Pages

Monday 28 November 2016

آرمي چيف جي مقرري ۽ راحيل شريف جون خدمتون

صاحب خان ڀٽي
جڏهن ملڪ ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري بابت ميڊيا ۾ بحث شروع ٿيو هو ته ان وقت ڪجهه ماڻهو چئي رهيا هئا ته جنرل راحيل شريف پنهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺندو پر جنرل راحيل شريف ملازمت جي مدي واڌ نه وٺڻ وارو فيصلو ڪيو ۽ بيان ڏنو هو ته هو مقرر وقت تي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو، تنهن بعد وڃي سموريون اڳڪٿيون دم ٽوڙي ويون هيون، پر جڏهن جنرل راحيل شريف ههڙو اعلان ڪيو ته ان وقت سياسي ڌرين پاران تمام گهڻي واکان ڪئي و ئي هئي ۽ جنرل راحيل شريف جو  وقار اڃا وڌيڪ بلند ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته جنرل راحيل شريف واحد شخص هو جنهن اعلان ڪيو هو ته هو ڪڏهن به ملازمت جي مدي ۾ و اڌ نه وٺندو پر افسوس جو ان وقت ڪجهه رجسٽرڊ تنظيمن طرفان اسلام آباد، لاهور سميت ٻين شهرن ۾ آرمي چيف بابت بينر لڳايا ويا هئا جن ۾ لکيل هو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف وڃڻ جي ڳالهه نه ڪيو ۽ ڪجهه بينرن تي لکيل هو اب نهي تو ڪب، ملطب ته اهڙن بينرن کان پوءِ سياسي اڳواڻن طرفان ڳڻتي جو  به اظهار ڪيو ويو هو ۽ اهڙين بينرن جي ترديد به ڪئي وئي هئي، تنهن باوجود حڪومت کي اها ڳڻتي به هئي ته آخر اهو ڪير آهي جيڪو فوج کي اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي، تنهن بعد وڃي هڪ ٻه اڳوڻن جي ڳولا به ڪئي وئي هئي ته آخر اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي اهڙي قسم جا بينر لڳائي رهيا آهن، بعد خبر پئي هئي ته اها تنظيم رجسٽرڊ به ٿيل آهي پر ايترو مشهور نه هئي جو  هر ڪنهن ماڻهو کي ان بابت ڄاڻ هجي ها،
 بهرحال خبرن جي ترديد کان پوءِ  حڪومت طرفان  ڪجهه ڪارروائي به ڪئي وئي هئي، جئين جئين آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي رٽائرڊ ٿيڻ جو وقت ويجهي اچي رهيو هو تئين تئين ان بابت بحث به وڌندو پئي ويو، پر جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف 29 نومبر تي اختيار منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ميڊيا ته اڃا وڌيڪ گرما گرم بحث شروع ٿي ويا، هر هڪ اهو ئي سوچڻ لڳو ته آخبر پاڪ فوج جو نئون آرمي چيف ڪير ٿيندو؟، تڏهن نوازشريف طرفان نئين آرمي چيف  جي مقرري لاءِ مشاورت ڪئي وئي هئي، جنهن دوران آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي مقرري لاءِ مشاورت به ڪئي وئي هئي. مشاورت دوران نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ 4 سينيئر ترين ليفٽننٽ جنرلز زبير محمد حيات، اشفاد نديم، جاويد اقباد رمدي ۽ قمر جاويد باوجوده جي نالن تي غور ڪيو ويو هو. جڏهن ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي لاءِ زبير محمود حيات ۽ اشفاق ندي بابت به غور ويچار ڪيو ويو هو تڏهن هڪ دفعو ٻيهر ميڊيا کي بريڪنگ نيو ز ملي وئي هئي ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو بيان به شوشل ميڊيا تي اچي ويو هو.
گذريل ڇنڇر ڏهاڙي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف  جنرل قمر جاويد باجوده کي فوج جو سرباهه ۽ جنرل زبير محمود حيات کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو سربراهه قمر جاويد باجوده مقرر ڪيو هو ۽ ان سان ملاقات  به ڪئي هئي، جيڪو اڄ آرمي چيف جي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سينارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي موجود ۾ پهرين نمبر محمود جنرل  حيات هو. جنهن کي چيئرمين چيف جوائنٽ چيف اسٽاف بڻايو ويو، جڏهن ته چوٿين نمبر تي موجود جنرل قمر جاويد باجوده کي فوج جو سربراهه بڻاايو ويو، اهڙي طرح ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي موجود جنرل اشفاق نديم احمد ۽ جنرل جاويد اقبال سپر سيٽ  ٿيا جيڪي فوجي روايتن موجب پنهنجي عهدن تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيندا. پر جڏهن قوم کي خبر پئي تڏهن سڄي ملڪ ۾ نئين آرمي چيف  بابت بحث شروع ٿيا، ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين آرمي چيف بابت خبرون هلڻ شروع ٿي ويون هيون.
