Pages

Monday 22 February 2016

پاڻ سنڌي ڳڻائڻ جو شعور پيدا ڪرڻ وارو عزم

صاحب خان ڀٽي
جڏهن کان آدمشماري جو اعلان ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان سياسي، سماجي  تنظيمن سميت قومپرست ڌرين طرفان آدمشماري بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍي ۽ سيمينار ڪوٺايا پيا وڃن،  جن جو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي. هن ڀيري  پيپلزپارٽي به  سنڌ اندر آدمشماري بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي ميدان تي لهي آئي آهي. پر هن وقت تائين اردو ڳالهائندڙ سنڌين ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪو به  قومپرست يا سياسي اڳواڻ ميدان ۾ نه لٿو آهي ۽ نه ئي اردو ڳالهائندڙ سنڌين جي علائقي ۾ وڃي انهن کي ڪجهه هن آدمشماري جي اهميت بابت ٻڌايو آهي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته اردو ڳالهائندڙ سنڌ جو حصو آهن  ۽ اهي هاڻ اهي سنڌي ڳالهائندڙ اردو آهن ته پوءِ آخر انهن اردو ڳالهائندڙ سنڌين ڀائرن کي هن وقت تائين ڪنهن ياد ڇو نه ڪيو آهي؟ سياسي، سماجي ڌرين کي  ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ سکر  شهرن ۾ خاص طور تمام گهڻي جاڳرتا مهم هلائڻ گهرجي ته جئين اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ به اهو شعور پيدا ٿئي ته هو هاڻ سنڌي آهن  ۽ هي سنڌ ڌرتي انهن جي به امڙ آهي ۽ هي وقت انهن اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين کي متحد ٿيڻو جو به آهي، جيڏهن هن وقت اهي متحد نه ٿي ته افغانستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي لوڌ سنڌين جا حق غضب ڪري ڇڏيندي ۽ سنڌين کي تمام گهڻو ڌڪ رسندو. هوڏانهن سنڌ سرڪار طرفان  مسجدن ۾ مولوين کي خطبي دوران آدمشماري بابت جاڳرتا لاءِ بيان جي به هدايت ڪئي وئي آهي.  مختلف پارٽين جي  اڳواڻن طرفان به اهو زور ڀريو پيو وڃي ته آدمشماري دوران  پاڻ کي سنڌي لکرايو وڃي، ڀلي توهان گهر ۾ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه سميت ننڍن وڏن  شهرن ۾ جاڳرتا مهم پڻ هلائي پئي وڃي. هن ڀيري به لڳي رهيو آهي ته واقعي سنڌ جون ساڃاهه ڌريون سنڌ جي مستقبل لاءِ  تمام گهڻو فڪرمند آهن ۽ انهن جو مقصد به  اهو ئي آهي ته ماضي ۾ جيڪي سنڌين سان ويساهه گهاتيون ٿيون آهن اهي هن ڀيري نه ٿي سگهن.  مشرف جي دور ۾ جيڪي  آدمشماري ڪرائي وئي هئي ان  تي  سڀني کي خدشا هئا ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ جيڪا ڳڻپ ڪرائي وئي ان ۾ 60 گز جي گهر  اندر 150 کان وڌيڪ ماڻهو  لکرايا ويا هئا. جنهن تي عدالت ۾ اهو چيو ويو هو ته ڇا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته  60 گز جي گهر اندر 150 سئو کان وڌيڪ ماڻهو رهن ۽ اهو ڪهڙي ريت ممڪن ٿي سگهي ٿو.  اهو ئي سبب هو جو  آدمشماري کي  مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو هو . وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت آدمشماري کان ڀڄڻ چاهي ٿي پر هو اهو نه ڪرڻ ڏيندا.  سياسي، سماجي تنظيمن سان گڏ قومپرست ڌرين کي به اها ڳڻتي ورائي آهي ته ڌارين جي لوڌ جي موجودگي ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌين کي تمام گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو جنهن لاءِ شروعات کان ئي جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جئين اڳتي هلي آدمشماري ۾ سنڌين سان ويساهه گهاتي نه ٿي سگهي جيڪو عمل به ساراهه جوڳو  آهي.  