Pages

Friday 24 March 2017

لنڊن ۾ ٿيل دهشتگردي ۽ داعش

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي جو ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪارروايون جاري آهن پر ان باوجود دهشتگردي هڪ چئلنج بڻجي وئي آهي، ڪجهه اهڙيون دهشتگرد تنظيمون آهن جيڪي نه ته مسلمان کي بخش ڪن ٿيون ۽ نه ئي وري غير مسلم کي مارڻ کان پاسو ڪن ٿيون، اهي تنظيمون ڪڏهن پاڪستان اندر دهشتگرد ڪارروايون ڪنديون آهن ته ڪڏهن افغانستان، عراق، شام توڙي برطانيا ۾ به پنهنجيون ڪارروايون ڪنديون  رهيون آهن ڪجهه ڏينهن اڳ به برطانيا جي پارليامينٽ هائوس ٻاهران  حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي وڃڻ جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿي رهيون هيون، جڏهن ته ان حملي ۾ 40 کان وڌيڪ زخمي به ٻڌايا ويا هئا، برطانيا جي گادي واري شهر ۾ حملو ڪندڙ شخص ڪار ۾ سوار هو، جنهن هڪ پوليس اهلڪار کي به چاقو هني قتل ڪيو ۽ ڪار کي ماڻهن مٿان چاڙهي 40 کان وڌيڪ ڄڻن کي زخمي به ڪيو هو، اهڙي حملي کي برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پاران جمهوريت ۽ آزادي جي اظهار تي حملو قرار ڏنو ويو هو. اهڙي حملي جي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن طرفان مذمت به ڪئي وئي، شروعات ۾ ان حملي ۾ صرف ماڻهن جي زخمي ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو هو پر بعد اهو ٻڌايو ويو ته ان حملي ۾ 5 ڄڻا مارجي چڪا اهن ۽ ميڊيا تي اهي به خبرون به هلون ته داعش نالي دهشتگرد تنظيم ان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، جنهن بعد ڪيترن ئي ملڪن سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن.  
لنڊن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر اهي خدشا پيدا ٿي ويا آهن ته آخر اهڙن ترقي يافته ملڪن  ۾ جتي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت هوندا آهن اتي به دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪهڙي نموني ڪري رهيا آهن ۽ آخر اتان جا سڪيورٽي ادا اهڙن دهشتگردن کي حراست ۾ وٺڻ ۾ ڇو ناڪام ٿي رهيا آهن، برطانيا جي گادي واري شهر ۾ ٿيل حملي بعد جاچ عملدار چئي رهيا آهن ته دهشتگرد حملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته برمنگهم ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيترن ئي شڪي ماڻهن به کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته حملي ۾ استعمال ڪيل ڪار برمنگهم مان ڪرائي تي کنئي وئي هئي، لنڊن جي حملي کان پوءِ ڪينيڊا ۾ به سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، 2016ع ۾ برطانيا ۾ دهشتگردي جي واقعي پارليامينٽ  جي ميمبر زخمي ٿي پئي هئي، جنهن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو هو، ان وقت به برطانيا اندر خوف واري لهر پکڙيل هئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانيا جڏهن يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو نه ڪيو هو ، تڏهن برطانيا ۾ معاشي صورتحال انتهائي بهتر هئي ۽ امن امان به بهتر هو، جڏهن ته دنيا جا وڏيون وڏيون شخصيتون به برطانيا ۾ وڃي ترسنديون هيون پر جڏهن کان برطانيا يورپي يونين مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن کان برطانيا ۾ نه ته امن قائم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري اتي دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي ۾ ڪا خاص اڳڀرائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي، 
