Pages

Friday 25 November 2016

پروين شاڪر، 1952 ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو


محبت ۽ خوشبوئن جي شاعره طور سڃاتي ويندڙ پروين شاڪر جو اڄ 64 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي.  
پروين شاڪر، 1952 ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو.انگريزي ادب ۾ ماسٽر جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ هوءَ اعليٰ سرڪاري عهدي تي فائز رهي. پروين شاڪر ڪجهه عرصو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ واري شعبي سان لاڳاپيل رهي.
پروين شاڪر کي منفرد لهجي جي شاعره هجڻ ڪري مختصر عرصي ۾ نهايت ئي گهڻي شهرت حاصل ٿي.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پروين شاڪر، هڪ دنيا کي پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪري وٺندي ۽ دنيا سندس لفظن جي حسن جي ديواني ٿي ويندي. هر جاءِ سندس فن جا چرچا هوندا ۽ مٿس ڪاميابين جا ايترا دروازا کلي ويندا جو دنيا  حيران ٿي ويندي.
   پروين شاڪر تيزي سان پنهنجي شاعري واري سفر جون منزلون طئي ڪري ورتيون ۽ هوءَ شاعري کي سڄي عمر ڏيندڙ ڪيترن ئي سينئر شاعرن کان اڳتي نڪري وئي.
هن خوبصورت شاعره جي صورت ۾ شاعري ۾ تهذيب، شائستگي ، جمال ، فن ۽ فڪر جا نوان دروازا کلندي ڏٺا ويا .
ڪجهه ماڻهو پروين شاڪر کي رڳو محبت جي شاعره طور محدود ڪري ڇڏيندا آهن جيڪوخيال سراسر غلط آهي   
پروين شاڪر جي شاعري جون ڪيتريون ئي شڪليون  ۽ ڪيترائي حوالا آهن. هن وٽ انسان جي احترام جا ڪيترائي ڏيئا ٻرندي نظر اچن ٿا ته هن ظلم ۽ جبر خلاف به ڪيترائي اشارا  ڪيا آهن.
پروين شاڪر کي پنهنجي ڌرتي پنهنجي مٽي سان تمام گهڻي محبت هئي .هوءَ پنهنجي وطن سان پنهنجي وجود جي نسبت کي نهايت وڏو اعزاز سمجهندي هئي .
پروين شاڪر عملي زندگي ۾ ڪيتريون ئي شڪستون کاڌيون،سندس زندگي ۾ ڪيترائي خال هئا جيڪي شايد ان جي مرڻ گهڙي تائين پورا نه ٿي سگهيا.
پروين شاڪر خوشبو، صد برگ، خودڪلامي ۽ انڪار جي صورت ۾ جيڪي شعري مجموعا ڇڏيا آهن اهي صدين تائين پروين شاڪر کي زنده رکندا.
ان ڪري پروين شاڪر کي ڪجهه لمحن نه پر زمانن  جي شاعره چئجي ته وڌيڪ مناسب لڳندو .........

No comments:

Post a Comment