Pages

Tuesday 22 November 2016

مون سين هلي سا، جا جِيُّ مِٺو نه ڪَري

صاحب خان ڀٽي
هونءَ ته سنڌ جي شهرن ۾ قبضا مافيا تمام گهڻو سرگرم آهي پر اڄ ڪلهه ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قبضو ڪندڙن پنهنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيو آهن جنهن سبب عوام تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيو آهي، ڪجهه هنڌن تي ماڻهو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته وري ڪجهه هنڌن تي آبادگار ذرعي پاڻي چوري جون دانهون ڪندي نظر اچي رهيا آهن، اهڙو حال دادو ضلعي جي ميهڙ جو به آهي، جتي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪڪول واهه تي قبضي خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪڏهن ڪڪول واهه آبادگار جدوجهد ڪاميٽي طرفان بک هڙتال ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري ريليون ۽ احتجاج ڪيا ويندا آهن پر ان باوجود حڪومت ڪو نوٽيس نه وٺي رهي آهي ۽ نه ئي وري آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب آبادگار ٻٽي عذاب جو شڪار آهن، اهو ئي سبب آهي جو ميهڙ جي ڪجه ساڃاهه وندن ڪڪول واهه تي قبضي خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
جڏهن ته ڪڪول واهه جدوجهد ڪاميٽي ٺاهي وئي جنهن تحت ڪڪول واهه جي ڪپرن تي ٿيل قبضن کي هٽرائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ ڪڪول واهه جدوجهد ڪاميٽي طرفان احتجاج به ڪيا ويا هئا، جيڪا ڳالهه ڪڪول واهه تي قبضو ڪندڙن کي پسند نه آئي هئي ۽ انهن ڪڪول واهه جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيو هيون پر ان باوجود ڪڪول واهه جدوجهد ڪاميٽي احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو هو پر اها ڳالهه انهن قبضاگيرن کي پسند نه آئي هئي، اهو ڏينهن ڪو خالي نه هو جنهن ڏينهن آبادگارن احتجاج نه ڪيو هجي هر سنڌي چينل تي ڪڪول واهه تي قبضي جي احتجاج جون خبرون نشر ٿي رهيون هيون هر هڪ شخص اهو ئي سوچي رهيو هو ته آخر حڪومت ڪڏهن انهن آبادگارن جو مسئلو حل ڪندي پر افسوس جو  چونڊيل نمائندا اکيون هوندي به انڌا نظر اچي رهيا هئا، جن ڪڪول واهه تي قبضي جي خبرن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ باوجود پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، ڪڪول واهه جا آبادگارن هر در تي دانهن پهچائي ايتري قدر جو ڪڪول واهه جي آبادگارن اسلام آباد ۾ به پنهنجو احتجاج رڪاڊ ڪرايو هو ۽ سپريم ڪورٽ به نوٽيس ورتو هو پر ان باوجود انتظاميه ۾ ڪا خاص ٿرٿلي ۾ نه آئي هئي ۽ صرف هڪ ٻه قبضا ختم ڪرائي پنهنجي ذميواري پوري سمجهي وئي هئي،
دادو ضلعي جي عملدارن به سپريم ڪورٽ جي نوٽيس کي ڪا به اهميت نه ڏني هئي، ان جا ڪهڙا سبب هئا، اهو ته صرف عملدارن کي ئي خبر هوندي پر ڪڪول واهه تي نوٽيس وٺڻ باوجود قبضا گيرن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قبضا گير تمام گهڻو بااثر آهن يا وري دادو ضلعي جا عملدار نااهل آهن جيڪي نه ته هن وقت تائين ڪڪول واهه تان قبضو ختم ڪرائي سگهيا آهن ۽ نه ئي وري انهن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي. جيڪڏهن اهڙو احتجاج پنجاب ۾ ٿي ها ته هتان جا چونڊيل نمائندا دانهون ڪندي ٿڪجن ئي نه ها  پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هنن ڪامورن کي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج تي اک ئي نه پئجي رهي آهي، اهو صرف ان ڪري ئي ٿي رهيو آهي جو جن به ماڻهن پنهنجي تڪ جي اميدوار کي ووٽ ڏنو هو انهن ووٽ وٺڻ بعد پنهنجن سمورن ووٽرن کي ويساري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام اڄ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، بهرحال جڏهن کان ڪڪول واهه تي قبضي کي هٽائڻ جي جدوجهد شرو ٿي آهي ان ڏينهن کي هن وقت تائين حڪومت  جيڪو نوٽيس ورتو آهي او سڀني سامهو آهي، جڏهن آبادگار ڪڪول واهه جي ڪپرن تي ٿيل قبضن خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا ته ان وقت به حڪومت خاموش هئي ۽ اڄ به خاموش آهي.
