Pages

Wednesday 31 March 2021

نھ بجلي، نه گئس، آخر ڇا ڪجي؟

صاحب خان ڀٽي

سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي پر ان باوجود صوفين جي ڌرتي جا وارث اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، نه روڊ رستا بهتر آهن، نه ئي وري اسپتال ۾ مريضن جو علاج بهتر ٿئي ٿو، اسڪولن ۾ نه بجلي آهي ۽ نه ئي فرنيچر  معصوم ٻارڙا پٽ تي  ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهي، ايتري جو ڪيترائي اهڙ  اسڪول آهن، جيڪي تعليم کاتي جي نااهلي جي مينهن جي واڙي ۾ تبديل آهن، جيڪي اسڪول هلي رهيا آهن، انهن مان کوڙسارن ۾ بجلي جي سهولت ئي نه آهي، اڄ جي جديد دور ۾ اهڙا به ڳوٺ موجود آهن، جيڪي اڄ به اونداهي واري دور ۾ رهن پيا، جتي نه اسڪول آهي، نه ئي گئس ۽ بجلي جي فراهمي آهي، پر ان باوجود هو پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن، چونڊيل نمائندن کي رڳو ان ڏينهن ياد ايندا آهن، جڏهن چونڊن جي موسم هوندي آهي، هن وقت  گرمي جي لهر ٻيهر شروع ٿي وئي آهي، هڪ طرف گرمي ته ٻئي طرف وري بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي ٿي، شهرن ۾ ست کان اٺ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ معمول بڻيل آهي، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سنڌي وسندين سان اهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ مشڪل آهي، بس ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ڀارت به اهڙو ظلم ڪشميرين سان نه ڪندو، جهڙو ڪي اليڪٽرڪ وارا سنڌي وسندين سان ڪري رهيا آهن، ٽرانسفارمر سڙي وڃي ته پنج ڇهه ڏينهن تبديل ٿيڻ ۾ لڳي ويندا آهن۽ ڳوٺاڻن کي اهو ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ وارن کي چندي ذريعي پئسا گڏ ڪري ڏيڻا پوندا آهن، جتي به ڌاري لوڌ رهي ٿي، اتان جا روڊ رستا سنڌ سرڪار ترجيح بنيادن تي  بهتر نموني ٺهرائيندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ حڪمران سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه آهي، رهي ڳالهه سنڌ جي اصلوڪن جي رهواسين جي ته سنڌ سرڪار جي ڪامورن کي خبر آهي ته سنڌ جا ماڻهو انهن کي ڪجهه نه چوندا ۽ نه ئي انهن خلاف آواز اٿاريندا، ڇاڪاڻ ته اسان انهن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي ۽ اسان کي چيو ويندو آهي ته اوهان ڪو ٻيو الٽرنيٽ به ناهي.

بهرحال تمام جلد سنڌي قوم کي متبادل ملي ويندو، ڇاڪاڻ ته قومپرست به هاڻ ووٽ جي سياست ڪرڻ لڳا آهن ۽ ٻن تنظيمن ۾ سنڌي قوم جون نظرون به آهن، هڪ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ ٻيو سنڌ ترقي پسند پارٽي، انهن  ٻنهي جماعتن کي سنڌ جو عوام متبادل جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي سنڌين جو احساس ته آهي باقي 1973ع کان حڪمراني ڪندڙ جماعت کي ڌارين جي لوڌ جو گٽر بند ٿي وڃي ته ان جو احساس ٿي ويندو آهي، چونڊيل نمائندا گٽر کولرائڻ لاءِ آڌي رات جو پهچي ويندا آهن پر جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين سان ظلم ٿئي، گهر ڊهي پٽ ٿي وڃن ته انهن کي ڪو به فرق نه پوندو آهي. جيئن ته  ڳالهه هلي رهي هئي، بنيادي سهولتن جي ته بجلي ۽ گئس به هر شهري توڙي ڳوٺاڻي لاءِ ضروري آهي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ به ٿي رهي آهي. شهرن ۾ به رات جي وقت گئس جو پريشر گهٽجي ويندو آهي، مطلب ته ڪجهه علائقن ۾ بند ٿي ويندو آهي، جنهن سبب رڌ پچاءُ ۾ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ به بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ٿئي ته ان مان صاف ظاهر آهي ته حڪمران نااهل آهن، جيڪڏهن نه هجن ها ته هن وقت تائين بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ وارو مسئلو حل ڪري وٺن ها پر  افسوس جو وفاق توڙي سنڌ سرڪار رڳو سياست ۾ پورا آهن، ڪنهن کي به عوامي مسئلن جي ڪا ڳڻتي نه آهي، نه ئي وفاقي حڪومت بجلي ۽گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪي قدم کنيا آهن نه ئي سنڌ سرڪار ڪي هٿ پير هنيا آهن

