Pages

Friday 26 February 2016

انڊس رينيسينس جي پليٽ فارم تان نئين جاڳرتا مهم

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ تبديلي جي جاڳرتا لاءِ سياسي، سماجي ۽ قومپرستون ڌريون پاڻ پتوڙي رهيون آهن، جن جو مقصد سنڌ جي تعليم، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ  بابت شعور اجاڳر ڪرڻ آهي.  سنڌ اندر هڪ وڏو الميو اهو رهيو آهي ته هتان جا چونڊيل نمائندا چونڊن بعد ووٽرن  کان ايترو ته ڏور هليا وڃن ٿا جو انهن تائين پهچڻ عام شهري  لاءِ ناممڪن بڻجي وڃي ٿو. جنهن سبب سنڌ جي عوام سهولتن کان وانجهيل آهي، ايتري قدر جو سنڌ جي تعليم تباهي ڪناري تي پهتي آهي، ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. پر هن وقت تائين ان بابت ڪا به جاڳرتا مهم نه هلائي وئي آهي. ان کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي اديبن، چونڊيل نمائندن، گهڻ گهرن ۽ سول سوسائٽيءَ انڊس رينيسينس جي پليٽ فارم تان سنڌ اندر نئين جاڳرتا جي مهم تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ ۾ تعليمي ادارا تباهي جو ڏيک رهيا آهين، جنهن سبب مسقتبل جا معمار تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جو عوام هر ڀيري نون توڙي پراڻن اميدوارن کي آزمائندو آهي پر نتيجو نل بٽا نل نڪرندو آهي. جڏهن به چونڊن جو اعلان ٿيندو آهي ته اهي موسمي ڏيڏر اچي ٽانءُ ٽانءُ ڪري جهر جهنگ  جهوليون کڻي پهچندا آهن.  انهن جي ڪيل واعدن تي عوام هر  ڀيري جيان اعتبار ڪري ووٽ ڏئي انهن کي ڪامياب ڪندو آهي پر انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويندو آهي. 1947ع کان 1973ع تائين سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ذميوار جاگيرداڻي نظام کي سمجهيو ويندو هو پر هاڻ  انهن وڏيرن سان گڏ سنڌ دشمن عنصر به گڏجي ويا آهن. سنڌ ۾ اڄ به اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي زميندار ڳوٺاڻن کي پنهنجو غلام سمجهندا ۽ انهن کي زنجيرن ۾ قيد ڪيو ويندو آهي،  اهڙن واقعن جون خبرون روزانو رپورٽ ٿينديون رهن ٿيون. سکر، نوابشاهه، دادو ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ عدالتي حڪمن تي خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي هارين کي بازياب ڪرايو ويندو آهي ان باوجود انهن ظالم وڏيرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي ۽ اهي وڏيرا اهو ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته انهن هارين جا ٻار به پڙهي سگهن. اهڙا  ڪيترائي ڳوٺ آهن جتي اسڪول ته قائم آهن پر اهي وڏيرن جون اوطاقتون بڻيل آهن، ڪن اسڪولن کي ته مينهن جي واڙي ۾ تبديل ڪيو ويو  آهي.  ڪجهه ڳوٺن ۾ ته پوليس اهلڪارن به ڪسر ناهي ڇڏي ۽ پرائمري اسڪولن کي پنهنجي جاگير جيان استعمال ڪري  رهيا آهن. انهن اسڪولن ۾ ماستر ۽ ماسترياڻيون ته مقرر ٿيل هونديون آهن پر اهي  صرف پگهارون کڻندا آهن، افسوس آهي واهي پانڌي ۾ هڪ پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر صحافي جي معصوم ٻارڙن سميت 7 ٻارڙن کي اسڪول مان چوري جو الزام هڻي ڪڍي ڇڏيو، چوري جو الزام لڳائي ٽن يار چار سالن جي ٻارڙن کي اسڪول مان ڪڍڻ واري سمجهه کان ٻاهر آهي ڳوٺن ۾ جيڪي آهن نه ته انهن ۾ ڪا قيمتي شيءَ هوندي آهي نه ئي  ڪي استاد اهڙيون مهانگيون شيون اسڪول ۾ رکندا آهن. پوءِ الائي ڪئين هيڊ ماستر کي پکن جي چوري جو الزام لڳائڻو پيو ۽ هن اهو الزام هڻي انهن 7 کان وڌيڪ ٻارڙن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو.  هي هيڊ ماستر ته انهن وڏيرن کان ٻه قدم اڳتي نڪتو آهي جيڪي غريب ٻارڙن کي پڙهڻ کان روڪيندا هئا. سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن ۽ ڪجهه ته اوطاقن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جن تي اسڪول جا هيڊ ماستر خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن. انهن جو به ان ڪو ڏوهه  نه آهي ڇاڪاڻ ته حڪومت انهن بااثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. اهڙيون ڪيتريون شڪايتون به تعليم کاتي کي به ڏنيون ويون آهن  پر عملدارن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
