Pages

Saturday 27 February 2016

ڪالاباغ ڊيم ۽ آدمشماري تي وفاق جي هوڏ

صاحب خان ڀٽي
مارچ ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي جاڳرتا لاءِ سنڌ اندر ڪيتريون سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌريون ميدان تي لٿل آهن، هر هڪ طرفان اها ئي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مارچ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۾ گهر شماري واري عمل کي صاف ۽ شفاف نموني بڻايو وڃي ۽  سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن  ۾ پاڻ ڳڻائڻ واري شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مهم هلائڻ جون سرگرميون به عروج تي آهن، جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. هزارن ماڻهن جي نڪرندڙ ريلين کي ڏسي ڌارين جي لوڌ به اچرج ۾ اچي وئي آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به صوبي اندر اهڙي نموني مهم نه پئي هلائي وڃي جهڙي ريت سنڌ جا ماڻهو آدمشماري بابت گهرن کان ٻاهر نڪري ريليون ڪڍي سيمينار ڪوٺائي رهيا آهن. سنڌي اخبارون به اهڙين خبرن ۾ ڀريون پيون آهن. اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿئي رهيو آهي ته گذريل ڪيتري ڏهاڪي کان ملڪ ۾ صاف شفاف آدمشماري نه ٿي آهي  جنهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ سنڌي اڄ ميدان تي سندرا ٻڌي نڪري آيا آهن پر انهن کي خدشو آهي ته آدمشماري واري عمل کي صاف بڻائڻ لاءِ حڪومت قدم اڻپورا آهن، شايد هن ڀيري به آدمشماري وارو عمل صاف ۽ شفاف بڻجي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ايترا ته پرڏيهي مهاجر ترسيل آهن جن کي هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ توڙي سرڪاري نوڪريون  به مليل آهن. ان جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو صرف سنڌ ئي آهي. لکن جي تعداد ۾ ڌاريا سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا آهن ۽ اهي به حڪومت جي خواهش تي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي مرضي به شامل آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به ڪيترائي ڀيرا پنهنجي بيانن ۾ چئي چڪو آهي  ته هو  جڏهن به ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته مٿان طاقت ور ڌر جا حڪم جاري ٿيندا آهن ته انهن کي نه روڪيو وڃي. جيڪڏهن غير قانوني ڏيهه ايندڙ ماڻهن کي ترسائڻ لاءِ طاقتور ڌريون به حڪم ڪن ته پوءِ انهن   ڌاري لوڌ کي سنڌ جي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ به هڪ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو. بهرحال  جئين جئين مارچ ويجهو ايندو پيو وڃي تئين تئين آدمشماري واري مهم کي روڪرائڻ جون ڪوششون به تيز ڪيون ويون آهن ان جو وڏو مثال ڪالا باغ ڊيم آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالا باغ ڊيم کي مئل گهوڙو چيو ويو هو، ان کي ٻيهر زنده ڪيو ويو آهي. انهن ڌرين کي ڪالا باغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي زنده ڪرڻ کان اڳ سئو بار سوچڻ گهرجي ها پر اهو  انهن نه ڪيو، هي مئل گهوڙو جيڪڏهن زنده ٿيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اهڙي اوندهه ۾ وٺي ويندو جنهن سان تاريخ تبديل ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي.
