Pages

Friday 26 February 2016

ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلمانن خلاف پاليسي ۽ هيلري

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾ جنهن ڏينهن کان صدارتي اميدوارن جي چونڊن جو اعلان ٿيو آهي ان ڏينهن کان آمريڪا ۾ مختلف پارٽين جا اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جن مان ريپبلڪن  پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيمڪوريٽڪ جي اميدوار هيلري ڪلنٽن تمام گهڻو سرگرم نظر اچي رهيا آهن، ٻنهي اميدوارن پاران تقريرن ۾ هڪ ٻئي کي  ڀرپور جواب به ڏنو پيو وڃي. هيلري ڪلنٽن  کي اڳ ئي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ هنءَ شڪست جو اعتراف به ڪيو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ ري پبلڪن پارٽي طرفان صدارتي اميدوار جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي پر ڊونلڊ ٽرمپ جا واضع امڪان نظر اچي رهياآهن.  آمريڪي اخبار به دعويٰ ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي  ري پبلڪن پارٽي جي مخالفن کي شڪست ڏئي  اميدوار بڻجڻ جي نامزدگي حاصل ڪري وٺندو. هڪ ٻئي ڳالهه به واضع آهي ته صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ به   مقبوليت جي لحاظ سڀ کان پهرين نمبر تي آهي، ان باوجود  ڊونلڊ ٽرمپ جو پارٽي طرفان نامزدگي حاصل ڪندڙن جي ڊوڙ  ۾ ڪروز ۽ روبيو  ۾ سخت مقابلو ٿيندو. ٻي طرف نيوواڊا ڪاڪس ۾ سينڊرز جي شڪست بعد آمريڪي سينيٽ ۾ اقليتي پارٽي جي ليڊر هيري ريڊ به ڊيموڪريٽ جي صدارتي اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻيا ڪيترائي اميدوار به سندس حمايت ڪندي نطر اچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته  هيلري ڪلنٽن هميشه مسلمانن جي حمايت ۾ بيان ڏنا آهن. 2015ع ۾ هڪ تقريب دوران هيلري ڪلنٽن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته  آمريڪا جو صدر ڪو مسلمان به ٿي سگهي  ٿو، جنهن تي کيس تنقيد جو به نشانو بڻايو ويو هو ۽ مسلمانن خلاف آمريڪا ۾ پروپيگينڊا به شروع ڪئي وئي تنهن وقت به هيلري ڪلنٽن ثابت قدم رهي ۽ هنءَ  چيو ته هوءَ  آمريڪي مسلمانن جو به ايترو حق سمجهي ٿي ، جيترو آمريڪي عيسائن جو آهي.  هيلري ڪلنٽن جي تقريرن  جي ڪري کيس ڊولنڊ ٽرمپ جهڙي شخص کان گهٽ وڌ به ٻڌڻو پيو پر هنءَ همت نه هاري ۽ پنهنجي  منزل طرف هن وقت تائين گامزن  نظر اچي رهي آهي. هيلري ڪلنٽن جي ڪاميابي بابت تجزيه نگارن جو  چوڻ آهي  آمريڪا ۾ مسلمان اڪثريت ۾ ناهن ۽ هيلري کي مسلمانن جي حمايت سان ڪجهه به نه ورندو. ان باوجود هيلري هيلري مسلمانن خلاف بيان ڏيندڙ کي ڀرپور جواب ڏيندي نظر آئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ شروعات کان وٺي اهو  مطالبو ڪندو  رهيو آهي مسلمانن  جي آمريڪا داخلا تي پابندي لڳائي وڃي، سندس نظر ۾ سمورا اسلامي ملڪ دهشتگرد آهن، جنهن لاءِ هو هميشه اهڙا بيان ڏيندو رهندو، ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙن بيانن سان اوڀر  ۽ اولهه ملڪن ۾ ملسمانن جي  دل آزاري  ٿي آهي. ڊونلڊ  مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇڻ  هن وقت تائين بند ناهي ڪيو ايتري قدر جو هن ڪيٿولڪ جي روحاني پيشوا پوپ فرانسيس کي  ميڪسيڪو حڪومت جو مهرو قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد  لڳي پيو ته سندس مقبوليت ۾ ٿوڙي گهٽتائي آئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ته صرف هيلري ڪلنٽن خلاف  ڳالهائيندو هو ۽  ڳالهائي به رهيو آهي. ڊونلڊ ڪيترائي ڀيرا  اهڙا گٿا لفظ به ڳالهايا جيڪي هڪ شريف ۽ مهذب شخص کي نٿا  ڀائن. ڊونلڊ ٽرمپ جيتوڻيڪ وڏو ڪاروباري شخصيت آهي ۽ سندس  شمار آمريڪا جي وڏن شخصيتن  ۾ شمار ٿئي ٿو پر ان باوجود کيس ايترو به اخلاق ناهي ته هڪ عورت خلاف ڪهڙا لفظ ڳالهائڻ گهرجن. جڏهن  ته ڊونلڊ ٽرمپ هيلري ڪلنٽن خلاف  گهٽ وڌ ڳالهايو ته  ان وقت کيس هيلري ڪلنٽن طرفان جواب ڏنو ويو هو ته هو ڀونڪي رهيو آهي. هن وقت تائين  ڊونلڊ ۽ هيلري طرفان گرما گرم بيان ڏنا پيا وڃن ۽  اهي ٻئي اڳواڻ دنيا جي توجع جو مرڪز بڻيل آهن.  ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم ۾ جيڪي مسلمانن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي اهو انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي. جنهن سان  آمريڪي عوام سميت دنيا جي غير مسلم ماڻهن تي منفي  اثر  پئجي رهيا آهن ۽ انهن جون وڇوٽيون ملسمان کان وڌنديون پيون وڃن. اهو ئي سبب هو جو ڪيٿولڪ جي روحاني پيشوا پوپ فرانسيس کي به ميدان تي لهڻو پيو ۽ مجبورن هن کي اهو چوڻو پيو ته ڊونلڊ ڪڏهن به عيسائي نٿو ٿي سگهي، کيس سندس عيسائي هجڻ تي به شڪ  آهي. ڪيٿولڪ جي روحاني پيشوا   چيو هو ته هڪ سچو عيسائي ڪڏهن به مذهبن  ۾ فرق  پيدا ناهي ڪندو ۽ نه ئي وري  نفرتون  پکيڙيندو آهي. جيتوڻيڪ ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن خلاف بيان ڏيڻ ۾ مصروف آهي پر ان باوجود هيلري ڪلنٽن واحد عورت صدارتي اميدوار  آهي جنهن مسلمانن خلاف نفرتون پکيڙڻ واري عمل جي مذمت ڪئي آهي ۽  ڪيترائي ڀيرا اهو بيان به ڏئي چڪي آهي ته هوءَ مسلمانن خلاف نفرتون پکيڙيندڙن کي ڀرپور جواب ڏيندو.  ان باوجود ڊونلڊ ٽرمپ  جي ڪن تي جونءَ نه ٿي چري، ڊونلڊ ٽرمپ اهو شخص آهي جنهن ڪيٿولڪ جي روحاني پيشوا کي به بخش نه ڪيو آهي. ته پوءِ اهو  آمريڪي مسلمانن کي ڪهڙي ريت بخش ڪندو. هي به  مسلمان ملڪن جي سربراهه وانگر ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مسلمان ملڪن جا به ڪجهه اهڙا حڪمران رهي اآهن جن هڪ فرقي  جي سوين ماڻهن کي قطار ۾ لڳائي قتل ڪرايو هو. بهر حال هاڻي وقت ئي ٻڌائندو ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو شخص جيڪڏهن ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ خطي  تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ پوپ فرانسيس کي اهو چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن داعش سندس شهر تي حملو ڪيو ته پوءِ کيس ياد ڪيو ويندو، ته ڪاش ڊونلڊ ٽرمپ صدر هجي ها. ڇاڪاڻ ته هن جي نظر  ۾ داعش سمورن مسلمانن جي ترجماني ڪندڙ جماعت آهي  ۽ سمورا مسلمان داعش ئي ۾ آهن پر سندس اهڙي سوچ  غلط آهي ۽ کيس اهڙي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. آمريڪي ميڊيا به هيلري ڪلنٽن جي اي ميلز  واري معاملي کي تمام گهڻو  نشر ڪري رهي آهي ايترو  قدر جو هليري  مخالف هر هڪ بيان کي  ايترو وڌائي ڏيکاريو پيو وڃي ته جئين سندس مقبوليت گهٽجي  ۽ اهو عمل ڪامياب به ٿي رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن بعد مسلمان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.  ايتري قدر جو آمريڪا ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن  جي تحفظ لاءِ  سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن. ڪجهه ڊونلڊ ٽرمپ جا حمايتي مسلمانن خلاف ايس ايم ايس مهم  هلائڻ ۾ مصرورف آهي پر هن وقت تائين حڪومت ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي.
ماضي به هن وقت تائين  ڪنهن کان ناهي وسريو، ڇاڪاڻ ته 9/11   جي سانحي بعد بش افغانستان  تي اتحادين سان گڏجي حملي جو منصوبو بڻايو ۽ نيٺ اسامه کي عالمي دهشتگرد قرار ڏنو ويو جنهن بعد آمريڪا پاڪستان  کان ايئربيس وٺي افغانستان تي حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ اها باهه صرف افغانستان تائين محدود نه رهي پر ان جا اثر پاڪستان تي پيا ۽ آمريڪا جي اتحادي فوج عراق تي نيوڪيوليئر هٿيار  هئڻ جي شڪ  تي حملو ڪيو، جنهن بعد  ان ملڪ جون به حالتون خراب ٿي ويون  جن ۾ هن وقت تائين بهتري نه اچي سگهي آهي. شام ۽ لبيا جي صورتحال سڀني آڏو آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي طاقتن کي انهن ملڪن ۾ دهشتگرد نظر اچي رهيا آهن جن ملڪن وٽ  تيل جا وڏا ذخيره موجود آهن ۽ جن ملڪن تي سندن حڪم نه پيو هلي اهي ملڪ به سندن نشاني تي آهن. عالمي قوتون پنهنجي من ماني ڪرڻ لاءِ هر  هو عمل کڻي رهيون جيڪو انسانيت جو ڪڌ جهڪائي ڇڏين ٿيون. صدر بس ۾ جنهن طريقي سان خطي ۾ تباهي مچي وئي هئي جيڪا صدر اوباما جي اچڻ بعد بهتر ٿي هئي پر هاڻي لڳي پيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد اهڙي تباهي ايندي جنهن کي اوڀر ۽ اولهه جا ملڪ ڪنهن به صورت ۾ روڪي نه سگهندا.  

No comments:

Post a Comment