Pages

Thursday 30 March 2017

تبديل ٿيندڙ وايو منڊل ۽ سياست جو مستقل

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر سياسي گرما گرمي عروج تي پهچي وئي آهي، اهي سياستدان جن کي هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڳولي رهيا هئا انهن اڳواڻن ملڪ اچڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ انهن کي سڪيورٽي به فراهم ڪئي پئي وڃي، ڊاڪٽر عاصم به آزاد ٿيڻ وارو آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ وڏي سياسي تبديلي اچي رهي آهي، اها تبديلي عوام جي لاءِ نه پر صرف سياستدانن لاءِ ئي آهي. هونءَ ته ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جي ورچڙهيل آهي پر سياستدان به ڪجهه عرصو اڳ نيب ۽ ايف آءِ اي ٽيمن جي ڇاپن سبب پريشان هئا ۽ نيب جي ڪاررواين تي سنڌ جي سياستدانن کي تمام گهڻي ڳڻتي هئي ۽ بار بار اهو چيو ويندو هو ته پنجاب ۾ نيب ڪارروايون ڇو نه پئي ڪري ۽ اهڙي مطالبي تي سڀ راضي به هئا پر نيب طرفان اهڙي ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي جنهن سان نهن سياستدان مطئمن ٿي سگهن ها، بهرحال هاڻ سنڌ اندر به آهستي آهستي  سياستدانن لاءِ تبديلي اچي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي به ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي تمام گهڻي ڳنتي هئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان چيو ويو هو ته سندس والد جي ڊاڪٽر کي حراست ۾ ورتو ويو هو،
ان کان علاوه شرجيل ميمڻ به ڪجهه ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو ته جنهن تي به ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا هئا، اطلاعات کاتي جي اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ تي 5 ارب 76 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي. مطلب تي ان تي به ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن، اڃا به ڪيترائي اهڙا سياستدان آهن جيڪي ملڪ کان ٻاهر آهن، جڏهن شرجيل ميمڻ ملڪ کان ٻاهر هو ته ان وقت به ڪجهه ماڻهو اهو چئي رهيا هئا ته هو ڪڏهن به ڏيهه واپس نه ايندو پر  چونڊن کان اڳ شرجيل ميمڻ ڏيهه واپس پهچي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هونءَ ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي ڪيس آهن جيڪو پڻ علاج لاءِ دبئي ويو هو، پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته هو به شايد چونڊن کان اڳ ئي ڏيهه واپس اچي وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ايندڙ چونڊن لاءِ پنجاب جو رخ ڪندي اڳواڻن کي سياسي پارٽين سان رابطا وڌائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايتري قدر جو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري کي ٽيليفون ڪيو ۽ کانئس طبيعت بابت پڇاڻو ڪيو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 20 منٽن تائين ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڳالهيون ڪيون ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي. 
هڪ طرف ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت ٿيڻ بعد رليز آرڊر جاري ڪيا ويا آهن ته ٻي طرف وري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڏني ڪئي، وڪيل پاران دليل ڏيڻ جي مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊي به گذريل ڏينهن بدين ۾ صحافين کي ڳالهائيندي چيو هو ته کيس خبر ناهي ته ايان علي کان چوڌري نثار الائي ڇو نه ٿي وسري ۽ اهو به چيو هو ته نواز سرڪار فوج جي ڪردار کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان کان علاوه ڊاڪٽر عاصم به جيڪو ڪروڙين روپين جي ٻن ڪرپشن کي ڪيس کي منهن ڏئي رهيو هو ان مٿان به بار گهٽجي رهيو آهي ۽ سندس جا هڪ ٻه ڏينهن اڳ رليز آرڊر به جاري ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو پ پ طرفان سندس پاسپوٽ بابت درخواست به جمع ڪرائي وئي هئي، اڳوڻو اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ به خيريت سان ڏيهه پهچي چڪو آهي، جنهن به ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز جي سڪيورٽي ۾ پنهنجي تڪ ۾ جلسو ڪيو هو، نوازشريف به سنڌ ۾ ڪجهه اهم سياسي اڳواڻن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،
ايم ڪيو ايم به ميدان ۾ لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ اڀري نه سگهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو پي ايس پي آهي، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به ايم ڪيو ايم پاڪستان آڏو هڪ ديوار بڻجي ويو آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي، جتي به ايم ڪيو ايم پاڪستان هئي اتي مصطفيٰ ڪمال جا حامي به موجود آهن، جڏهن متحده باني پاڪستان خلاف بيان ڏنا هئا تنهن ڏينهن کان هن ڏينهن تائين ايم ڪيو ايم پاڪستان سڌي نه ٿي سگهي آهي، ڀلي کڻي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه فاروق ستار هجي پر  ان باوجود اڪثريت فاروق ستار کي تسليم ڪندي نظر نه پئي اچي، مصطفيءِ ڪمال جيڪي به هن وقت تائين جلسا ڪيا آهن انهن ۾ ماڻهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسن جي ڀيٽ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو به آهي ته مصطفيٰ ڪمال بار بار اردو ڪميونٽي کي پاڻ ڏانهن مايل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سندس پارٽي جو جهنڊو به پاڪستان  وارو ئي جهندو آهي جنهن سبب ڪراچي ۾ رهندڙ هرڪو ماڻهو سندس ڏنل بيانن تي يقين ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت عدالت مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي جو نالو تبديل ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ قومي جهنڊي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي پر ان باوجود هن وقت تائين پي ايس پي جو جهنڊو ساڳيو آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته مصطفيٰ ڪمال پي ايس پي جو جهنڊو ڪهڙو ٺاهي ٿو؟
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نوازشريف به سنڌ ۾ سرگرم ٿي ويو آهي ۽ نواز ليگ کي چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا جلسا به ڪري رهيو آهي ۽ انهن جلسن ۾ اهڙا ته اعلان ڪيا آهن شايد تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن نه ڪيا هجن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن اعلانن تي آخر عمل ڪڏهن ٿيندو؟ بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي هجي يا نواز ليگ ٻئي پارٽيون سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي  آيو آهن، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به ڏيهه واپس اچي رهيا آهن،تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڊاڪٽر عاصم جي آزادي  کي به مفاهمت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. في الحال عمران خان ته ڪو به سياسي جلسو  نه ڪيو آهي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ خلاف ڪو اهڙو خاص بيان ڏنو آهي جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي صورتحال ۾ ٻڙڌڪ مچي وڃي ها. ڪجهه عرصو اڳ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به سنڌ جو رخ ڪيو هو پر هن وقت نه ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنجاب ۾ جلسا ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي سنڌ ۾ ڪو اهڙو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، رهي ڳالهه نواز ليگ جي ته نواز شريف  هڪ ٻن مهينن  دوران ڪيترن ئي منصوبن جا اعلان ڪري چڪو  آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ خطاب به ڪيا اٿس،. هاڻ ڏسڻو اهو آيه ته آخر  شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جهڙن اهم معاملن کي پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت منهن ڏئي ايندڙ چونڊن لاءِ تياريون ڪري ٿي.

No comments:

Post a Comment