Pages

Tuesday 23 February 2016

شام ۾ پارلياماني چونڊن جو اعلان

صاحب خان ڀٽي
شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن. گڏيل قومن طرفان به  شام صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شام جو ڪنٽرول پرڏيهي طاقتن وٽ آهي، گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ اهو  ڄاڻايو ويو آهي ته شام اندر جنگي ڏوهه عام آهن، ڪجهه عنصر ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا  آهن. جنهن سان حالتون خراب ٿي رهيون آهن. رپورٽ  موجب پرڏيهي طاقتون شام ۾ گهرو ويڙهه جون ذميوار آهن، جن تي کين تمام گهڻي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن جي اها اپورٽ ان وقت پڌري ٿي آهي جڏهن شامي صدر بشار الاسد طرفان  پارلياماني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهڙي اعلان کي تمام گهڻو ساراهايو به ويو آهي. شام ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ  آمريڪا، روس، ترڪي، سعودي ۽ ٻين ملڪن طرفان ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ عالمي طاقتن وچ ۾ جنيوا ۾ شام صورتحال بابت ڳالهيون ٿيون جن ۾ ٻن عالمي طاقتن ۾ جنگ بندي تي ٺاهه ٿيو هو، جنهن کي آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪربي به تمام گهڻو ساراهيو هو.  هڪ طرف آمريڪي، روسي ۽ ترڪي فورسز پنهنجيون ڪارروايون شام ۾ ڪري  رهيون آهن ته ٻي طرف سعودي عرب به زميني فوج موڪلڻ جو اعلان ڪري آمريڪا سميت اتحادي فوج کي خوش ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب طرفان شام ۾ داعش خلاف  زميني ڪاررواين لاءِ فوج موڪلڻ جي اعلان بعد روس به شام ۾ هوائي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.  هڪ طرف عالمي طاقتون چئي رهيون آهن ته اهي ڪارروايون داعش ۽ القاعده جي دهشتگردن خلاف ڪيون پيون وڃن ته ٻي طرف بشارالاسد جي حامين تي حملا به ڪيا پيا وڃن، ايتري قدر جو  عالمي  طاقتن بشارالاسد کي اقتدار ڇڏڻ جو به چيو ويو هو. آمريڪا طرفان هر ڀيري  اهو بيان ڏنو ويو آهي ته شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه جو خاتمو سياسي تبديلي بعد ئي اچي سگهي ٿو.  شام صورتحال بابت جرمن ۾ ٿيل عالمي طاقتن جي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي هئي، ميونخ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ روس طرفان شام جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو هو، جنهن تي هڪ هفتو عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ٻنهي ملڪن طرفان چيو ويو هو ته  هو هڪ هفتي تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪندا،  ڇاڪاڻ ته جئين اهي جنگ سبب متاثر ٿيل ماڻهن تائين امداد پهچائي سگهن.  جنهن تي روسي پرڏيهي وزير طرفان چيو ويو هو شام جنگ بندي تي عملدرآمد ڪرائڻ سندن لاءِ تمام گهڻو ڏکيو آهي،  روس هر ڀيري اهو چوندو رهيو آهي ته  داعش سندن گڏيل دشمن آهي، جنهن لاءِ سڀني اتحادين کي گڏجي ڪارروائي ڪرڻي پوندي ته جئين  داعش جو خاتمو اچي سگهي.  روس اهو اعلان به ڪيو هو ته هو داعش ۽ النصره فرنٽ خلاف هوائي حملا جاري رکندو، ڀلي جنگبندي هجي يا نه، ان تي کين ڪو به اثر نه پوندو. روس طرفان  چيو ويو هو ته  شام ۾ ڪارروائي لاءِ  روس ۽  اتحادي فوج ۾ سهڪار ضروري آهي، جيڪڏهن سهڪار جاري نه رکيو ويو ته پوءِ داعش خلاف ڪاررواين ۾ڪاميابي نه ملندي سگهندي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف  اتحادي فوج کي اها صلاح به ڏني هئي ته سمورين ڌرين کي شام ۾ جنگ بندي لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اتحادي فوج جي فضائي ڪاررواين ۾ ڪيترو نقصان ٿيو آهي ۽ ڪيترا دهشتگرد ماريا ويا آهن ان جي هن وقت تائين ڪا به رپورٽ ظاهر ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي گڏيل قومن طرفان ڪو بيان ڏنو ويو آهي. صرف سعودي عرب ۽ آمريڪا طرفان داعش خلاف ٿيل ڪاررواين دوران متاثر  ماڻهن جي سهائتا لاءِ  وڏا وڏا بيان ڏنا پيا وڃن  ته جئين دنيا کي لڳي ته   هوائي ڪاررواين ۾ ڪو به بي گناهه ماڻهو متاثر ناهي ٿيو رڳو دهشتگرد ماريا ويا آهن ۽  اهي صرف انهن ماڻهن جي سهائتا ڪري رهيا آهن جيڪي داعش جا متاثر آهن، پر حقيقت ائين به نه آهي، هوائي ڪاررواين ۾ ڪيترن ئي عمارتن کي نشانوبڻايو ويو آهي، جنهن صاف ظاهر آهي ته انهن عمارتن ۾ صرف دهشتگرد نه هوندا پر اتي اهي شامي به ترسيل آهن جن جي گڏيل قومن هن و قت ڪا به سار نه لڌي آهي جيڪي  صرف دنيا ۾  اميدون لڳايو ويٺا آهن ته شايد ڪو اچي سندن ڪا  واهر ڪندو. شامي سينٽر فار پاليسي به شام صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته شام ۾ گهرو ويڙهه دوران 11 ڏهائي 5 سيڪڙو شامي آبادي جا ماڻهو مارجي چڪا آهن. رپورٽ موجب ۾ شام اندر گهرو ويڙهه سبب هن وقت تائين 18 لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي 5 سال جاري رهندڙ جنگ ۾ ملڪ کي 225 ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي. رپورٽ موجب شام جي 45 سيڪڙو آبادي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي، جڏهن ته  40 لک ماڻهو ٻين ملڪن ڏانهن مستقل  منتقل ٿيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنگ سبب 50 شامي شهري اتر وارن علائقن ڏانهن به لڏ پلاڻ ڪئي آهي. شامي سينٽر فار پاليسي ريسرچ جي رپورٽ موجب شام ۾ جنگ سبب 13 لک 80 هزار شهري  بيروزگار ٿيا، جڏهن ته  کاڌ خوراڪ جي شين ۾  53 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
