Pages

Saturday 27 March 2021

ڌارين لاءِ زمينون ۽ ڌرتي ڌڻين کان گهر کسڻ وارو سنڌ سرڪار جو عمل

صاحب خان ڀٽي

تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ روز ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ملڪ جي معشيت تباهه ٿي رهي آهي، بي روزگاري، بک ۽بدحالي وڌي رهي آهي ۽ ماڻهو بي روزگار ٿي رهياآهن، ڪجهه نام نهاد اعليٰ آفيسرن جي حڪمن سبب روپئي ۾ وڪرو ٿيندڙ شئي بليڪ تي ڏهن روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي، ايتري قدر جو جنهن شئي ته به پابندي لڳائي وئي، ان جا اگهه وڌي ويا پر ان جو خاتمو اچي نه سگهيو، اهڙن فيصلن جي ڪري کائڻ پيئڻ واريون شيون ٺاهيندڙن کي به تمام گهڻو نقصان رسيو پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان، هن ملڪ ۾ به ايئن ٿي رهيو آهي، سنڌ سرڪار عدالتي حڪمن تحت غريبن جا اجها ڊاهڻ ۾ سڀ کان اڳ ڀري آهي پر انهن ئي عدالتن جڏهن ڌرتي ڌڻين کي متبادل جاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ته سنڌ جي ڪامورن ڪن لاٽار ڪئي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪامورن عدالتن حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو، غريبن جا اجها ايئن ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جيئن فلسطين ۾ اسرائيل فلسطيني بستيون ڊاهيون وينديون آهي. سڄو ڏينهن سنڌ سرڪار عدالتي حڪمن جو راڳ الاپيندي آهي ته هو عدالتي حڪمن کي لبيڪ چوندا آهن پر جڏهن ڳالهه ڌرتي ڌڻين کي متبادل جاءِ ڏيڻ جي ايندي آهي ته اتي سنڌ سرڪار اکيون ٻوٽي ڇڏيندي آهي، ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني ڪراچي ۾ ڊهندڙ غير سنڌين جي گهرن تي وڏو جذباتي ٿي ويو هو،جڏهن عدالت ڪراچي ۾ غيرقانوني پلازه ڊاهڻ ۽  ريلوي جي زمين تي ٺهيل گهرن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ته سعيد غني چيو هو ته هو ديوار بڻجي ويندو پر گهرن کي ڊهڻ نه ڏيندو پر جڏهن سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي گهرن کي ڊاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين ۽ غريبن کي متابدل جاءِ ڏيڻ بدران غير سنڌين کي لاش دفنائڻ لاءِ زمين الاٽ ڪري ڇڏي، ڌرتي ڌڻي کليل آسمان هيٺان پنهنجن ٻچن کي رهائڻ تي مجبور ٿي ويا، هڪ طرف ڪهر جي گرمي ته ٻئي طرف وري اجهو نه هئڻ جي ڪري سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو، سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن کي ڪوبه ڪياس نه آيو، نه ئي سنڌ سرڪار انهن کي متبادل جاءِ ڏيڻ جي ڪا حڪمت عملي جوڙي، آخر سنڌ سرڪار ڪيئن جوڙيندي، ڇو جو انهن کي رڳو ووٽ وٺڻ وقت ئي سنڌ ۽ سنڌي نظر ايندا آهن، ڪراچي ۾ مئلن جي لاءِ زمين ته سنڌ سرڪار وٽ آهي پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته سنڌ سرڪار سنڌين سان اهو ورتاءُ ڪري رهي آهي، جيڪو ورتاءُ آمريت دور ۾سنڌ جي حڪمران جماعت سان ٿيندو آهي، لڳي اهو ٿو ته سنڌ جا حڪمران سنڌين کان آمريت دور جو پلاند وٺي رهيا آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڪراچي ۾ سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ چونڊيل نمائندا استادن ۽ نياڻين تي ظلم نه ڪرائن ها، رڳو اهو چوڻ ته سنڌ سرڪار رڳو عدالتي حڪمن تي عمل ڪري رهي آهي، سراسر ڪوڙ آهي، عدالت ته متبادل جاءِ به فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان تي عمل ڇو نه ٿو؟ آخر سنڌ سرڪار وٽ ڪشميرين، افغانين، بيهارين ۽ برمين کي آباد ڪرڻ لاءِ زمين آهي پر سنڌ جي اصلوڪن رهواسين  لاءِ وٽن نه ڪا زمين آهي ۽ نه ئي وٽن ڪي وسيلا آهن جو اهي انهن جي مدد ڪري سگهن ؟ پر جڏهن ووٽ وٺڻ جو وقت ايندو  آهي ته سنڌ جي حڪمرانن کي سنڌي قوم ۽ سنڌ ياد اچي ويندي آهي، ان وقت اهي انهن افغانين، برمين ۽ ڪشميرين وٽ ڇو نه ويندا آهن، آخر سنڌ جي حڪمرانن کي رڳو اقتدار ڇو پيارو آهي، اقتدار کان وڌيڪ اعليٰ ته سنڌ آهي پوءِ آخر ڇو اهي اقتدار جي نشي ۾ انڌا ٿي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ سان گڏ انهن کي زمينون ڏيڻ واري سازش جو حصو بڻجي رهيا آهن، سنڌ جي حڪمرانن کي اکيون کولڻيون پونديون، اقتدار هميشه نه رهندو آهي، جنهن جي ڪري اهڙي ڪنهن به سنڌ دشمن فيصلي جي حمايت نه ڪئي وڃي، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نقصان پهچي، سنڌ سرڪار جيئن ڌارين کي پنهنجي موت مري ويلن جا لاش دفنائڻ لاءِ زمين ڏني آهي، ايئن سنڌ جي وارثن کي زمينون ڏنيون وڃن، حددخليون رڳو آبپاشي کاتي جي زمينن تي نه آهي، سڄي شهر ڪراچي ۾ حددخليون آهن، جتي غير سنڌي بنا ڪنهن خوف جي رهن پيا، افغانين، بنگالين، بيهارين ۽ برمين جون بستيون آهن، آخر انهن غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي ڇو نه ٿو ڪڍيو وڃي، آخر انهن جا گهر ڇو نه ٿا ڊاٿا وڃن، رڳو ڌرتي ڌڻين کي نشانو ڇو ٿو بڻايو وڃي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته سنڌ  خلاف سازشون عروج تي پهتل آهي، انهن سازشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجا ئي ٻٽ بڻيل آهي، جيڪڏهن ايئن نه آهي ته ڪشميرين ۽ افغانين کي لاش دفنائڻ لاءِ زميون ڏيڻ بدران بي گهر ڪيل ڌرتي ڌڻين کي زمينون ڏنيون وڃن، هڪ طرف سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي ڌاري لوڌ ڀرتي ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف وري غريبن جا اجها ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، اهو سراسر ظلم نه آهي ته پوءِ ڇا آهي، سنڌ جا قومپرست به انهيءَ سازش کي سمجهي نه سگهيا آهن، مٿان وري وفاقي سرڪار ڌاري لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته افغان جنگ ۽ وزيرستان آپريشن ذريعي متاثر ٿيندڙن کي سازش تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي و ارن علائقن ۾ آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، ظاهري طور افغاني جنگ دهشتگردن خلاف هئي پر سنڌ جي دشمنن انهن کي سنڌ خلاف سازش لاءِ استعمال ڪيو، جنهن جو اندازو وفاقي سرڪار پاران افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري فيصلي مان لڳائي سگهجي ٿو، ڪشميرين، افغانين، برمين، بيهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري سازشن ۾ پنهنجا به ملوث آهن، هن وقت سنڌ جي قومپرست ڌرين کي دهشتگردن خلاف آپريشن جي آڙ ۾ متاثرن کي سنڌ آباد ڪري انهن کي مستقل هتان جو رهواسي ڏيکارڻ واري سازش کي ناڪام بڻائڻ پوندو، ٻي صورت ۾  ڌاري لوڌ ووٽ جي طاقت سان پنهنجا نمائندا آڻي انهيءَ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ دشمن منصوبا مڪمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ان جا ذميوار اسان سڀ هونداسين، حڪمران ته اقتدار جي نشي ۾ ڌت آهن، جن کي ڌرتي ڌڻين جا ڊٿل اجها ۽ بي گهر ٿيل اصلوڪن وارثن جون دانهون به ٻڌڻ نه ٿيون اچن. سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ اڳ ئي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جا نوجوان نوڪرين لاءِ  دربدر ڀٽڪي رهيا آهن، پر سندن  ڪير  به ٻڌڻ وارو نه آهي، هن وقت سنڌي قوم کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙهيندڙ ڪير ٻيا نه پر اسان جا چونڊيل نمائندا به ملوث  آهن، جيڪي اسيمبلين ۾ اچڻ باوجود سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتي ٿيل ڌاري لوڌ کي ڪڍي سنڌي نوجوانن کي ڀرتي ڪرائڻ لاءِ آواز نه ٿا اٿارين ۽ سنڌي قوم گذريل 73  سالن کان انهن ۾ اميدون لڳائي ويٺا آهن ته اهي هڪ نه هڪ ڏينهن  اسيمبلين ۾ سنڌي قوم سان ٿيل ويڌن تي آواز اٿاريندا پر افسوس هن وقت تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي سنڌ ۾ بي گهر ٿيلن جو آواز ايوانن تائين ناهي پهچايو، نه ئي سنڌ جي بي روزگار نوجوانن لاءِ حڪمت عملي جوڙي آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فوري طور سنڌ جي نوجوانن ۽ بي گهر ٿيل ڌرتي ڌڻين لاءِ حڪمت عملي جوڙي جيڪا زمين خيرات جي نالي تي وڏن  ادارن کي ڏيڻ لاءِ رکي وئي آهي، انهن کان کسي سنڌي قومي جي غريب ماڻهن کي رهڻ لاءِ ڏني وڃي، جن سازش تحت  سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڌاري لوڌ کي ڀرتي ڪرايو آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت سزا ڏي ته جيئن ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي نوڪرين ڏيڻ بدران سنڌي نوجوانن کي سرڪاري ڏنيون وڃن، ٻين صوبن ۾ سنڌين کي سرڪاري نوڪريون ملڻ ايئن نا ممڪن آهي جيئن رات جي وقت سج جو نڪرڻ آهي، گهٽ۾ گهٽ ۾ جيڪي سنڌ ۾ ادارا آهن، انهن ۾ ته سنڌي نوجوانن کي ڀرتي ڪيو وڃي،جنهن اداري ۾وڃون ته ٻهراڙي هجي يا شهر اتي ڌاريو ويٺو آهي، اهڙو ظلم ته بنگالين، ڪشميرين ۽ فلسطين سان به نه ٿيو هوندو، جهڙو سنڌي قوم سان ٿي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment