Pages

Wednesday 23 November 2016

صحت ايمرجنسي باوجود طبي سهولتن جي کوٽ

صاحب خان ڀٽي
صحت، تعليم سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ  حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر افسوس جو هن وقت تائين نه ته عوام کي بهتر تعليم جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن نه وري صحت جي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، صرف حڪومت طرفان ڪڏهن تعليم تي ايمرجنسي لڳائي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري صحت تي ايمرجنسي لڳائي وڃي ٿي جنهن سبب ماروئڙا بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ٿر تي نظر ڦيرائينداسين ته به ٻارڙن جو موت طبي سهولتون فراهم نه ٿيڻ سبب ڪري ئي ٿي رهيو آهي پر حڪومت اهڙين خبرن کي رد ڪندي رهي آهي، سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون اسپتالون آهن جن مان به اڄ به عوام کي ڪو فائدو نه پهچي  رهيو آهي، عمرڪوٽ، ٿرپاڪر، سکر، حيدرآباد، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو به غربت سبب سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪندا آهن جنهن سبب اهي يا ته پنجاب ڏانهن علاج ڪرائڻ لاءِ هليا ويندا آهن ته ڪڏهن وري ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪندا آهن، جيڪڏهن انهن ماڻهن کان پڇيو ويندو آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو اهي پنجاب جي اسپتالن ڏانهن ويندا آهن ته انهن جو چوڻ هوندو آهي ته سنڌ ۾  جيڪي به اسپتالون آهن انهن ۾ کين طبي  سهولتون فراهم نه آهن جنهن سبب اهي پنجاب جي اسپتالن ڏانهن رخ ڪندا  آهن، ڪجهه ماڻهو ته اهو به چوندا آهن ته هتان جي سرڪاري اسپتالون جيلن کان گهٽ نه آهي ۽ سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر ۽ عملو مريضن سان قيدين جهڙو ورتاءُ  ڪندا آهن ۽ کين دوائون به فراهم نه ڪيون وينديون آهن.
بهرحال جيڪي ماڻهو ڏورانهن  علائقن ڏانهن اچي  سنڌ  جي راجڌاني شهر ڪراچي ۾ ايندا آهن ۽ پنهنجو  علاج سرڪاري اسپتال ۾ ڪرائيندا آهن ته  انهن جون به اهي ئي ساڳيون ئي شڪايتون هونديون آهن،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي جي واحد اسپتال جناح اسپتال ئي آهي جتان ماڻهو علاج ڪرائڻ  کي ترجيح ڏيندا آهن پر اڄڪلهه جناح اسپتال۾ به ڊاڪٽر ٻين سرڪاري اسپتالن جيان ٿي وئي آهي ۽ اتان جو عملو غريبن سان رويو بهتر نه رکي رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به ستار چهواڻ نالي شخص پنهنجي ڌيءُ کي ڊليوري ڪيس لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جنهن  کي اڳ ۾ ته اسپتال ۾ ترسايو نه پيو وڃي ته پر جڏهن انهن کي اسپتال ۾جڳهه ملي وئي ته ستار چهواڻ جي ڌيءُ جو علاج  به شروع ڪيو ويو، جنهن کي پٽ جو اولاد به ٿيو پر افسوس جو ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي عملي رات جو 2 وڳي اسپتال ۾ ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ته هاڻ توهان جي عورت  ۽ سندس ٻارڙي جي به طبيعت بهتر آهي، جنهن بعد اهي مسڪين ويچار آڌي رات ٽيڪسي ڪرائي پنهنجي گهر واپس ته عورت جي ٻارڙي جي طبيعت خراب ٿي وئي هئي ان کي خانگي اسپتال داخل ڪرايو ويو، جن ٻارڙي کي گئس فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي ڳري فيس هجڻ جي ڪري هو ادا نه پيا ڪري سگهن پر ڪجهه ڪلا ڪ هو ٻارڙو زندو رهيو ۽ بعد ۾ هن دنيا کي ڇڏي هليو ويو پر افسوس جو حڪومت توڙي ٻين جناح اسپتال جي اهڙن ڪرتوتن جو نوٽيس ناهي ورتو جنهن سبب جناح اسپتال جا ڊاڪٽر پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته جناح اسپتال ۾ غريب ماروئڙن کي بهتر طبي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ مريضن کي وٺي ايندڙ ماڻهن کي به رهائش به فراهم ڪري سگهي ٿي پرافسوس جو حڪومت اهڙو ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي.  
سنڌ حڪومت جڏهن صحت جي ايمرجنسي لڳائي هئي ته ان وقت اها اميد ڪئي وئي هئي ته سنڌ اندر علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ  ڪي قدم کنيا ويندا پر افسوس جو  جيڪا ايمرجنسي لڳائي وئي اها هاڻ ايمرجنسي ئي بڻجي وئي آهي، جهڙي ريت تعليم تي ايمرجنسي لڳائي وئي ته سنڌ ۾ اسڪولن ۾ ٻارڙن تي تشدد جا واقعا پيش اچڻ لڳا، تئين هاڻ  صحت جي ايمرجنسي بعد اسپتالن ۾ ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن، ڪٿي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن ته ڪٿي وري سهولتون نه هجڻ سبب فوت ٿي رهيا آهن پر ان باوجود انهن ادارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي  وڃي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن کان صحت جي ايمرجنسي لڳائي وئي  آهي تنهن ڏينهن کان ماڻهو صحت جي سهولتن کان به محروم ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جون ڪيتريون اهڙيون سرڪاري اسپتالون آهن جتي ڊاڪٽر ته مقرر ڪيا ويا آهن پر انهن اسپتالن ۾ نه ته ڪي جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ نه ئي وري اتي ڪو ٽيڪنيڪل اسٽاف مقرر ٿيل آهي، جنهن سبب مريض صحتياب ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ ڊائلاسز ڪرائيندڙ مريض ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جو ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو ۽ اهو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو ته مريض کي ايڇ آءِ وي ايڊز ڊائلاسز مشين ذريعي ٿيو آهي پر اسپتال انتظاميه اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي، هونءَ ته سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي سرڪاري اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن پر اتي بهتر سهولتون نه ملڻ سبب ماروئڙا شهرن جو رخ ڪندا آهن، جنهن سبب شهرن جي سرڪاري اسپتالن ۾ رش لڳل هوندي آهي پري پري کان ماڻهو علاج ڪرائڻ لاءِ  شهرن جي اسپتالن ڏانهن ايندا آهن پر افسوس جو اتي انهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويندو آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي.
جيتوڻيڪ سنڌ جي راجڌاني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ سرڪاري اسپتالون قائم آهن جتي ماهر ڊاڪٽر به مقرر ڪيا ويا آهن پر ان باوجود اتي ڀرتي ڪيل عملو توڙي ڊاڪٽرن جو رويو ڏورانهن علائقن کان ايندڙ مريضن سان بهتر نه هوندو آهي جنهن جون اهي دانهون اڪثر ڪندا رهندا آهن، ڪٿي اهو چيو ويندو آهي ته ڊاڪٽر موجود نه آهن ته ڪٿي وري دوائن جي کوٽ جي دانهن ڪئي وئي ويندي آهي، هاڻ ته سنڌ حڪومت ڪيتريون ئي سرڪاري اسپتالون اين جي اوز جي به حوالي ڪري ڇڏيون آهن پر ان باوجود اتي عوام کي ڪي به بهتر سهولتون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب اڄ به ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهو سراپا احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن. هڪ طرف ڊائلاسز مشين ذريعي ايڊز پکڙجڻ جون خبرون ٻڌي رهيا آهيون ته ٻي طرف وري ڊاڪٽرن جي غفلتن سبب ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن، آخر زميوار چئون ته چئون ڪنهن کي، حڪومت کي يا وري پنهنجو پاڻ کي، ڇاڪاڻ ته حڪومت عوام کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به سنجيدگي ظاهر نه ڪري رهي آهي، جنهن سبب عوام به اڄ ٻٽي عذاب جو شڪار بڻيل آهي.
هونءَ ته سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي پر ان باوجود عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون بند نه ٿي سگهيون آهن جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو صحتياب ٿيڻ بدران بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، هر ضلعي انتطاميه طرفان اها دعويٰ ته ضرور ڪئي پئي  وڃي ته هنن عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيتريون ڪلينڪون سيل به ڪيون ويون آهن جنهن جون خبرون اسان پڙهي به رهيا آهيون پر ان باوجود هن وقت به ڪيترائي اهڙا شهر موجود آهن جتي اڄ به عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون کليل نظر اچي رهيون آهن، اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته عطائي ڊاڪٽرن ڪريڪ ڊائون کانپوءِ  جعلي سرٽيفڪيٽ ٺهرائي پنهنجو ڌنڌو ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي پر  جيڪي ٽيمون  عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون ڪري رهيون  هيون انهن جو به ڪو خاص دٻ دٻو قائم نه ٿي سگهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته  عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هن وقت به انهن عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪو خاص قدم نه کنيو ويو ته عوام ويتر پريشاني ۾ ٻڏي ويدو.
هاڻ سنڌ حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته اها جلد کان جلد سنڌ جي عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري ته جئين عوام بيمار ٿيڻ  بدران صحتياب ٿي سگهي، جيڪڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر عملو مقرر نه ڪيو ويو ته  ڏورانهن علائقن کان آيل ماروئڙا تمام گهڻو پريشان ٿيندا رهندا، جهڙي ريت جناح اسپتال ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت حڪومت ماروئڙن کي طبي سهولتون نه ڏنيون ته ماڻهون مرندا رهندا ۽ ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه هتان جو ئي عوام ئي ملندو.ڪراچي جي جناح اسپتال ۾  ڏورانهن علائقن کان ايندڙ ماروئڙن جي رهائش جو ڪو بندوبست ڪيو وڃي ته جئين اهي رهواسي جڏهن پنهنجي پيارن کي علاج لاءِ اسپتال کڻي ايندا آهن اهي روڊن تي رهڻ بدران اسپتال اندر رهن ته جئين  ڪو به ماڻهو علاج جي بهتر سهولتن کان محروم نه ٿئي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس ختم ٿي سگهن ۽ عوام سک جو ساهه کڻي سگهن. سپريم ڪورٽ به غير حاضر ڊاڪٽرن ۽ عملي جو نوٽيس وٺي ۽ سهولتون نه هجڻ جي خبرچار لهي ته جئين عوام متاثر نه ٿئي.

           

No comments:

Post a Comment