سنڌ  جي ٿر مان سون جهڙو ڪوئلو نڪري رهي آهي، جنهن سان بجلي به ٺهي سگهي ٿي پر اهو ڪوئلو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، ان مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو پهچي رهيو آهي، ان جو سوال ڪرڻ به هڪ گناهه ٿيندو، جنهن جي ڪري اهو سوال ڪير نه ڪندو پر ايترو ضرور چونداسين ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ماڻهن کي بجلي ۽ گئس ته فراهم ڪيو، هن وقت سنڌ جا ڪيترائي اهڙا  علائقا آهن، جتي گئس جي سهولت به نه آهي، رهواسي رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهن، گئس ڇا ٿيندي آهي، انهن معصوم ڳوٺاڻن کي اها به خبر نه آهي، بجلي ته پري جي ڳالهه آهي، روز ڪنهن نه ڪنهن شهر مان احتجاج جي خبر ايندي آهي ته سندن ڳوٺن ۾ گئس جي سهولت نه آهي پر وقت جي حڪمرانن  جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، ڪوئلو، گئس ۽ پيٽرول جي وسيلن سان مالا مال  صوفين جي ڌرتي سنڌ سڄي ملڪ کي پالي رهي آهي پر  ڌرتي ڌڻين کي نه بجلي ملي ٿي نه ئي سئي گئس جي وقت تي فراهمي ملي ٿي، آخر  ڪو ٻڌائندو ته سنڌين جوڏوهه ڪهڙو آهي، سڄي سنڌ مان گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلو نڪري ٿو، انهن جي رائلٽي ڪڏهن ملندي، ان کي ڇڏيو، مقامي ماڻهن جي قسمت ڪڏهن تبديل ٿيندي، آخر سنڌ جي ماڻهن کي پئسا ڏيڻ باوجود بجلي ۽ گئس ڇو نه ملي رهيو آهي، آخر حڪمران ڪهڙي ڌنڌي سان لڳيا پيا  آهن، انهن کي عوام جا جائز مسئلا ڇو نٿا ڏسڻ ۾ اچن، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي اڳ  واري دور ۾ نه ته ڪنهن بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ٻڌو هو، نه ئي ڪنهن گئس جي لوڊشيڊنگ بابت سوچيو هو، آخر مشرف جي اچڻ کانپوءِ بجلي جو بحران ڇو پيدا ٿيو، ان  سوال جو جواب آخر ڪير ڏيندو، آخر ان دور اهڙو ڇا ٿيو، جو اڄ تائين عوام بجلي  جي سهولت کان محروم آهي، آخر ڇو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، پئسا ڏيڻ باوجود بجلي نه ملي ته پوءِ آخر ماڻهو ڪيڏانهن وڃجي.

