Pages

Monday 20 March 2017

دهشتگرد تنظيمن جو سنڌ ڏانهن وڌندڙ لاڙو

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد تنظيمون پنهنجيون ڪارروايون ڪنديون رهيون آهن، شڪارپور ۽ جيڪب آباد سانحن کان پوءِ  دهشتگردن قلندر جي نگري کي به رت سان وهنجاري ڇڏيو هو، جنهن جي ذميواري به دهشتگرد تنظيم ئي قبولي هئي، سنڌ حڪومت به دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي هئي ۽ ميڊيا تي  شڪارپور سانحي  ۾ ملوث دهشتگرد جي ويڊيو به جاري ڪئي وئي هئي جنهن بابت ٻڌايو ويو هو ته  دهشتگرد  افغانستان ۾ موجود دهشتگردن سان رابطي ۾ هوندو آهي، گذريل ڏينهن به سي ٽي ڊي سکر خيرپور ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان تعلق رکندڙ جوابدار شعيب بروهي کي گرفتار ڪري  ورتو هو، جنهن بابت ٻڌايو ويو ته شعيب بروهي جا  واسطو حفيظ بروهي ۽ مقصود بروهي سان   به هو جيڪو دهشتگردن کي تربيت به ڏيندو هو، هڪ طرف پابندي مڙهيل دهشتگردن جي تنظيمن جا انڪشاف ٿي رهيا آهن ته مٿان وري لمس جي شاگردياڻي نورين به ڪجهه ڏينهن کان گم آهي ، جنهن جي گم ٿيڻ جون خبرون سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلي رهيون آهن، پوليس چئي رهي آهي ته نورين ڊائيو  بس جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي لاهور وئي هئي ته سندس والد بيان ڏنو آهي ته جيڪا سي سي ٽي وي فوٽيج کيس ڏيکاري وئي آهي ان ۾ ڊائيو بس ۾ ويٺل ڇوڪري سندس ڌيءَ نه آهي ، لمس جي وي سي  ڊاڪٽر نوشاد خان ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نورين مذهبي ڇوڪري هئي جيڪا اڪثر ٻين ڇوڪرين کان پري رهندي هئي، پوليس طرفان به بيان ڏنو ويو آهي ته هنن نورين جي سهيلن کان سموري معلومات ورتي آهي ۽  جنهن آءِ ڊي تان  سندس ڀاءُ کي ميسج ڪيو ويو اها به هن ملڪ مان آپريٽ ٿي هي آهي، بهرحال هن وقت نورين جو مسئلو تمام گهڻو ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي ۽ نورين جي گمشدگي واري معاملي سنڌ جي هزارين نياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي،
جيڪڏهن نورين جي گمشدگي  بابت صحيح  ڄاڻ دنيا آڏو نه آئي ته پوءِ سڄي دنيا اهو ئي سمجهندي ته هن صوفين جي ڌرتي تي دهشتگردن پنهنجا اڏا قائم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيڪو سنڌ جي مستقبل لاءِ انتهائي خطرناڪ جوڳو آهي، ڪجهه عرصو سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون جاري ڪيون ويون هيون جنهن ۾ داعش جي حمايت ۾ڪجهه لفظ لکيل هئا، ايتري قدر جو ڪراچي سميت مختلف شهرن داعش نالي دهشتگرد تنظيم جي چاڪنگ جون خبرون به ميڊيا تي نشر ٿي هيون پر ان باوجود وفاقي سرڪار اها دعويٰ ڪئي هئي ته هن ملڪ اهڙي خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه آهي پر سيوهڻ سانحي کانپوءِ  اها دعويٰ رد ٿي وئي هئي ۽ هاڻ حڪمران به چئي رهيا آهن، دهشتگرد تنظيم سنڌ سميت سڄي ملڪ ڪارروايون ڪرڻ جي رٿا بندي ڪري رهي آهي، شڪارپور سانحي ۽ جيڪب آباد سانحي کانپوءِ وفاقي توڙي سرڪاري حڪومت کي گهرجي ها ته اهي سڄي سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪن ها پر افسوس جو دهشتگردن خلاف ته ڪارروايون نه ٿيون پر جيڪي پنهنجو حق گهرڻ لاءِ روڊن تي نڪري رهيا هئا يا پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا انهن خلاف ئي وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ به امتحان دوران هڪ شاگرد کي حراست ۾ ورتو ويو هو، ان کانپوءِ سنڌي شاگردن کي ٽوپي اجرڪ پائڻ کان به روڪيو ويو هو، جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي هئي، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي جو لاش مليو هو جنهن تي به سوشل ميڊيا تي به تمام گهڻو بحث ٿيو هو، ان معاملي سان به سنڌ جي يونيورسٽين تي تمام گهڻو اثر پيو هو ۽ هاڻ واري لمس ۾ شاگردياڻي جي پراسرار نموني گم  ٿي وئي آهي جنهن بابت تمام گهڻو افواهون گردش ڪري رهيون آهن، پوليس ڪجهه چئي رهي آهي ته شاگرياڻي جو والد ڪجهه ٻيو چئي رهيو آهي،
