Pages

Monday 21 November 2016

مها ٻوڏ جي مها متاثرن جي واهر ڪير ڪندو؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن سوچيو به نه هو ته سنڌ ۾ به ڪا مها ٻوڏ به ايندي پر افسوس جو حڪومتي نااهلي ۽ انتظامي لاپرواهي سبب 2010ع ۾ مها ٻوڏ آئي جنهن سنڌ کي ٻوڙي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، مها ٻوڏ جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا اهي اڄ به معاشي طور پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهيا آهن، ان مها ٻوڏ ۾ هزارين آبادگارن جو فصل تباهه ٿي ويو هو، ڪيترن ئي ماڻهن جا گهر ڊهي پيا هئا، سندن مال متاءُ به ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو هو، مطلب ته انهن وٽ سر بچائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو هو، ان مها ٻوڏ ۾ ائين لڳي رهيو هو ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي پناهگيرن جيان پناهه ڳولي رهيا آهن ۽ کين ڪو به پناهه نه ڏئي رهيو آهي، جن ماڻهن جا گهر ڊهي ويا هئا يا وري جن مان جا فصل تباهه ٿي ويا هئا، جيڪي مڪمل طور ڪنگال بڻجي ويا هئا، انهن سمورن متاثرن شهرن ڏانهن رخ ڪيو هو، ايتري قدر جو انهن وٽ شهرن ڏانهن به اچڻ جو ڀاڙو نه هو، ڪيترائي ماڻهو هٿن ۾ ڪپڙا ۽ ڪڪڙيون کڻي روڊن تي ٽينٽ لڳائي ويٺل نظر رهيا هئا ته ڪي وري کليل آسمان تي ڌڻي پاڪ جي آسري ۾ ويٺل هئا ته متان ڪٿان ڪو مسيحا اچي سندن دردن جو درمان بڻجي، 2010ع جي مها ٻوڏ جتي پنجاب کي ٻوڙيو اتي سنڌ کي 95 سيڪڙو وڌيڪ نقصان پهچايو هو، ان جو سڀ کان وڏو سبب هو اهو ته سنڌ سرڪار اڄ تائين سنڌو جي ڪپرن کي مضبوط ناهي ڪرائي سگهي ۽ نه ئي وري شاخن، واهن ۽  دريائن جا ڪپر مضبوط ڪرايا ويا هئا جنهن سبب ٻوڏ سنڌ ۾ وڏو نقصان پهچايو، 2010ع جي ٻوڏ کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ موئن جو دڙو بڻجڻ طرف وڌي رهي هئي،
 پر  ڪائنات کي خلقيندڙ  سنڌوءَ تي رحم ڪيو، جڏهن 2010ع ۾ مها ٻوڏ آئي هئي ته سنڌ ۾ ماڻهو گهرن مان هٿن ۾ ڪڪڙ، کٽون کڻي لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا، جن کي ڏسي اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ غربت تمام گهڻو وڌيڪ هئي، عالمي برادري طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ خيرات موڪلي هئي پر چوندا آهن ته هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ خيرات جا مستحق هتان جا سياستدان آهن سو ان دور ۾ به ائين ٿيو هو، ڪرپشن ڪندڙ سياستدانن مها ٻوڏ جي متاثرن لاءِ آيل خيرات ۾ به ڪرپشن کان نه لنوايو هو ۽ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي هئي، مها ٻوڏ ۾ هڪ طرف ماڻهو تڙپي رهيا هئا ته ٻي طرف وري سياستدان، چونڊيل نمائندا ۽ انسانيت جي خدمت ڪندڙ دعويدار تنظيمون به ڪرپشن ۾ مصروف ٿي ويون هيون، جنهن کان جيترو ٿي سگهي پيو اهو اوتري ڪرپشن ڪري رهيو ۽ انهن ڀوتارن کي ڪير روڪڻ وارو ئي نه هو، ايتري قدر جو متاثرن لاءِ ٽينٽ به  لڪائي رکيا ويا هئا جيڪي بعد ۾ ظاهر ٿيا هئا.  ڪجهه ماڻهن سرڪاري اسڪولن ۾ پناهه ورتي هئي ته ڪي وري روڊن ڪناري ڪئمپون لڳائي ويهي رهيا هئا. ڪير به انهن جي ٻڌڻ وارو نه هو ۽ نه ئي وري انهن متاثرن جي ڪو دانهن ٻڌي رهيو هو، جيڪي لک پتي هئا اهي مها ٻوڏ کان پوءِ ڪک پتي بڻجي ويا هئا، جيڪي ماڻهو ٻوڏ کان اڳ خوشحال هئا ته بدحال بڻجي ويا هئا،
