Pages

Wednesday 24 February 2016

آصف زرداري ۾ آيل تبديلي يا صحتيابي ؟

صاحب خان ڀٽي
پپيلزپارٽي اڳواڻن کان جڏهن به  آصف علي زرداري جي پرڏيهه رهڻ بابت سوال پڇيو ويو ته انهن اهو جواب ڏنو آهي ته آصف علي زرداري  بيمار آهي ۽ سندس علاج ٿي رهيو آهي، جڏهن هو صحتياب ٿيو ته  ڏيهه واپس ورندو. اهڙي جواب باوجود صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن سميت هر هڪ کي يقين ئي نه  پيو اچي پر جڏهن آصف علي زرداري  آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ  واري اعلان کي وقت کان اڳ ۽ قوم لاءِ مايوسي قرار ڏنو، تڏهن سڀني کي پڪ ٿي ته سردار آصف علي زرداري جو علاج درست نموني ٿي رهيو آهي ۽ سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ جيڪي ڊاڪٽر آهن شايد اهڙو علاج نه ڪري سگهن ها جئين دبئي ۾ ويٺل ماهر ڊاڪٽر آصف علي زرداري صاحب جو  ڪري رهيا آهن. شايد  اهي ئي ڊاڪٽر کيس ان بيان عيوض ڏيهه اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏين. شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ به آصف علي زرداري صاحب تمام گهڻو بيمار هو جو ڊاڪٽرن کيس ڏيهه وڃڻ کان روڪيو  هو، جنهن سبب هو تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو. آصف علي زرداري صاحب صحتياب نه هئڻ سبب پ  پ پارليامينٽرين جي صدر  مخدوم امين فهيم جي جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. آصف علي زرداري کي ڪهڙي بيماري آهي، ان بابت هن وقت تائين پارٽي توڙي ڊاڪٽرن طرفان ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي. پر سندس آرمي چيف بابت ڏنل بابت اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته کيس ڪهڙي بيماري هئي ۽ علاج ڪيتري حد تائين ٿي چڪو آهي. سنڌ جي عوام خاص طور جيالن کي  آصف زرداري جي آمد جو تمام گهڻو اوسيئڙو آهي، کين ايتري ڳڻتي ورايو آهي جو هو هر وقت سندس صحيتابي لاءِ دعا ڪندي نظر اچي رهيا آهن ۽ انهن ڊاڪٽرن کي به دعائون ڏيندا هوندا، جن وٽ آصف زرداري جو علاج آهي. هر هڪ جي به اها ئي خواهش آهي ته آصف علي زرداري صاحب کي ڏيهه ۾ رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ جون حالتون تمام گهڻيون خراب  آهن ۽ سندس پارٽي اڳواڻن تي رات جا راڪاس لامارا ڏئي رهيا آهن. ٻي طرف ٿر ۾ معصوم ٻارڙا  بيمارين سبب فوت ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سندس سنڌ اندر موجودگي وڏي اهميت رکي ٿي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هاڻوڪو بيان ماضي ۾ ڏنل بيان کان تبديل ٿي چڪوآهي. آصف علي زرداري جيڪي به پنهنجا بيان ڏئي چڪو آهي انهن  کي هن ويساري ڪري  آرمي چيف جي رٽائرمينٽ واري بيان کي عوام لاءِ مايوسي قرار ڏنو آهي.
لڳي پيو ته آصف علي زرداري  ڊاڪٽرن کان جلد کان جلد ڏيهه اچڻ جي اجازت وٺڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هو ڪوششون به ڪري رهيو آهي. سندس جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ جي اهم موڙ تي جنرل راحيل شريف جو رٽائرمينٽ بابت اعلان وقت کان اڳ آهي، پر هن ماضي ۾ جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ واري بيان جي آجيان هئي. آصف زرداري بيان ڏنو هو  ته  جنرل راحيل شريف پاران مدي ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان ساراهه جوڳو آهي، پر ان اعلان سان عوام جون اميدون مايوسي ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي، آصف زرداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو و يو  آهي ته سياسي قيادت کي موجوده حالتن ۽ عوامي خواهش موجب  قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي کي سامهون رکندي وقت اچڻ تي فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه حلقن طرفان سياسي ۽ احتساب سميت ٻين معاملن ۾ فوج جو امڪاني ڪردار ڳولڻ مناسب ناهي ، آصف علي زرداري دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ جي پس منظر ۾ فوج ۾ قيادت جو تسلسل دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي. آصف علي زرداري فوج جي جدوجهد، لازوال قربانين،  شاندار سوڀ کي سياسي اختلافن ۽ موقعي پرستي جي نظر نه ڪرڻ  جي صلاح ڏني آهي. آصف علي زرداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي حڪمت عملي هيٺ دهشتگردي خلاف جدوجهد کي ڪامياب ڪرڻ قوم ۽ فوج جو گڏيل عزم هجڻ گهرجي. هن اهو به چيو آهي ته سڄي قوم ۽ پ پ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، سندس بيان مان انداو لڳائي سگهجي ٿو  ته هو ڏيهه اچڻ لاءِ  هٿ پير هڻي رهيو آهي.  