Pages

Wednesday 29 March 2017

اين ايف سيءَ تي صحيح نه ڪرڻ سان حق ملندا؟

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي م اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو هو ته جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجو حق نه مليو ته اين ايف سيءَ تي صحيح نه ڪئي ويندي اهڙي بيان کان پوءِ لڳي رهيو هو ته شايد هن ڀيري پ پ سنڌ جي عوام جا لاءِ وفاقي حڪومت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي رهي آهي، جڏهن سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو ته ان وقت به سنڌ جو ساڳيو ئي حال هو جيڪو اڄ آهي، فرق صرف ايترو آهي جو اڄڪلهه سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آهي ۽ اڳ ۾ سيد قائم علي شاهه هو، هونءَ ته پيپلزپارٽي به وفاق ۾ ڪيترائي ڀيرا رهي چڪي آهي پر ان باوجود سنڌ جو عوام اڄ به بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هر طرف بيروزگاري سبب ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهن ۽ جن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اهي به پگهارون نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اهڙو واقعو ٺارو شاهه ۾ پيش آيو هو جتي هڪ پورهيت پگهارون نه ملڻ سبب پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي هئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو هو،
ان وقت به سنڌ جي ڪنهن به ڪاموري نوٽيس نه ورتو هو ۽ نه پورهيتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا هئا، هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌندو پيو وڃي پر ان باوجود سنڌ حڪومت انهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ خاص قدم نه کڻي رهي آهي، پيپلزپارٽي هجي يا وري ن ليگ، مطلب ته ٻئي پارٽي صرف هن وقت ايندڙ چونڊن لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت طرفان به چيو ويو هو ته سنڌ جا ماڻهو گٽرن جو پاڻي پي رهيا آهن ته ان وقت به سنڌ سرڪار خاموشي اختيار ڪئي هئي هر طرف ٻڙڌڪ مچي ويو هو ته آخر سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري جو اڄ اهڙيون ميڊيا تي به نشر ٿي رهيون آهن، هونءَ ته سنڌ اندر پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ روزاني احتجاج ٿين ٿا پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي قدم نه ٿو وڌائي پر وڏي عرصي کان پوءِ اهو چوڻ ته سنڌ جا ماڻهو گٽرن جو پاڻي پيءُ رهيا آهن،اهو سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو پر افسوس جو ان ڳالهه کي به ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن پر صوبائي سرڪار سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهي آهي.  
هڪ طرف استاد پگهارن لاءِ دانهو ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري ٽائون ڪميٽي جا ملازم احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو اهو چوڻ ته هنن وفاق کي چيو آهي ته سنڌ کي پنهنجو حق ڏنو وڃي نه ته اين ايف سيءَ واري مسودي تي صحيح نه ڪندا، پنهنجي جاءِ تي سئو سيڪڙو سچ آهي پر اها ڳالهه واضع ته ايف ايف سي ايوارڊ تي به سنڌ حڪومت وفاق آڏو احتجاج ڪندي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ کي هن وقت تائين سنڌ کي پنهنجا جائز حق نه ملي سگهيا آهن، اڳوڻي وڏي سيد قائم علي شاهه اهو به چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي هڪ سئو ارب رپين جو فائدو ڏياري ۽ هو سرخرو ٿي عوام وٽ ويندا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ت هوفاق پاران پنجاب ۾ قدرتي گئس پيدا ڪرڻ جا97 منصوبا شروع ڪيا ويا آهن  پر سنڌ حڪومت مٿان وفاقي حڪومت وقتي پابندي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، بهرحال هن وقت سنڌ ۾ بجلي ، گيس ۽ پاڻي جي بحران تمام گهڻو وڌي ويو آهي،