وفاقي حڪومت کي ڪالاباغ ڊيم جهڙي حساس معاملي کي آدمشماري واري مهم دوران نه  اٿارڻ گهرجي ها، هاڻ جڏهن اهو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ويو آهي  ته ان مان ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪالاباغ ڊيم جنهن کي سنڌ جو عوام پنهنجي موت سمجهن ٿا ته پوءِ وفاق کي هن تڪراري معاملي کي پاسي تي رکڻ گهرجي ها. جنهن سان سنڌين جا روح مجروح ٿي رهيا آهن.  سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جو عوام ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلوچستان مان به مخالفت ڪئي پئي وڃي ته پوءِ آخر پنجاب کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي، هڪ ڳالهه تي بضد ٿيڻ سان کيس ڪجهه به نه ملندو، جيستائين صوبا راضي نٿا ٿين تيسائين اهڙا سنڌ دشمن منصوبي جي ڳالهه نه ڪئي وڃي. بين الا صوبائي رابطن جي وفاقي  وزير رياض پيرزادي قومي اسيمبلي جي اجلاس م ڪالا ڊيم جي معاملي تي لکت ۾ جواب داخل ته ڪرائي ڇڏيو آهي پر کيس  اهو ڪنهن چيو ۽ ڪنهن جي چوڻ ته هن ڪيو، ان بابت هن وقت ڪا سڌ پئجي نه سگهي آهي. ڪالا باغ ڊيم معاملو ان وقت اٿاريو آهي جنهن وقت آدمشماري ٿيڻ واري عمل جي جاڳرتا لاءِ مهم تيز ٿي آهي. ملڪ جون حالتون ته سڀني آڏو آهن، هر طرف دهشتگردي آهي ۽ صوبن ۾ ويڇا به تمام گهڻا وڌي ويا آهن، گذريل ڪيتري ئي ڏهاڪي کان  پنجاب تي اهو ئي الزام لڳايو ويو آهي ته هي ننڍن صوبن جا حق هڙپ ڪري رهيو آهي. پر ان باوجود پنجاب جي سياستدانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، دهشتگردي جو معاملو هجي ته آپريشن صرف ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڪيو ويندو آهي پر پنجاب ۾ ته سڀ فرشتا ٿا رهن تنهن لاءِ  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به  ان طرف نگاهه وڃي ئي نٿي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪرپشن ڪندڙن کي به ڪيترو تحفظ مليل هوندو جو نيب ۽ ايف آءِ اي وارا ڪارروايون ڪرڻ کان به لنوائي رهيا آهن. پنجاب ۾ ته سڀ مذهبي، ايماندار ۽ ديانتدار ماڻهو رهندا آهن. جڏهن کان سنڌ جي سياستدانن  جي پڇ تي لت آئي آهي تنهن ڏينهن کان انهن جا ٻيڪاٽ به نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه وڃي پرڏيهه ۾ پناهه ورتي آهي ته ڪن وري روپوشي اختيار ڪري ورتي آهي، باقي جيڪي پنهنجن عهدن تي برقرار آهن اهي صرف ٻيڪاٽ ڪندي نظر اچي رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته  وفاق کي صرف سنڌ ۾ ڪرپشن نظر پئي اچي باقي قل  خير آهي. پنجاب جي راڻا ثناءُ الله تي پنهنجي پارٽي جا اڳواڻ الزام لڳائي رهيا آهن اتي به نيب اختياريون ۽ ٻيا خاموش آهن ڇاڪاڻ ته اهي آمريڪا جي کير سان ڌوتل  آهن،  فيبروري ۾ پڇ جي ذڪر به وڏي مقبوليت ماڻي آهي پر هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو آهي ته آخر پڇ آهي ته آهي ڪنهن جو، جنهن جو جواب هن وقت ناهي ملي سگهيو، پر ها پيپلزپارٽي طرفان اهو بيان آيو آهي ته چوڌري نثار پڇ تي لت ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي کين پڇ ناهي، اها ڳالهه به انهن جي درست آهي ڇاڪاڻ ته انسان کي ته پڇ ٿي ئي نه ٿو سگهي.  باقي طاقتور ڌريون چاهين ته اهي سنڌ جي ڪهڙي به سياستدان کي پڇ ته ڇا سڱ ۾ لڳائي سگهن ٿيون  ۽ اهي پاڻ به قبول ڪندي نظر ايندا ته ها انهن جي ئي پڇ تي لت آهي. ..