حڪومت صرف اهو چئي رهي هئي ته هو وڏڙن جو مشن جاري رکندا ۽عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪندا پر افسوس  اهي اعلان صرف اعلان ئي رهجي ويا  هئا ۽ انهن  متاثرن جي بحالي لاءِ ڪي به عملي طور قدم نه کنيا ويا هئا، جن کي  ڏسي اهو چئي سگهجي ها ته حڪومت ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي پر افسوس  جو ان وقت مها ٻوڏ جي متاثرن کي اڪيلو ڇڏيو ويو هو، ڪجهه مها ٻوڏ جا سٽيل جڏهن ڪراچي پهتا هئا ته نام نهاد دهشتگردن سندن مٿان حملو به ڪيو هو، جن ماڻهن کي سنڌ واسين پناهه ڏني هئي اهي ماڻهو سنڌين سان نفرت جو اظهار ڪري رهيا هئا، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ جيڪي مها ٻوڏ متاثر آيا هئا انهن کي ڪراچي کان روڪڻ لاءِ ايتريون ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪيون ويون هيون جو سنڌي پنهنجي ديس ۾ ئي مهاجرن واري زندگي گهارڻ تي مجبور بڻجي ويا هئا، ان وقت به حڪومت صرف اها ئي دعويٰ ڪئي هئي ته هو ته ٻوڏ متاثرن تي ڪو به حملو نه ٿيو هو، جيتوڻيڪ مها ٻوڏ کي هن وقت تائين ڪافي گذري چڪو  آهي پر حڪومت مها ٻوڏ سبب آيل تباهي کان بچڻ لاءِ هن وقت تائين ڪو پلان نه جوڙيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو قدم کنيو ويو آهي جنهن کي ڏسي اهو محسوس ٿي سگهي ته حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪو منصوبو جوڙيو هجي، بهرحال هن وقت به سنڌ ڪيترائي اهڙا متاثر آهن جيڪي اڄ به سرڪار طرفان مليل رهائشن ۾ ترسيل آهن ، جن کي هاڻ 2016ع ۾ حڪومت طرفان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سرڪاري فليٽون خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي اهو ئي شهر آهي جنهن بابت چيو ويندو آهي ته هي شهر مورڙي مير بحر جو آهي، جنهن کي سنڌ جي راجڌاني به ڪوٺيو ويندو آهي پر افسوس جو هتان جا وارث ئي اڄ ننڌڻڪا بڻجي ويا آهن ۽ ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر هتان جا ڪرپٽ سياستدان ئي آهن
جيڪي ڪجهه روپين جي ڪري پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ڇڏين ۽ عوام بک ۽ بدحالي کي منهن ڏيڻ لڳا، جڏهن کان ٻوڏ متاثرن کي سرڪاري گهرن کان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تنهن ڏينهن کان اهي مها ٻوڏ جا مها متاثر پنهنجو احتجاج  رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن پر حڪومت انهن جون دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، هونءَ ته هن شهر ۾ افغان مهاجرن کي پناهه ڏني وئي آهي ۽ انهن جون به ڪيتريون بستيون قائم ۽ دائم آهن جنهن کي حڪومت طرفان خالي ڪرائڻ جي همت ئي نه ٿي ٿئي پر حڪومت جو حڪم هلي به ٿو ته اهو صرف ۽ صرف سنڌين تي هلي ٿو جنهن سبب اڄ به هتان جا ڪامورا  سنڌ جي عوام تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيا هئا، جيڪي اهڙيون ڪڌيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن اهي  ڪي ٻيا نه پر هتان جا ڀوتار ئي آهن، ڪراچي ۾ انتطاميه طرفا جن به ماڻهن کي سرڪاري فليٽون خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته اهي سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن ۽  ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ ويٺل آهن پر افسوس جو هن وقت تائين وفاقي سرڪار توڙي سنڌ جي ڪامورن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي ۽ نه بلاول ڀٽو زرداري طرفان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪا آٿت ڏني وئي آهي. هونءَ ته هن پياري سنڌ ۾ زلزلي سٽيلن کي ترسايو ويندو آهي  ته ڪڏهن وري افغان مهاجرن جون ڪئمپون قائم ڪيون وينديون آهن ۽ انهن جي مهمان نوازي ۽ خدمت چاڪري به ڪئي ويندي آهي ته جئين ٻاهرين دنيا ڏسي سگهي ته هو عوام جي تمام گهڻي خدمت ڪري سگهن پر افسوس جو حڪومت توڙي ٻيا ادارا انهن جي بحال لاءِ هن وقت تائين ڪي به خاص قدم نه کنيا آهن باقي رهي ڳالهه افغان مهاجرن جي ته وفاقي سرڪار وٽ انهن لاءِ 50 لک نوڪريون به آهن ته انهن کي ترسائڻ لاءِ جڳيهون به آهرن پر افسوس جو نه آهي ته انهن وٽ سنڌين لاءِ، جنهن سبب اڄ به سنڌي نوجوان بيروزگار سبب ڌڪا کائي رهيا آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت کان پڇيو وڃي ته اهو جواب ڏيڻ  به پسند ئي نه ڪن. هاڻ به سنڌ سرڪار وٽ وقت نه ويوآهي هي به وقت آهي صوبائي توڙِ ي  وفاقي سرڪار وٽ ته اهي اچي سنڌ جي مها ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪن ته جئين هو مشڪلات کان بچي سگهن.


No comments:

Post a Comment