گذريل ڏينهن ملير جي کوکرا پار  واري علائقي م ڪڇي رابطا ڪائونسل جي ستين يوم تاسيس جي تقريب ۾ رابطا ڪائونسل جي سرپست عبدالله حسين هارون به سنڌ اندر رهندڙ اڙدو ڳالهائندڙن کي  سنڌي لکرائڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو تمام بهتر عمل آهي. جئين جئين مارچ ويجهو اچي رهيو  آهي تئين تئين سنڌ ۾ آدمشماري بابت جاڳرتا سرگرميون تيز ٿينديون پيون وڃن. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي نه  بجلي، گئس ۽ نه ئي وري صاف پاڻي جي فراهمي جي سهولت موجود آهي. ايتري قدر جو سنڌ جي ڪچي ۾ رهندڙ اهڙا ڪيترائي اٻوجهه سنڌي به موجود آهن جن  وٽ هن وقت تائين سڃاڻپ ڪارڊ به نه آهي ۽ نه ئي وري انهن وٽ ڪا اهڙي ٽيم پهتي آهي، پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته سنڌ ۾ آيل ڌارين جي لوڌ وٽ سنڌ جا ڊوميسائيل، ڊگريون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ به آهن، ڪيترن اهڙن ماڻهن جي نشاندهي به ٿي آهي، جن جو تعلق افغانستان، بنگلاديش ۽ ڀارت سان آهي ۽ ترسي به سنڌ ۾ رهيا آهن، انهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ به سنڌ جا ئي آهن ۽ انهن جي نالن تي ملڪيتون به  آهن، افغانستان ۽ بنگلاديش جي ماڻهن کي آخر ڪنهن پراپرٽي ٺاهڻ جو اختيار ڏنو؟ جنهن بابت هن وقت ڪجهه به پتو نه لڳي سگهيو آهي. پر حڪومت انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، ڪيترائي اهڙا اٻوجهه سنڌي آهن جيڪي اهي رڙيون ڪري رهيا آهن ته انهن جا ڪارڊ بنا جواز غلطيون ڄاڻائي واپس ڪيا ويا  آهن،  جيڪي هن وقت تائين ناهن ٺهي سگهيا، هڪ طرف سنڌين  کي پنهنجي ڌرتي هوندي رلايو پيو وڃي ته ٻي طرف ڌارين جي لوڌ کي آساني سان ڪارڊ ٺهي ملي رهيا آهن جنهن جي هن وقت تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي. سرڪار کي گهرجي ته  منڇر جي ڪپن تي رهندڙ توڙي ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي درست نموني ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي ته جئين ڪو  ماڻهو رهجي نه وڃي. ڌارين جي لوڌ سبب هونءَ ته سنڌ جي نوڪرين توڙي ٻين وسيلن تي اثر پئجي رهيو آهي پر هاڻ سنڌ جي آبادي ۾ ڌارين کي پاڻ ڳڻائڻ جون جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ  هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪڇي رابطا ڪائونسل جي سرپرست عبدالله حسين هارون، جسم چيئرمين رياض چانڊئي، سيد خداڏنو شاهه، حسين ڪڇي،  اختر ڪڇي ۽ ممتاز بروهي ۽ ٻين طرفان ڪراچي ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ چيو ويو  آهي ته  سنڌ جي ترقي لاءِ  ماڻهن ۾ آدمشماري بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، جڏهن ته عبدالله حسين هارون چيو آهي ته جيستائين سنڌي پ پ کي رد نه ڪندا تيستائين سنڌ ترقي نه ڪري سگهندي، ميثاق جمهوريت ٻن خاندانن ۾ اقتدار جو ڳٺ جوڙ آهي، اڳواڻن طرفان اهو به چيو ويو آهي ته آدمشماري  ۾ اردو ٻولي جو خانو رکڻ غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، وفاق ملڪ جي ننڍن صوبن سان سدائين زيادتي ڪندو رهيو آهي ۽ حق تلفي ٿيندي رهي آهي. ٻي طرف رياض چانڊيي به چيو آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ اندر رهندڙ برادريون اهي پاڻ کي سنڌي لکرائين.
ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ آدمشماري بابت پ پ جي ميزبانيءَ هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي، سڪندر منڌري، مولا بخش چانڊئي، ناصر شاهه، تاج حيدر، نجمي عالم، ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن، ڪنور نويد جميل،  ن ليگ جي نهال هاشمي، حاجي شفيع ڄاموٽ، کيئل ڪوهستاني، ف ليگ جي سيد مظفر حسين شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، نند ڪمار گوڪلاڻي، پي ٽي آءِ جي عارف علوي، خرم شير زمان، نند لال مالهي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي، ايس يو پي جي سيد غلام شاهه، جسقم جي الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن دوران آدمشماري جي شروع کان آخر تائين سخت نگراني ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو ويو. اي پي سي ۾ سمورين ڌرين پاران گڏيل ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو. اي پي سي پڌرائي موجب آدمشماري ڪميشن ۾ سمورن صوبن کي برابري جوحصو ڏنو وڃي، گڏيل  مفادن واري ڪائونسل ۾ آدمشماري واري مسئلي کي اٿاريو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه طرفان چيو ويو آهي ته آبادي جي حساب سان سنڌ کي وسيلن جو حصو ڏنو وڃي ، سنڌ جي هر ضلعي ۾ آدمشماري بابت مرڪز قائم ڪيا وڃن
سنڌ جي قومپرست ڌرين کي هڪ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجي ته سنڌ  ۾ رهندڙ اردو ڳلهائيندڙ سنڌين کي به هن تحريڪ ۾ شامل ڪن ته جئين ڪراچي، حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ٻين علائقن ۾ رهندڙ اردو ڳالهائندڙ  به پاڻ کي سنڌي لکرائي سگهن. هن وقت تائين جيڪي به مهم هلي آهي ۽ جيڪي ريليون ۽ سيمينار ڪوٺايا ويا آهن انهن ۾ ڪنهن به اردو ڳالهائندڙ سنڌي کي دعوت ناهي ڏني وئي ۽ نه ئي انهن جي علائقن ۾ وڃي اها مهم هلائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن. سڀني سياسي، سماجي ۽ قومپرست  ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي، ڪراچي جي لياري سميت ٻين علائقن ۾ جاڳرتا مهم هلائڻ  گهرجي ۽ انهن کي  سنڌي لکرائڻ  بابت آگاهي ڏني وڃي.  اي پي سي ۾ جيڪو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو اهو به تمام بهتر عمل آهي پر جيڪڏهن اردو ڳالهائندڙن  پاڻ کي سنڌي نه لکرايو ته پوءِ ان سان سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، جنهن  سان هن ڌرتي کي تاريخي نقصان رسيو آهي.  اردو ڳالهائندڙ سنڌين  ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي مهم هلائڻ  جي تمام گهڻي ضروت آهي، ڇاڪاڻ ته 1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ آيل اردو ڳالهائيندر هاڻ سنڌي آهن ۽ قومپرست ڌريون به انهن کي اردو ڳالهائندڙ سنڌي  چيو آهي. ايتري قدر جو ايم ڪيو ايم طرفان  به اهو چيو ويو هيو ته هو سنڌي آهن ۽ انهن کي ڪنهن جي به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن واقعي انهن کي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي ته پوءِ هي وقت انهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي ۽ همت ڪري اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪن ته اهي پاڻ کي سنڌي لکرائن ۽ سنڌ سان ڪيل پنهنجو وچن نڀائن. ماضي ۾ جيڪي به ويڌن ٿيا جنهن  کي نظر ۾ رکي ساڃاهه وندن کي آدمشماري تي ڳڻتي ته ضروري ورائيندي ۽ اهو تمام بهتر عمل آهي  جو سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌريون ميدان تي لهي آيون آهن. درست ۽ صاف شفاف آدمشماري سان ئي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، ساڃاهه ونڊن پاران  به آدمشماري ۾ اردو ٻولي جو خانو رکڻ  غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، ساڃاهه وندن طرفان چيو ويو  آهي ته سنڌ ۾ شعور پيدا ڪرڻ تمام گهڻو  ضروري آهي.

No comments:

Post a Comment