جڏهن به سنڌي ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿيندا آهن ته يا وري ڪو وڏو ايونٽ سنڌ ۾ ٿيڻ وارو هوندو آهي ته ان تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي بم جو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ پنهنجا مرضي جا فيصلا مڙهائڻ لاءِ  دٻاءُ  وڌو يندو آهي. ڇاڪاڻ ته آدمشماري جي تاريخ به ويجهو اچي رهي آهي،  شايد ڪنهن نه ڪنهن کي آدمشماري ۾ پنهنجو فيصلو هلائڻو آهي جنهن لاءِ ڪالا باغ ڊيم جهڙي بم جو استعمال شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ڪالا باغ ڊيم جي حمايتين جو چوڻ آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ جي سخت ضروري آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت نيپرا بيان ڏئي چڪي آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڪا به لوڊشيڊنگ ناهي  بنا جواز لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي تنگ ڪيو پيو وڃي. ان تي هن وقت تائين ڪنهن به ٻيڪاٽ نه ڪيو آهي، ان بيان تي سمورن خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. جنهن ڏينهن کان مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان محمد نواز شريف جي حڪومت ۾ آهي پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي ويندي ڪشمور تائين ڪو اهڙو ننڍو وڏو شهر بچيل ناهي جتي 10 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هجي. عجيب ڳالهه آهي ته گئس جي وڏي پيداوار سنڌ مان ٿي رهي آهي. ڪوئلو به وڏي مقدار ۾ نڪري رهيو آهي ۽ ٽرڪون ڀرجي الائي ڪڏانهن وڃي رهيون آهن ان جو هن وقت تائين ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي. جنهن ڪوئلي سان بجلي ٺاهي سگهجي ٿي ان کي چائنا ڪمپني جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ الائي جي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، ان بابت به ڪا خبر ناهي. جيڪڏهن نيپرا جهڙو ادارو به لوڊشيڊنگ بابت ائين چئي ته ڇا ان پٺيان به ڪي عالمي سازشون آهن، جا وري حڪومت ٻين ملڪن کان مهانگي گيس خريدڻ لاءِ بجلي جي کوٽ جو ڊرامو رچائي ويٺي آهي؟ جنهن بابت حڪومت کي جواب ڏيڻا پوندا. بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بهانو بڻائي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو پاڻي پنجاب کي کسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اڳ به پنجاب ۾ ڪيترائي ڊيم آهن پر ان سنڌ کي پاڻي جي لپ به نه ملي سگهي آهي انهن ڊيمن جي ڪري سنڌ جا دريائن مان واري اڏامي رهي آهي باقي رهيل سهيل جيڪي پاڻي جو ڍڪ اچي رهيو آهي ان تي پنجاب اکيون ڄمائي ويٺو آهي. هن وقت پنجاب ۾ زمينون سرسبز آباد آهن ڇاڪاڻ ته سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ٺاهيل ڊيمن جو پاڻي به پنجاب ۾ استعمال ٿي رهيو آهي جنهن سبب سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. هزارين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي. جنهن سبب هتان جا هاري بک  ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. هڪ طرف هتان جي هارين پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪندا آهن ته ٻي طرف هتان جي حڪمرانن به انهن سان گهٽ نه ڪئي آهي،  شگر ملز مالڪن جي زيادتين سبب هو سستي اگهه تي کين وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.   سپريم ڪورٽ به ڪو نوٽيس نه پئي وٺي، جيڪڏهن اتي  پنجاب جا آبادگار احتجاج ڪند ها ته عمران خان ڌرڻا هڻي ۽ عدالتون نوٽيس به وٺن ها. پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته سنڌ جا غيرت مند ۽ حلالي پٽ موت ته قبولي سگهن ٿا پر  ڪالا باغ ڊيم کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، جيڪڏهن وفاق کي ڊيم ٺاهڻو  ئي آهي ته پوءِ پنجاب ۾ ٺاهيل پهريان ڊيم ختم ڪري  سمورو پاڻي چئن صوبن ورهايو وڃي ۽ سڀني صوبن ڊيم ٺاهين وڃن ته جئين هو پنهنجي حصي جو پاڻي پنهنجن ڊيمن ۾ جمع ڪري ڇڏين. باقي سنڌي ڪنهن به صورت ۾ سمنڊ کي پنهنجي سون جهڙي زمين ڳڙڪائڻ نه ڏيندا ۽ نه پنجاب کي  پنهنجي مرضي هلائڻ ڏينداسين.

No comments:

Post a Comment