جنهن لاءِ  هن پنهنجي  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سياسي مصلحتن ۽ ڪنهن به قسم جي انا پرستي کي پاسيرو رکي دهشتگردي ختم ڪئي ويندي. هن پنهنجي بيان چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ورهين کان مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اندريان ۽ ٻاهريان دشمن گڏجي ملڪي سلامتي، امن امان ۽ قومي ترقي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا، فرقيوار تڪرار، بلوچستان ۾ بدامني ۽ ڪراچي ۾ منظم ڏوهه توڙي ڀتي خوري خطرناڪ سازش جو حصو آهن. آصف علي زرداري چيو ته طالبان، تشدد واريون مذهبي تنظيمون، ڏوهاري گروهه ۽ علحدگي پسند پرڏيهي مدد سان ملڪ توڙي قوم کي منتشر ڪري رهيا آهن. آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگرد حملي بعد صورتحال خراب ٿي وئي. آصف علي زرداري چيو ته شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن، ان واقعي کانپوءِ ضرب عضب آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي پ پ مڪمل حمايت ڪئي.  آصف علي زرداري چيو ته ضرب عضب آپريشن ذريعي دهشتگردي خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. سڄي ملڪ سميت بلوچستان ۾ امن دشمنن، مددگارن ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي ڪراچي ۾ به دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي آهي ۽ اهي پٺتي ڌڪجي ويا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن . آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته جنرل راحيل شريف جي بي خوف اڳواڻي ۾ جدوجهد جلد انجام تي پهچندي ۽ پاڪستان دهشتگردي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.
آصف علي زرداري پنهنجي پوزيلشن تبديل ڪري ڇڏي آهي. آصف علي زرداري 16 جون  2015ع ۾ جيڪو بيان ڏنو ويو هو ته  هو نٿا چاهين ته انسٽيٽيوٽ ڪمزور ٿين، هي سندن آرمي آهي، هي ادارا سندن جا آهن،  توهان کي ٽي سال رهڻا  آهن پوءِ هليو وڃڻو آهي پر هنن کي هميشه لاءِ رهڻو آهي، تنهن  ڪري کين تنگ نه ڪيو وڃي ۽ آصف علي زرداري بيان ڏنو هو ته کين تنگ ڪيو ويو ته هو “ ايٽ ڪي بدلي ايٽ بجا ڊالينگي“ پٿر جو پٿر سان ڏيندا،  اهڙو بيان ڏيڻ بعد آصف علي زرداري صاحب ڪجهه عرصي بعد بيمار  ٿي پيا هئا ۽ کيس دبئي وڃڻو پئجي ويو هو.  بعد سنڌ واسين کي خبر پئي هئي ته هو علاج ڪرائڻ لاءِ ويا آهن.  آصف علي زرداري جو اڳ ۾ ڏنل بيان ۽ هاڻوڪي بيان ۾ وڏو فرق آهي.  سندس بيان بعد تمام گهڻا ماڻهو اچرج ۾ اچي ويا آهن ته   پيپلزپارٽي جي  سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره طرفان بيان ڏنو ويو هو ته جنرل ڪياني کي ايڪسيٽينشن ڏيڻ سندن وڏي غلطي هئي ۽ جنرل راحيل شريف طرفان ايڪسيٽينشن وٺڻ غلطي هئي. هاڻ جڏهن جنرل راحيل شريف پنهنجو بهادراڻو فيصلو  ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو رٽائرڊ  مقرر وقت تي ٿيندو  ۽ ان تي هو قائم رهندو، جنهن بعد سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ سندس حمايت ۾ ريليون ۽ جلسو  ڪڍڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو ۽ جنرل راحيل شريف جي بيان جي اهڙي فيصلي جي آجيان به ڪئي وئي هئي.  پر  جڏهن هن معاملي تي ٺاپر اچي وئي ته ٻيهر آصف علي زرداري جنرل راحيل جي رٽائرمينٽ واري اعلان کي قوم جي لآءِ مايوسي قرار ڏنو  آهي، جنهن بعد سندس ڏيهه اچڻ  وارا ستارا ٽمڪندي نظر اچي رهيا آهن.
Sahibkhanbhatti.blogspot.com


No comments:

Post a Comment