آرمي چيف جنرل راحيل شريف رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ الوداعي دورا به ڪيا، تنهن باوجود ڪجهه ماڻهو اڳڪٿيون ڪري رهيا هئا ته راحيل شريف پنهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺندو، اهي سمورا اهو چئي رهيا هئا ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جيڪي به دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيا هئا انهن ختم ٿي ويندا پر آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪو به آپريشن سندس وڃڻ کان پوءِ بند نه ٿيندو ۽ سمورا آپريشن جئين جو تئين جاري رهندا، جئين اڳ هلي رهيا هئا. آرمي چيف جي اهڙي بيان بعد قوم کي وڃي ساهه پيو هو، ڇاڪاڻ ته جنرل راحيل شريف جيڪي به ملڪ ۾ آپريشن شروع ڪيا هئا ان سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي هئي ۽ دهشتگردن کي ڪافي حد تمام گهڻو نقصان به پهچايو ويوهو، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ تي جنرل راحيل شريف جي ڏيهه توڙي پرڏيهي  ۾ رڪارڊ واکاڻ ڪئي وئي  هئي ۽ پاڪ فوج جي خدمتن کي ساراهايو ويو هو.
جنرل راحيل شريف جڏهن  سوات، خيبرايجنسي ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ آپريشن ڪيو ته ڏوهارين کي لڪڻ  جي جڳهه نه ملي رهي هئي ۽ دهشتگرد ٻرن لڪي ويا هئا جيڪي لڪي لڪي وار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، ايتري قدر جو دهشتگردن اهڙين ڪاررواين ۾ واڌ به ڪئي هئي ۽ هن ملڪ ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن کي به قتل ڪيو ويو هو، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو هئي هو ته هن ملڪ ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ترت قدم کنيا پئي ويا، جنهن سبب دهشتگرد پاڪ فوج جي جوانن کان ڀڄي رهيا هئا. جنرل راحيل شريف جي رٽائرڊ ٿيڻ جي ويجهو ايندي ئي ڀارت کي به ساهه پئجي ويو هو ۽ ڀارت طرفان پاڪستان کي به مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون، ايتري قدر جو ڀارت طرفان اهو به چيو  هو ته هو پاڪستان جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيندا، جنهن جي پاڪستان طرفان مذمت به ڪئي وئي هئي ۽  گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مقرر  نمائنده مليحه لوڌي به پنهنجي بيان چيو هو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار جي اوزار طور  استعمال ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، تنهن باوجود ڀارت پنهنجي هوڏ تان نه لٿو هو ۽ پاڪستان خلاف زهر جهڙا لفظ ڳالهائيندو هو .
جيتوڻيڪ ايل او سي تي پاڪ فوج جا جوان الرٽ هئا پر ان باوجود ڀارت طرفان پاڪستان تي اڳرائي جو سلسلو جاري آهي، ڪجهه ڏينهن کان سرحد وٽ ڇڪتاڻ واري به صورتحال آهي، جڏهن ڀارت طرفان سرحد وٽ سرجيڪل اسٽرائيڪل جي دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ان وقت  پاڪ آرمي طرفان چيو ويو هو ته ڀارت طرفان ڪو به سرجيڪل اسٽرائيڪ نه ڪيو ويو، جيڪي سرحد پار ڪري آيا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ايتري قدر جو ڀارت طرفان سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ دوران پاڪستان جي ڪيترن ئي نوجوانن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان طرفان به ڀرپور جواب ڏنو ويو ايتري قدر جو پاڪستان طرفان هڪ ڀارتي فوجي اهلڪار کي به سوگهو ڪيو ويو هو جنهن جي حوالگي جو ڀارت مطالبو به ڪيو هو. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون طرفان پاڪ ڀارت سرحد ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ بان ڪي مون طرفان پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ ختم ڪري ڳالهين جو دڳ وٺڻ جي صلاح ڏني هئي جنهن کي ڀارت نه مڃيو جنهن سبب نريندر مودي پاڪستان خلاف مختلف وقتن تي بيان ڏيندو رهيو آهي.
بهرحال آرمي چيف جنرل راحيل شريف ويندي ويندي اهو واضع طور اعلان ڪري چڪو آهي ته سندس وڃڻ کان پوءِ به ملڪ ۾ سمورا آپريشن جاري رهندا ۽ انهن تي ڪي به اثر نه پوندا، جڏهن ته ڀارت طرفان به نئين آرمي چيف جي مقرري تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ ڀارتي آرمي چيف طرفان اهو بيان ڏنو ويو آهي ته پاڪ فوج جو نئون سربراهه کان ڀارت کي هوشيار رهڻو پوندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڀارت جي اهڙي بيان کان پوءِ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڀارت نئين آرمي چيف جي مقرري کان به تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيو آهي، جنهن جو اندازو هاڻوڪي بيانن مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن ته جنرل راحيل شريف جون قوم لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، ڇاڪاڻ ته جنرل راحيل شريف واحد آرمي چيف آهي جنهن ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه وٺي سچي سپهه سالار  سان گڏ قوم جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن.


No comments:

Post a Comment