هونءَ ته برطانيا ۾ ٻيا به کوڙ سارا ڪيس هلي رهيا آهن جيڪي اڄ تائين حل ٿي نه سگهيا آهن ۽ نه ئي اتان جي پوليس انهن ڪيسن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي نظر اچي رهي آهي، بهرحال اهو ان ملڪ جو مسئلو آهي پر دهشتگردي جنهن جي ڪو به ملڪ حمايت نه ٿو ڪري سگهي، ان دهشتگردي جو سڪار اڄڪلهه برطانيا به ٿيو آهي، برطانوي پارليامينٽ ٻاراه حملو ٿيڻ به برطانيا جي سڪيورٽي ادارن لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عالمي طاقتون ڪهڙي ريت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌن ٿيون، جيڪڏهن اهڙي دهشتگردي ڪنهن ننڍي ملڪ اندر ٿئي ها ته ترقي يافته ملڪ ان تي الزامن جي برسات ڪري ڇڏين ها ، ان ملڪ تي حملي ڪرڻ جا منصوبا به ڪيا وڃن ها، ايتري قدر جو اهي بيان به ڏنا وڃن ها ته اتي دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن ۽ دهشتگرد معصوم ماڻهن کي ماري رهيا آهن ، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ضروري آهي، انهن ترقي يافته ملڪن طرفان اهو به چيو وڃي ها ته جنهن ملڪ ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن اهي ناڪام رياست ۾ شمار ٿين ٿيون پر جيڪڏهن اهڙا بم ڌماڪا آمريڪا، برطانيا، جاپان ۽ چين ۾ ٿين ها ته  اتي ڪو به ملڪ نه ڳالهائي ها ۽ نه  ڪو اهڙو ملڪ انهن ملڪن کي ناڪام رياست چوڻ جي جرئت ڪري ها،
 اهو صرف ان ڪري انهن ملڪن کي ڪو به ناڪام رياست نه ٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن وٽ دفاعي صلاحيت موجود آهي ۽ انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ سولي ڳالهه نه آهي،اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو دنيا اندرطاقتور ملڪ ننڍن ملڪن تي حڪمراني ڪري رهيا آهن پوءِ اهي جيڪو چاهين اهي ڪري رهيا آهن، جنهن ملڪ کي وڻين امداد ڏين، جنهن ملڪ تي وڻين حملو ڪن، انهن کي چوڻ وارو ڪو به نه آهي، گڏيل قومن جو ادارو به صرف رپورٽون جاري ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيون ويو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا، هُن ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا، مطلب ته گڏيل قومون نه ته فلسطين جو مسئلو حل ڪرائي سگهيون آهن ۽ نه ئي وري دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪاررواين ۾ ڪا به اڳڀرائي ٿي سگهي آهي. بهرحال هن وقت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته دهشتگرد جتي به هجن ڀلي کڻي اهي آمريڪا ۾ هجن يا  وري برطانيا ۾ هجن انهن خلاف ڀرپور نموني ڪارروائي ڪئي وڃي، آمريڪا ۽ برطانيا به چئي رهيو آهي ته داعش دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي، جن ملڪن ۾ به  دهشتگرد هوندا اتي بنا اجازت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، هاڻ جڏهن برطانيا ۾ دهشتگردي جون ڪاروايون ٿيون آهن ۽ انهن جي زميواري به داعش قبولي رهي آهي ته ان مان لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به داعش موجود آهي جنهن سبب اتي به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن،
 اوباما جي دور ۾ به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون هيون جنهن جي ذميواري به دهشتگرد تنظيمن طرفان قبولي وئي هئي، هن وقت ته آمريڪا ۾ صرف احتجاج ئي ٿي رهيا آهن پر ڪينيڊا ۽ برطانيا ۾ دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن، هونءَ ته دهشتگردي سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي پر الائي ڇو سمورا ملڪ هن وقت دهشتگردن خلاف ڪو اهم قدم کڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. داعش جنهن جو نالو پاڪستان ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو ويو هو اڄ اتي به ان تنظيم جو ذڪر هلي رهيو آهي، مطلب ته اتي اها تنظيم دهشتگرد ڪارروايون ڪندي رهي آهي، مٿان وري هاڻ ترقي يافته ملڪ برطانيا ۾ به حملا ٿي رهيا آهن، جيڪا نئين ڳالهه نه آهي پر نئين ڳالهه اها آهي ته جيڪي حملا ٿي رهيا آهن انهن جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم داعش قبولي رهي آهي، جيڪا ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن ۽ بيگناهن کي ماري چڪي آهي، هي اها ئي دهشتگرد تنظيم آهي جنهن صوفين جي درگاهن کي به نه ڇڏيو هو، جنهن کي ڪنهن ريت ڪو ماڻهو سٺو نه ٿو چئي سگهي، هن وقت عالمي طاقتن کي گهرجي ته الزام لڳائڻ بدران دهشتگردن خلاف هڪ گڏيل منصوبو جوڙي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي.
sahibalisindhi@gmail.com


No comments:

Post a Comment