اهڙي صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي اديبن، چونڊيل نمائندن، گهڻ گهرن ۽ سول سوسائٽيءَ انڊس رينيسينس جي پليٽ فارم تان سنڌ اندر نئين جاڳرتا جي مهم تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته اسڪولن، صحت جي سهولتن، آءِ ٽي ۽ انگريزي جي تعليم سميت سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي مختلف منصوبن لاءِ ٿنڪ ٽينڪ جوڙي عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٺٽي جي جيمخانه هال ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ انڊس رينيسينس پاران ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر، پ پ اڳواڻ غلام قادر پليجي، ناليواري اديب محمد علي مانجهي، جلال شاهه، حامد مغل، صادق لاکو، قادر شورو، رشيد جاکرو، راحيلا ڀٽو ۽ ٻين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انڊس رينيسينس جو سربراهه ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر  ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته سنڌ ۾ روڊ رستا تباهه ٿي چڪا آهن، جن جي مرمت توڙي ٻيهر تعمير لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه پئي کڻي ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر  چيو ته اسپتالن جي حالت خراب آهي، مريضن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، 99 سيڪڙو دوائون هضم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته هڪ سيڪڙو دوا تي عوام جي ڪهڙي خدمت ٿيندي؟. ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر چيو ته سنڌ جي سياست ۾ مافيا جا ٽولا آهن جن جو ترقيءَ سان ڪو واسطو ناهي، هي سياست نه پر ڪاروبار آهي ۽ غير قانوني ڪاروبار ڪندڙ ڪامياب آهن. ڪامورن جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، هو ڳالهه سنڌ جي حقن جي ڪن ٿا پر عملي طور ڪجهه ٻيو ئي ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر چيو ته ڪم ڪرڻ کانسواءِ تبديلي نه ايندي، مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. انڊس رينيسينس نه ڪا سياسي تنظيم  آهي، نه ئي ڪا اين جي او، اها پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪندي. هن چيو ته تڪڙي تعليم تحت نوجوانن کي انگريزي، ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي جي تعليم جي سکيا ڏئي سگهجي ٿي، معاشي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو. هن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته هو اهڙي آرگنائيزيشن  ٺاهيندا جيڪا سڄاڻ ڌرين، وڪيلن، صحافين ۽ سياستدانن تي ٻڌل هوندي، ليگل ايڊ ڪميٽيون انساني ۽ عوامي حقن لاءِ ڪم ڪنديون. ٻين اڳواڻ به ڪانفرنس ۾ سنڌ جي صورتحال  بابت ڳالهايو. ٻين اڳواڻن طرفان  انڊس رينيسينس  جي جاڳرتا مهم کي سنڌ جي تبديلي لاءِ اهم وک قرار ڏنو ويو آهي.
1947ع کان سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻولي، ثقافت کي بچائڻ  لاءِ لڳيا پيا آهن. انگريز دور کان سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم کي تباهه ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪيون ويون اهي هن وقت تائين به جاري آهن، بس فرق ايترو آهي ته اهي انگريز هئا ۽ هي انگريزن جا ڏنل تحفا  آهن.  سنڌي قوم ۽ ثقافت کي تباهه ڪرڻ  جون ڪوششون اڌ صديءَ کان جاري ۽ ساري آهن. سنڌ ۾ افغان سميت ٻين ملڪن جي مهاجرن جي  آمد سبب ڪلاشنڪوف جي ڪلچر کي به هٿي ملي آهي.  منشيات جو وڪرو به  عام جام ٿيو آهي. اهي پهاڙي ماڻهو جنهن ريت چرس ۽ هيروئن ۽ هٿيار سنڌ ۾ بارڊر ڪراس ڪري بنا ڪنهن چيڪنگ جي هتي اچي پهچن ٿا جنهن سان سنڌ جو نوجوان نسل ترقي ڪرڻ بدران  تباهه ٿي رهيو آهي. اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ  بهتر پليٽ فارم جي ضرورت هئي جيڪا ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر انڊس رينيسينس جو اعلان ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو آهي.  سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ  لاءِ هن وقت تائين ڪو اهم قدم نه کنيو ويو آهي، جيڪي ادارا قائم ڪيا ويا آهن اهي صرف نالي ماتر آهن انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن هن وقت ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. اميد آهي ته انڊس رينيسينس سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي گهڻو ڪم ڪندي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي جيڪو اڳ ۾ نه ٿي سگهيو آهي. هر دور ۾ اسان جي تاريخي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي  وئي آهي. سنڌي ماڳن، قيديمي آثارن  جي تحفظ لاءِ هن وقت ڪو به قدم نه کنيو آهي. پر پنجاب ۾ سموريون قديمون عمارتون صوبائي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ثقافتي ورثو قرار ڏئي چڪي آهي پر  سنڌ جي گادي وار شهر ۾ قديمي عمارتن کي بازارون ۽ آفيسون بڻايو ويو آهي. جنهن تي سنڌ جي ماڻهن کي به خدشو آهي ته ڪو بلڊر اچي انهن قديمي عمارتن کي ڊاهي ڪا وڏي کهڙي ڪندو اهو ماضي ۾ به ٿيندو رهيو آهي. حيدرآباد ۾ به پڪي قلعي اندر ماڻهو رهي رهيا آهن پر حڪومت ان قديمي قلعي  جي تحفظ لاءِ ڪو به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو  آهي.  جن لاءِ انڊس رينيسينس کي قدم کڻڻ گهرجن ته جئين سنڌ جي تعليم سان گڏ سنڌي جي قديمي ماڳن کي به بچائڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي.


No comments:

Post a Comment