لمس انتظاميه چئي پئي ته شاگردياڻي نورين مذهبي ڇوڪري هئي ۽ هو ڪنهن سان به نه ڳالهائيندي هئي، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته آخر اها شاگردياڻي وئي ته آخر ڪاڏي وئي؟  ۽ انهن کي هٿ ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي، ڪجهه عرصو اڳ به پنجاب مان ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو جنهن بابت ٻڌايو ويوهو ته انهن کي داعش سان رابطن جي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو هو، مطلب ته هن ملڪ گذريل ڪجهه سالن کان داعش نالي دهشتگرد تنظيمن جو ذڪر ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت هن وقت تائين انهن دهشتگردن کي حراست ۾ وٺڻ جي لاءِ ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي اهي جيڪي داعش جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن، هن وقت ملڪ جون حالتون خراب آهن، گذريل ڏينهن به ميڊيا تي اهي خبرون هلي رهيون هيون ته آدمشماري دوران هڪ دهشتگرد کي به حراست ۾ ورتو ويو  آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ ۾ جن شهرن ۾ آدمشماري ٿي آهي اهو 50 سيڪڙو به مڪمل نه ٿي سگهي آهي ۽ ان جون دانهون ماڻهو به ڪري رهيا آهن ڪراچي ۾ به ڪيتريون وسنديون رهجي ويون آهن جتي نه ته ماڻهن جي ڳڻپ ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري اتي گهر شماري ڪئي وئي، جيڪڏهن آدمشماري درست نه نموني ٿئي ته ملڪ ۾ جيڪي به پرڏيهي دهشتگرد هتي لڪيل آهن انهن جو پتو ضرور لڳي وڃي ها پر افسوس جو انهن علائقن ۾ هن وقت تائين ڪنهن به ٽيمن رخ ڪيو ئي نه آهي، ڪراچي ۾ اهڙا ڪيترائي حساس علائقا آهن جتي پابندي مڙهيل تنظيمن جا دهشتگرد مقابلن ۾ مرندا رهندا آهن، جيڪڏهن انهن علائقن ۾ درست نموني ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وڃي ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا  ۽ صوبن جا خدشا به ختم ٿي ويندا،
بهرحال آدمشماري پنهنجي جاءِ تي، پر هاڻ ڳالهه آهي انهن دهشتگردن تنظيمن جي، جن جون گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ نظرون کتيل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي حملا به ڪنديون رهيون آهن. حڪومت کڻي جيڪو ڪجهه به چئي پر اها ڳالهه هاڻ ثابت ٿيندي پئي وڃي ته دهشتگرد تنظيمون هاڻ پاڪستان ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويون آهن جن هاڻ وري سنڌ جو رخ ڪيو آهي، جيڪي هتان جي ماڻهن کي ورغلائي پنهنجا ڪم وٺي رهيون آهن ۽ ڀٽڪيل ماڻهو انهن جي چنبي ۾ اچي رهيا آهن، ان جو ثبوت حفيظ بروهي  گروپ مان به ملي ٿو جيڪو گذريل ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ ٿيل دهشتگردن ۾ ملوث ڄاڻايو ويندو رهيو آهي ۽ اهڙن دهشتگردن سبب صوفين جي سرزمين جا وارث اڄ دهشتگردن سبب سڄي دنيا پنهنجو ڳاٽ نيچو ڪري گهمڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ان جا ذميوار اسين سڀ پاڻ به آهيون ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ ئي دهشتگردن کي سنڌ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني  ۽ ان ۾ اسان جا حڪمران به ملوث آهن جيڪڏهن افغانستان تي حملي وقت افغان مهاجرن کي ڪيمپن ۾ رهايو وڃي ها ته اڄ هي ملڪ اهڙن وحشي دهشتگردن جي ور چڙهيل نه هجي ها  ۽ نه ئي افعانستان مان دهشتگردي هتي اچي ڀٽڪيل ماڻهن کي گمراهه ڪن ها ۽ نه  ئي صوفين جي سرزمين اڄ حفيظ بروهي جهڙن دهشتگردن جي ورچڙهيل هجي ها، بهرحال هن وقت اها وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته نورين معاملي کي جلد کان جلد حل ڪري ته جئين سنڌ جي درسگاهن خلاف ٿيندڙ سازش ناڪام بڻجي سگهي، ڪجهه ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به بيان ڏنو هو ته ملڪ ۾ ڪجهه مدرسا معصوم ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۾ ملوث آهن ، جيڪڏهن انهن مدرسن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته اڃا تمام گهڻو بهتر ٿيندو ڇاڪاڻ ته صوفين جي سرزمين تي  ڪنهن به انتهاپسند کي رهڻ جي اجازت نه آهي ۽ نه اهڙن انتهاپسندن کي هتي ترسائڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪي ٻين ملڪن مان اچي انتهاپسندي جو درس ڏين.


No comments:

Post a Comment