وفاقي حڪومت بجلي  جي لوڊشيڊنگ ته ختم نه ٿي ڪرائي سگهي پر روز بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائي رهي آهي، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، آخر قرض عوام ته ناهي ورتو، جن  حڪمرانن قرض ورتو، انهن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌا وڃن، ڇاڪاڻ ته جيڪو قرض ورتو ويو، اهو عوام تي خرچ ئي ناهي ٿيو، نه تعليم جو نظام بهتر ٿيو آهي، نه ئي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار ختم  ٿيو، نه ئي وري صحت  جون  سهولتون بهتر ٿيون آهن، رڳو هڪ شهر ڪراچي جتي ڌارينجي لوڌ آباد ڪئي وئي آهي، اتي ڪجهه سهولتون ڏئي اهو چوڻ ته سنڌ ۾ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، اهي ڪافي ناهن، ڪروڙين سنڌي اڄ به صحت جي سهولتن کان محروم آهن، ڪيترن ئي سنڌين جي زندگين جا ڏيئا علاج نه ٿيڻ جي ڪري اجهامي وڃن ٿا پر حڪمرانن  وٽ هڪ ئي جواب آهي ته هنن سنڌ کي پيرس بڻائي ڇڏيو آهي، آخر سنڌ جي ماڻهن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇٽڪارو ڪڏهن ملندو، آخر ڪڏهن کين گئس جي فراهمي وقت تي ملندي ته اهي پنهنجن ٻچن کي وقت تي ماني ڏئي سگهندا.

هن وقت سنڌ مان گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلو وڏي مقدار ۾ نڪري رهيو آهي پر ان باوجود سنڌ جي ماڻهن جي تقدير تبديل ناهي ٿي سگهي، معدني وسيلن وسيلن جي ڪري ڌاري لوڌ جي آبادي به تيزي سان ڪئي وڃي ٿي، انهن کي گهر ٺاهي ڏئي ۽ ڌرتي ڌڻين جا گهر عدالتي حڪمن تحت ڊاٿا پيا وڃن ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي به ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال سان گڏ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، خاص طور ڪراچي جي  سنڌي آبادي وارن علائقن سميت مختلف شهرن ۾ لوڊشيڊنگ ڪري سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، وفاقي حڪومت توڙِ سنڌ سرڪار هيل تائين  بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا، ڳوٺن ۾ ته سڄي  ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ بجلي ايندي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گهرجي ته جيئن ڪتن ڏاڙهڻ واري ڪيسن ۾  تڪ جي چونڊيل نمائندي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ايئن جن علائقن ۾ بجلي  ۽ گئس بند ٿئي،اتان جي بجلي ۽ گئس جي عملدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته جيئن ڪهر جي گرمي ۾ بجلي بند ٿيڻ وارو سلسلو رڪجي سگهجي، نه ته ڪجهه علائقن ۾ رشوت نه ڏيڻ تان واپڊا ملازم بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا، ڪٿي وري ذاتي دشمني جي ڪري ڳوٺن جا ٽرانسفارمر لاٿا ويندا آهن، غريب ماڻهو رڳو احتجاج ڪندا آهن، جن جو آواز ٻوڙن حڪمرانن تائين پهچي نه سگهندو آهي، جيڪڏهن سنڌي وسندين ۾ بنا جواز بجلي ۽ گئس بند ڪندڙ عملدارن تي ڪيس داخل ٿيا ته اهڙن مسئلن مان ڇٽڪارو ملي سگهي ٿو، هن وقت هر طاقت شخص هر اداري ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي آهي،  جيڪي پنهنجي مرضي هلائي رهيا آهن،  ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ وارا سنڌين سان حسد جي انتها ڪري ڇڏي آهي، سنڌي وسندين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا، جيڪا لوڌ ڪي  اليڪٽرڪ ۾ ڀرتي ٿيل  آهي،  انهن کوڙ سان سنڌ دشمن ئي لڳن ٿا، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سڄي شهر لوڊشيڊنگ گهٽ ۽ سنڌي وسندين ۾ سڄو سڄو بجلي بند  نه ڪن ها. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي گهرجي ته سڄي سنڌ ۾ بجلي ۽گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڌرتي ڌڻين جي جند آجي ڪرائن.


No comments:

Post a Comment