٽين لهر ايڏي خطرناڪ آهي،  بهرحال  ڪورونا جي ٽين لهر پي ڊي ايم جي اتحادي جماعتن لاءِ بهتر ثابت ٿي، ڇو ته  اهي ناڪام شو کانپوءِ ٻاهر ڪيئن نڪرن ها، هن وقت چاهين به ته عوام کي مطئمن نه ڪري سگهندا، انهيءَ سڄي معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان جي يو آءِ کي پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ متحرڪ جماعت ۽ حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو هو، ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ به مولانا فضل الرحمان جو وڏو ڪردار هو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪهڙي ڪهڙي جماعت کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، يا وري هي اتحاد ئي ختم ٿي ويندو؟ 

No comments:

Post a Comment