جيتوڻيڪ حڪومت طرفان اها دعويٰ به ڪئي پئي وڃي ته هو عوام کي تحفظ فراهم لاءِ قدم کڻي رهيا آهن پر ان باوجود عام ماڻهن تي حملا ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو قبضا مافيا به دهشتگردن جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي جنهن سبب اڄ ڪلهه جيڪو احتجاج به ڪري ٿو ته انهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، اهڙيون ڌمڪيون ميهڙ ۾ ڪڪول واهه تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيل تحريڪ جي اڳواڻن کي به ڏنيون پيون وڃن. ميهڙ ويجهو ڊکڻ جي ڳوٺ شيرو ڏيپر ۾ ڪڪول واهه آبادگار جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻ سڪندر سوڍر جي گهر تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس 22 ورهين جي ڌيءُ عمراهه ۽ سندس گهر واري 42 ورهين جي مسمات آسيت مارجي ويون هيون پر ان باوجود حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته دادو ضلعو هڪ ڀيرو ٻيهر ڌاڙيلن جي اثر هيٺ اچي ويو آهي يا وري هاڻ اهي ڌاڙيل قبضي مافيا جو روپ اختيار ڪري ويا آهن جنهن سبب اهي گهرن تي حملا ڪري زندگين جا ڏيئا اجهائي رهيا آهن. ان معاملي کي به ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن پر ميهڙ پوليس توڙي سنڌ سرڪار اڃا تائين جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري گهر ڌڻين جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هڪ طرف ڪڪول واهه تي قبضا برقرار آهن ته ٻي طرف وري ڪڪول واهه جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻ جي گهر تي حملو ڪيو ويو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته قبضاگيرن کي بااثرن جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن سبب انهن خلاف قانون حرڪت ۾ نه اچي رهيو آهي، آبادگار اڳواڻ سڪندر سوڍر  به صحافين کي اهو ئي ٻڌايو آهي ته هن ڏيڍ سال کان ڪڪول واهه تي قبضو ڪندڙن خلاف جدوجهد هلائي جنهن سبب کيس ڌمڪيون ملنديون هيون ۽ کيس شريف، عبدالغفار سوڍر، نظير نظير عف ڪمانڊو ڪمانگر ۽ ٻين قتل ڪرڻ لاءِ سندس گهر تي حملو پڇا ڪئي، بهرحال هاڻ حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته جن به دهشتگردن سڪندر سوڍر جي گهر تي حملو ڪيو آهي انهن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ته جئين سڪندر ٻيهر  ڪنهن قبضو ڪندڙن کي ايتري همت نه ٿئي ته اهي ڪنهن احتجاج ڪندڙن جي گهرن تي حملا ڪري سگهن، جيڪڏهن هن ڀيري به حڪومت ائين خاموش تماشائي بڻيل رهي ته پوءِ اهڙا مقامي دهشتگرد پنهنجي دهشت ذريعي عام ماڻهن تي حملا ڪندا رهندا .
حڪومت کي گهرجي ته ڪڪول واهه تي قبضا ختم ڪرائڻ سان گڏ سڪندر سوڍر جي گهر تي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي پابند بڻائي ته جئين ميهڙ ۽ ڀرپاسي  وارن علائقن  ۾ قبضاگيرن  جو خاتمو ٿي سگهي، جيڪڏهن اڄ سڪندر سوڍر جي گهر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي حراست ۾ نه ورتو ويو ته اهي بااثر قبضا گير  پنهنجي دهشت ڦهلائيندا رهندا ۽ غريب ماڻهن کي ماريندا رهندا، سڪندر سوڍر جي گهر تي حملو صرف سڪندر سوڍر جي گهر تي حملو نه آهي پر اهو حملو سڄي سنڌ جي مظلومن تي حملو آهي، ڇاڪاڻ ته سڪندر سوڍر آبادگارن جي  حقن جي لاءِ آواز اٿاريو هو ۽ بااثر دهشتگردن کي اهو پسند نه آيو ۽ انهن سندس گهر ۾ داخل ٿي سندس گهر واري ۽ ڌيءُ کي قتل ڪيو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي پر سنڌ حڪومت کي به سجاڳ ٿيڻو پوندو، صرف اقتدار جا مزا ماڻڻ لاءِ سنڌ جي عوام نمائندن کي ووٽ نه ڏنو هو، بااثرن جي ڳچي ۾ پٽو وجهڻ به انهن نمائندن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ به جيڪڏهن سڪندر سوڍر جي گهر تي حملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ته اهو سڪندر سوڍر جي زخمن تي  مرهم جي برابر هوندو، اسان حڪومت کان به اها ئي اميد ڪنداسين ته سرڪار جلد کان جلد سڪندر سوڍرجي گهر تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قدم کڻندي.

No comments:

Post a Comment