Pages

Wednesday 30 November 2016

سنڌ جي عشق ۾ شهيد ٿي ويل سرويچ

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي سرزمين تي ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جنم ورتو آهي جن پنهنجي محنت ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد سان وڏو نانءُ ڪمايو آهي ته ڪن وري پنهنجي ڌرتي خاطر جانين  جا نذرانا ڏئي پنهنجي تاريخ لکي آهي جيڪي اڄ ۾ سڄي سنڌي قوم جي دلين ۾ زنده آهن، انهن کي اڄ به قوم فخر سان ياد ڪندي آهي ۽ انهن  جي ڪيل خدمتن جا مثال ڏئي نوجوانن ۾ سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪيو ويندو آهي. ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو آهي، اهي هميشه  هر هڪ جي دل ۾ ڌڙڪندا رهندا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي هوندو آهي جو اهي ماڻهو انسانيت جي خدمت تي يقين رکندا آهن ۽ پنهنجي قوم لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن، تنهن ڪري ئي چوندا آهن ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ انهن ئي ماڻهن مان سرويچ پير زادو به هڪ هو، جنهن 9 فيبروري 1991ع موهن جي ڌڙي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾  لطف پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن کي ننڍ پڻ کان ئي لطيف جي شاعري سان وڏو لڳاءُ هو، جنهن سبب کيس لطيف جو پارکو به سڏيو ويندو هو، سرويچ پيرزادي کي ننڍ پڻ کان ئي سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي جنهن سبب سندس رڳ رڳ ۾ سنڌيت  شامل هئي، هو ذات پرستي کان پاڪ هو، کيس فڪر هو ته صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌ جي ماروڙئن جو فڪر هو، سنڌ نوجوانن سان ٿيندڙ زيادتين، ڌارين جي لوڌ ۽ معدني وسيلن جي ڦر لٽ تي سرويچ پيرزادي کي تمام گهڻي ڳڻتي هوندي هئي، جنهن سبب هن پنهنجي جدوجهد جو مرڪز صرف ڪراچي کي بڻايو هو، سرويچ پيرزادي جي ان جدوجهد تي ديدار امرت جي شاعري ڪتاب جا ڪجهه شعر ياد آيا آهن
بڻجي اڀرين تون!سنڌڙيءَ جو آواز،
علي! توتي ناز، آهي ساري سنڌ کي،
تنهنجو جذبو جوان، ڏسي مرڪي سنڌ،
علي! تنهنجي جند سنواريندي سنڌ کي.
جڏهن 2010ع ۾ مهاٻوڏ آئي هئي ته ان وقت سنڌ جا ڪامورا صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا هئا ۽ متاثرن لاءِ ايندڙ فنڊن کي ڳڙڪائڻ بابت ٽڪساٽ ڪري رهيا هئا ته ان وقت لطيف جي پارکو سرويچ پيرزادي مهاٻوڏ جي متاثرن جي مدد لاءِ  جدوجهد شروع ڪئي هئي ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، هر هڪ احتجاج ڪندڙ سنڌي سان سرويچ هڪ آواز ٿي ويندو هو، سندس دل ڌڙڪندي هئي ته اها به صرف سنڌ لاءِ ڌڙڪندي هئي، سندس اڻ ٿڪ محنت مان لڳندو هو ته هو سنڌ جو ڪو جوڌو هو، سندس ڪيل ان محنت ۽ جدوجهد تي مون کي ديدار امرت جي شاعري ڪتاب جون ڪجهه سيٽون ياد آيون آهن.
سوڀ مقدر تنهنجي ٿيندو،
منزل چمندي تنهنجا پير،
اُٿُ سنڌڙيءَ جا سرويچ سپاهي!
اُٿُ سنڌريءَ جا سورهيه شير!
اٿ سنڌڙي جا سورهيه شير!
سرويچ پيرزادي پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ سنڌ کي پنهنجي ڇاتي ۾سمائي ڇڏيو هو، پر افسوس جو سرويچ پيرزادو کي سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي مان 2014 ع ۾گم ڪيو ويو، جنهن بعد سندس وارثن عدالتن جو به در کڙڪايو، بيريسٽر ضمير گهمري سرويچ پيرزادي جي گمشدگي بابت عدالت ۾ داخل پٽيشن جي پيروي به ڪئي هئي، ايتري قدر جو عدالت طرفان سرويچ پيرزادي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم به جاري ڪيو ويو، پر افسوس جو عدالت جي حڪم کي ڪنهن به اداري اهميت نه ڏني ۽ نه ئي سرويچ پيرزادي جي ڳولا لاءِ ڪي قدم کنيا ويا، عدالت ۾ اڃا ڪيس هلي رهيو هو ته پهرين ڊسمبر تي نوري آباد ويجهو سرويچ پيرزادي جو لاش آيو، جنهن بعد سڄي سنڌ سوڳ ۾ مبتلا ٿي وئي هئي، سندس امڙ جي اکڙين ۾ لڙڪ هئا ته ٻي طرف وري سندس پيءُ پنهنجي بهادر پٽ جي شهادت تي فخر ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته سندس پٽ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو، هر هڪ پارٽي طرفان به سرويچ پيرزادي جي چچريل لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي هئي، ايس اين پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ايس ٽي پي اڳواڻ قادر مگسي ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن طرفان ڏک جو به اظهار ڪيو ويو هو. سرويز پيرزادي جي چچرل لاش هٿ اچڻ کانپوءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج به ڪيا ويا هئا.
تو سوا هي چري، دل جهرندي رهي، ڳرندي رهي،
باهه وانگي هي دکندي رهي، ٻرندي رهي،
تنهنجو وڇوڙو سمنڊ هو، جنهن جنهن کي نه ڪو ساحل هو
ٻيڙي جيان هئي زندگي، ٻڏندي رهي، ترندي رهي.


هونءَ ته سنڌ ڌرتي کي رب پاڪ ڪراچي کان ڪشمور  ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين قدرتي خزانن ۽ اڻ کٽ معدني وسيلن سميت ڪيترن ئي نعمتن سان مالا مال بڻايو آهي پر ان باوجود هتان جا پڙهيل لکيل نوجوان بي روزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪري رهيا آهن ته ڪي وري ڌرتي جي خوشحالي ۽ ماروئڙن جي ڏکن ۽ اهنجن کي گهٽائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جون حالتون اڄ اتي اچي بٺيون آهن جو نه ڪو دانهن ٻڌڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪو انصاف ڪرڻ وارو بچيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌارين جي لوڌ کي ڀريو ويو آهي ۽ صوفين جي ڌرتي کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڌرتي ڌڻين کي نڌڻڪو بڻايو ويو آهي، سنڌ جي تيل ۽ گيس ڪمپنين ۾ به ڌرتي ڌڻين کي ڀرتي نه پيو ڪيو وڃي، ايتري قدر جو ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي به ٿر واسين کي پريشانين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، جنهن سبب اهي اڄ به سراپا احتجاج بڻيل آهن، ديدار امرت به ٿر جي ماڻهن جي صورتحال کي پنهنجي شاعري ڪتاب ۾ تمام بهتر بيان ڪيو آهي، سندس ڪتاب جي ڪجهه شاعري هي آهي .
اڻ کٽ ڪارو سون به آهي،
تيل گيس ۽ لوڻ به آهي،
هان پر ناهي کير جو ڍُڪ،
مانيءَ ڳڀو۽ پاڻي ٻُڪُ.
سنڌ جون يونيورسٽيون هجن يا وري ڪاليج اتي به ساڳيون ئي حالتون آهن، جتي سنڌي شاگردن کي سنڌي لباس پائڻ کان به روڪيو وڃي ٿو،  جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري ته ان کي هيسائڻ به معمول بڻيل آهي، گهرن تي چڙهايون، جهونن جون گرفتاريون به روز جو معمول بڻجي ويون آهن، سنڌ جي حقن بابت آواز اٿارڻ تي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن انهن جي بازيابي لاءِ ڪو احتجاج ڪري ته انهن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو آهي. پيپلزپارٽي جي جمهوري دور ۾ جسقم چيئرمين بشير خان کي به شهيد ڪيو ويو، ايتري قدر جو سندس ڀاءُ ۽ ان جي ساٿي سلمان وڌي کي به زنده ساڙيو ويو، ان کان اڳ به ٻين قومپرستن کي به شهيد ڪيو ويو پر ان باوجود نه ته سنڌ حڪومت انهن جي قتل بابت ڪا جاچ ڪئي ۽ نه ئي ڪو خاص بيان ڏيڻ جي زحمت ڪئي.جڏهن سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت اديبن ۽ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا هئا،
سنڌ سرڪار به انهن جي احتجاجن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو هو ۽ نه ئي وري سنڌي نوجوانن جي کنڀجڻ واري معاملي کي سنجيدگي سان ورتو هو، جنهن بعد انهن مان ڪجهه نوجوانن جا چچريل لاش به مليا هئا، جنهن سبب سڄي سنڌ سوڳ ۾ مبتلا ٿي وئي هئي. جڏهن ته قومي دانشور عطا محمد ڀنڀرو جي فرزند جو چچريل لاش هٿ آيو هو، سنڌ جي مهان اديب، ڏاهي ۽ دانشور سائين عطا محمد  ڀنڀري جي فرزند  جو لاش ملڻ تي سڄي سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن احتجاج به ڪيو هو.هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي  عرصي کان سنڌ ۾ ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جيڪو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي، هن وقت تائين استاد محمد راهمون، سهيل ڀٽي، الله وڌائي مهر، مجيب چولياڻي، سني ڪاڪيپوٽي سميت ڪيترائي قومپرست ڪارڪن گم آهي جن جو به هن وقت تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، عدالتن ۾ گمشدگين بابت ڪيس به هلي رهيو آهي پر ان باوجود ماڻهن جي گمشدگين وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. عدالتن کان مٿانهين قتلن خلاف به ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ به احتجاج ڪيو پيو وڃي،
بهرحال اڄ سرويچ پيرزادي جي ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي ۽ کيس ڀيٽا به پيش ڪئي پئي وڃي ۽ هر هڪ ماڻهو کيس ياد به ڪري رهيو  آهي، جنهن سبب سرويچ هر هڪ جي دل ۾ زنده  آهي، سنڌ جا ساڃاهه وند، دانشور ۽ ماروئڙا اڄ به سرويچ جي سنڌ سان ڪيل محبت ۽ ڏنل قرباني کي سرخ سلام پيش ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ اڄ سرويچ پيرزادو هن فاني دنيا ۾ نه رهيو آهي تنهن باوجود هر هڪ شخص جي اکڙين ۾ سندس وڇوڙي جا لڙڪ موجود  آهن ۽ سندس شهادت تي فخر به آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڌرتي صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي جتي انقلابي ماڻهو جنم وٺندا رهندا آهن، جڏهن به سنڌ سان ظلم ٿيو آهي بهادرن جنم ورتو آهي ۽ سرويچ هڪ ڀيرو ٻيهر جنم وٺندو.


No comments:

Post a Comment