Pages

Sunday 26 March 2017

ڪارنهن الزام هيٺ ٿيندڙ قتل

صاحب خان ڀٽي
هن ملڪ ۾ جهڙي دهشتگردي ناسور بڻجي  وئي آهي تهڙي ريت ڪارنهن الزام هيٺ قتل جون وارداتون به وڌنديون پيون وڃن. ڪجهه ڏينهن کان ٻيهر سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارنهن الزام هني ڪيترن ئي عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي. ڪجهه جوڙا ته تحفظ لاءِ در بدر به ڀتڪي رهيا آهن، ڪجهه وري ٿاڻن  تي پهچي تحفظ  جي اپيل به ڪري رهيا آهن پر افسوس جو  هن وقت تائين صوبائي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ ماڻهن وارن واقعن جو نوٽيس نه ورتو آهي. جنهن سبب ڪارنهن الزام هيٺ هن وقت تائين ڪيتريون عورتون ۽ مرد مارجي چڪا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ته هڪ وحشي انسان پنهنجي معصوم نينگري سميت پنهنجي گهر واري تي نوڪر سان ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ن خبرون به ميڊيا تي نشر ٿي هنيو، ان کان علاوه روزاني سنڌ جي مختلف شهرن م ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جي قتل ٿيڻ جون خبرون به ملنديون رهن ٿيون، ڪڏهن گهوٽڪي ته وري ڪڏهن  وري سکر مان عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. ڪجهه عورتن کي مڙس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندا آهن ته ڪجهه عورتن کي سندن ڀائر ئي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيندا آهن،
اهي واقعا ان ڪري پيش اچي رهيا آهن جو هن وقت حڪومت جو سڄو ڌيان دهشتگردي تي آهي، جيڪڏهن اهو ڌيان عورتن جي تحفظ تي هجي ها ته ڪيتريون ئي حوا ڄائون وحشين هٿان بچي وڃن ها، ڪجهه ڏينهن اهو به ٻڌڻ آيو ته هڪ وحشي شخص پنهنجي گهر واري کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بابت وحشي شخص جا وارث ميڊيا کي چئي رهيا هئا ته سندس ذهني توازن درست نه هو، جنهن سبب هن پنهنجي گهر واري کي قتل ڪيو، جيڪڏهن واقعي اهو شخص ذهني معذور هو ته ان جي شادي ڪهڙي ريت ڪرائي وئي، شادي کي ڇڏيو ته جيڪڏهن واقعي ذهني معذور هو ته ان اڳ ۾ ڪنهن ٻئي کي قتل ڇو نه ڪيو يا وري  ان گهر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي تي حملو ڇو نه ڪيو هو. صرف ذهني توازن خراب ٿيس ته پنهنجي گهر واري تي، اهو ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو، بهرحال هن وقت سنڌ ۾ روزاني جي بنياد  تي عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي، تنهن تي صوبائي سرڪار کي نوٽيس وٺي لازمي ٿي وڃي ٿو ته جيڪڏهن هن وقت به وفاقي توڙي صوبائي سرڪار اهڙن حساس مسئلن تي نوٽيس نه ورتو ته پوءِ سنڌ ۾ روزاني  ڪيترائي ماڻهو مرندا رهندا.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ صوبي ۾ غيرت مندن هٿان عورتون قتل ٿينديون رهيون آهن پر افسوس جو هن وقت عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ڀرپور نموني احتجاج نه ڪري سگهيون آهن ۽ نه ئي وري عورتن جي تحفظ لاءِ ڪو مضبوط پليٽ فارم جوري سگهيون آهن جنهن سان سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن جي وارداتن کي تحفط ملي سگهي.
 هونءَ ته سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون تنظيمون آهن جيڪي اهي دعوائون ڪنديون رهنديون آهن ته اهي عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪنديون آهن پر هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ م عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ان تي ڪنهن به تنظيم آواز نه اٿاريو آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم هن وقت تائي ٺاهي وئي آهي جيڪا سڄي سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن جو رڪارڊ جمع ڪري ڇڏي، جيڪڏهن اهڙي ڪا تنظيم هجي ها ته اڄ  سنڌ اندر عورتن کي تحفظ ضرور ملي وڃي ها، هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته سنڌ اندر قبائلي جهيڙين سبب به عورتون ۽ ٻاررن کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ اتي پوليس به انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهندي آهي،
هن وقت به سنڌي اهڙا ڪيترائي قبائلي جيهڙا  ڪُر کنيو بيٺا آهن جنهن سان ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه هنڌن تي ته پوليس حالتن تي ضابطو آڻڻ تي ڪامياب ٿي ويو آهن پر ڪجهه اهڙا به علائقا آهن جتي ڌريون هن وقت مورچا بند ٿيل آهن، جنهن جون خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به نشر ٿينديون رهن. رهي ڳالهه ڪارنهن الزام هني قتل ڪرڻ وارن واقعن جي ته ان جي خبر ئي نه ٿي پئي ته واقعي به ڪارنهن جو الزام هڻي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي يا وري ڪو زمين تڪرار تان عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويندو آهي. بهرحال اهو ڪم ته پوليس جو ئي آهي ته جيڪي به ماڻهو  عورتن ۽ مردن کي ڪارنهن جو الزام هني قتل ڪري رهيا آهن. انهن خلاف سخت قدم کڻي پر افسوس جو هن وقت تائين اهڙي ڪا خاص ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن به هڪ  عورت ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کيس ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب هو ڀڄي اچي ٿاڻي پهتي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو واقعو پيش نه آيو آهي سنڌ ۾ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ڪجهه عورتن ۽ مردن کي جرڳي ذريعي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو ته ڪجهه عورتن ۽ مردن کي گهرن ۾ قتل ڪيو ويو آهي.
 جيڪڏهن هن وقت ملڪ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ خاص ادارو قائم ڪيو وڃي ها ته ڪيترن ئي عورتن ۽ مردن جون حياتيون بچي وڃن ها. بهرحال هن وقت ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ واريون وارداتن  ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ خاص طور تي انهن علائقن ۾ پوليس ٿاڻن جي آفيسرن کي ان ڳالهه جو پابند بڻائجي جي ته جيڪي عورتون  ۽ مرد وٽن تحفظ لاءِ اچن ٿا انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان کان علاوه جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري رهيا آهن انهن خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ عدالتون موجود آهن  ۽ هن ملڪ ۾ ٿاڻا به موجود آهن ته پوءِ آخر اهڙي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو ڪجهه بااثر جرڳا ڪري پنهنجا من پسند فيصلا مڙهي رهيا آهن، خاص ڪري سنڌ اندر ڪارنهن الزام هيٺ ٿيل قتل جا جرڳا ٿي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ قبائلي تڪرارن جا به جرڳا ڪيا پيا وڃن تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته جيڪي به ماڻهو جرڳن جي سرپئنچي ڪري رهيا آهن انهن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ته جعلي فتوائون ڏيڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.هاڻ اها سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته فوري طور تي جرڳا ڪندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين معصوم ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن بااثرن جي جرڳن ۾ ڏنڊ عيوض معصوم نياڻين کي به سڱ چٽي طور ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن اها جرڳا به روڪرايا وڃن ته ڪيتريون معصوم نياڻيون به ڏنڊ عيوض طور قربان ٿيڻ کان بچي سگهنديون.


No comments:

Post a Comment