جنگ بندي واري اعلان بعد شامي صدر  بشارالاسد به آخر ڪار چار سال بعد پارلياماني چونڊن جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي. صدارتي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني چونڊ 13 اپريل تي ڪرائي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جنگبندي کان پوءِ شامي صدر بشارالاسد پاران  پارلياماني چونڊن جي اعلان  سان آمريڪا، روس ، ترڪي ۽ ٻين اتحادي ملڪن تي تمام گهڻو اثر پوندو ۽ بشار الاسد جي حامين جو اڃان وڌيڪ انگ وڌي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته  عالمي طاقتون به اهو ئي چاهين  پيو ته جلد کان جلد سياسي تبديلي اچي ته جئين شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه ۾ ٺاپر اچي سگهي.  شام ۾ آخري ڀيرو پارلياماني چونڊون 2012 ۾ ٿيون هيون. بشارالاسد جي هن اعلان  اهو  ثابت ڪيو آهي ته هو  به هاڻ شام ۾ امن امان واري صورتحال ڏسڻ چاهي ٿو.  عالمي طاقتون چئي رهيون آهن ته شام  ۾ جون حالتون  داعش جي ڪري ٿيون آهن ۽ اهي  حالتون   سياسي تبديلي سان بهتر ٿي سگهن ٿيون.   افسوس   آهي جو  عالمي طاقتون شام جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ بي گناهه ماڻهن کي رت سان ويهنجارڻ ۾ لڳيون پيون آهن ان کي جنهن ريت رنگ ڏنو  ويو آهي اهو انتهائي خطرناڪ آهي. جنهن سان هزارين ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. هڪ ته شام  ۾ بشارالاسد جي حامين ۽ مخالفن ۾ ويڙهه  ٿي رهي آهي ته ٻي طرف سعودي عرب، آمريڪا ، روس ۽ ترڪي به ڪاررواين ۾ مصروف آهن ۽ بي گناهه شهرين مٿان حملا به جاري آهن.رهائشي علائقن تي بمباري سان ڪيتترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن. شام ۾ هن وقت جنگي  حالتون آهن جن کي شام جا ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن، اهو سڀ ڇو ٿي رهيو آهي شايد اهي به ڄاڻيندا هجن پر کين ايتري پڪ آهي ته  سندن خلاف جيڪي ڪارروائي ٿي رهي آهي اها داعش نه پر  عالمي طاقتن طرفان شام جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي.  شام، عراق، لبنان، فلسطين اهي سڀ اهڙيون رياستون آهن جن ۾ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان تي صرف عوام طرفان ته احتجاج ڪيو پيو وڃي پر اسلامي رياستن طرفان خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. سعودي عرب هن ڀيري آمريڪا، روس، برطانيا ۽ ٻين غير مسلم ملڪن سان گڏجي مسلمان ملڪن تي حملو ڪري رهيو آهي. آڱر تي ڳڻڻ جيترن دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ فضائي ڪارروايون ڪري هزاري بي گناهه ماڻهن جون  حياتيون کسڻ تمام غلط آهي پر سعودي ان جي حمايت ڪري پيو ۽ پاڻ به اهي ڪارروايون ڪري رهيو آهي. ڪيترائي شامي پناهگير بڻجي چڪا آهن.  آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ روسي هم منصب ولادين ميرپيوٽن رابطو ڪري شام ۾ 27 فيبروري کان جنگ بندي جو اعلان ڪيو،  ٻنهي اڳواڻن ۾ شام جنگ بندي واري معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو ته شام ۾ جنگي بندي وارو معاهدو سياسي تبديلي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، هن چيو ته کيس اميد آهي ته سمورا گروپ جنگ بندي واري معاهدي تي قائم رهندا. ٻي طرف روسي صدر ولادين مير پيوٽن  شام ۾ گهرو ويڙهه جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته شام ۾ جنگي بندي يقيني بڻائڻ لاءِ روس هر قدم کڻندو. ترڪ صدر طيب اردگان ۽ سعودي بادشاهه شاهه سلمان به حلب ۾ روسي ۽ شامي فوج جي بمباري تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن طرفان چيو  ويو ته  بشارالاسد جي اقتدار ۾ شام بحران حل نٿو ٿي سگهي، ٻنهي اڳواڻن شام ۾ معصوم شهرين  تي بمباري بند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو پر ٻئي ملڪ اهي ڪارروايون پاڻ به ڪندا رهيا آهن. ترڪي  ۽ سعودي عرب  هڪ طرف شام ۾ بمباري  روڪڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف اهي بئي ملڪ پنهنجيون پنهنجيون فوجون به موڪلڻ جو اعلان ڪندي نظر اچي رهيا آهن جنهن مان لڳي پيو ته گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽ صحيح آهي ته شام ۾ پرڏيهي ملڪن جو ڪنٽرول آهي.


No comments:

Post a Comment