 جيڪڏهن ملڪ اندر دهشتگردي تي نظر ڦيرائينداسين ته ملڪ جو ڪو اهڙو ڪو به شهر نه بچيو هوندو جتي دهشتگردن ڪارروائي نه ڪئي هجي، ڪراچي هجي يا  شڪارپور ، يا وري لاهور، مطلب ته دهشتگردن پنهنجيون ڪارروايون ڪيون آهن، جيڪڏهن دهشتگردي کي ڇڏي ملڪ جي ٻين مسئلن ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا نظر ايندا، ڇاڪاڻ ته بيروزگاري، ڌارين جي لوڌ، بجلي ۽ گيس بحران به ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ اندر سڀني کان وڌيڪ آهي. سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي پريشان آهن ۽ زمينون غيرآباد ٿي رهيون آهن، سمنڊ ته زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي پر هتان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته هنن سنڌ جي ماڻهن کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هنن سنڌ جي ماڻهن کي نوڪري ڏنيون آهن، پير مظهر الحق جي دور ۾ به ڀرتي ٿيل استاد اڄ به دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن  پر انهن جو ڪو به داد فرياد ٻڌڻ وارو نه آهي، ڳڙهي خدا بخش ۾ به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو  ويو پر حڪمران ان باوجود انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ قدم به نه پيا وڌائن.
هاڻ خبر نه ٿي پئي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفاق کان الائي جي ڪهڙا حق گهريا آهن، جن کي وفاقي حڪومت ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿي رهي آهي، هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي سان گڏ ڌارين جي لوڌ جو به وڏو مسئلو آهي پر وفاقي حڪومت ان طرف به ڌيان نه ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي صوبائي سرڪار ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪي قدم کڻڻ جي جرئت ڪئي آهي، گذريل ڏينهن به ڪجهه اخبارن ۾ لکيل هو ته ڪراچي مان گرفتار افغاني شهرين کي رشوت عيوض ڇڏيو ويو آهي پر افسوس جو  وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اهڙن آفيسرن خلاف ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي جن پڪڙيل افغاني شهرين کي ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن سنڌ اندر افغان شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته ان وقت به سنڌ جي ساڃاهه وندن چيو هو ته اهو صرف ڏيکاءُ آهي ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏيو ويندو ۽ هاڻ ائين ئي ٿي رهيو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته صوبائي توڙي وفاقي سرڪار افغان شهرين سميت ٻين پرڏيهين کي هن ملڪ مان نه ڪڍندي ۽ جيڪڏهن ڪو به صوبو  انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻندو ته وفاقي حڪومت ان کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا،
جيڪڏهن ائين نه آهي ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين اهڙن آفيسرن خلاف ڇو نه قدم کنيو آهي جن افغان شهرين کي حراست ۾ وٺڻ بعد ڇڏي ڏنو آهي، جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ آخر اهي خبرون اخبارن جي زينت ڪئين بڻيون اهن ۽ اهي پوليس اهلڪار موقف ڏيڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهن. بهرحال هن وقت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو اهو چوڻ ته جيڪڏهن وفاق کين حق نه ڏنا ته هو اين ايف سيءَ  ايوارڊ جي مسودي تي صحيحي نه ڪندا ته ان سان وفاق کي ڪو به فرق نه پوندو، هونءَ ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڇڪتاڻ هلندي پئي اچي پر هن وقت تائين نه ته صوبن جا مسئلا ختم ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي وفاق جو ننڍن صوبن سان رويو بهتر ٿي سگهيو آهي. ڀلي کڻي اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيڪي به دعوائون ڪري هتي اهو ئي ٿيندو جيڪو وفاق چاهيندو، جيڪي  پيپلزپارٽي کي وفاق کان حق وٺڻا ئي آهن ته ان کان سنڌ جي ماڻهن کي حق ڏنا وڃن جيڪي هن وقت پگهارون نه ملڻ سبب پاڻ کي ساڙي رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن جا مسئلا به حل ڪيا وڃن جيڪي سراپا احتجاج بڻيل آهن.

No comments:

Post a Comment