Pages

Sunday 1 March 2020

افغان امن معاهدو: افغان پناهگيرين جي واپسي ٿيندي؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا، افغانستان مان پنهنجي فوج ڪڍڻ جا وڏا وڏا بيان ڏئي رهيو آهي، طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي  ويو آهي، طالبان به آمريڪا سان ڳالهين جو راضپو ظاه رڪيو آهي، پاڪستان به انهيءَ  فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي پر  موجوده حالتن ۾ طالبان سان  امن معاهدي ته عمل ٿيڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ آمريڪا جو ڪو به اهڙو ارادو نه آهي، جو سڄي فوج افغانستان ڪڍي،هونئن به ڪيترائي ڀيرا آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ٿيون آهن پر ان باوجود افغانستان ۾ دهشتگردي جا واقعا رپورٽ ٿيندي نظر آيا آهن، پر جڏهن به پاڙيسري ملڪ ۾ حالتون خراب ٿيون آهن، ان جو اثر اسان جي ملڪي حالتن تي به پيو آهي، سرحد پار کان ئي دهشتگرد اسان جي ملڪ ۾ داخل دهشتگرد ڪارروايون ڪندا آهن، جن جي تصديق اسان جا سيڪيورٽي ادارا پاڻ ئي ميڊيا ذريعي ڪندا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جو مضبوط نيٽ ورڪ آهي، جيڪڏهن امن معاهدي باوجود به ڪا گارنٽي نه آهي ته افغانستان  ۾ امن قائم ٿيندو ۽ اسان جي ملڪ تي ان جا ڪي به اثر نه پوندا، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي جو  طوفان آندو ويو آهي، هي مهانگائي اوچتو ٿي آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪتو آهي ته ان ۾ به ڪو شڪ نه هوندو، عوام مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي پر ان باوجود تبديلي سرڪار جو هڪ ئي راڳ آهي ته ملڪ صحيح دڳ تي هلي رهيو آهي ۽ اسان سان گڏ فوج آهي، تبديلي سرڪار مهانگائي کان بچڻ لاءِ ماضي جي سياستدانن تي الزام لڳائي رهي آهي، پر عوام تبديلي جي نعري کان هاڻي بيزار ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪا صحيح قيادت هن وقت ملڪ ۾ موجود هجي ها ته ان سان گڏ مهانگائي سٽيل عوام روڊن تي گڏهجي ها ۽ تبديلي سرڪار گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي وڃي ها پر عوام به وزيراعظم عمران خان جي بيانن کان خوفزدا آهي، جنهن سبب صحيح وقت اچڻ جي انتظار ۾ آهي، جنهن جو واضح ثبوت عدالتن جي ريمارڪسن مان ظاهر ٿي رهيو آهي، پر ان جو حڪومت تي ڪو به اثر نه پئجي رهيو آهي،  تبديلي سرڪار ڪڏهن ملڪ ۾ 12 موسمن جا بيان ڏئي ٿي ته ڪڏهن وري حورن جو مثال ڏنو وڃي ٿو، ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته ملڪ مان غربت ختم ٿي رهي آهي ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته ملڪ  خوشحال ٿي ويوآهي ۽ عوام اهڙا بيان  ڪافي عرصي کان ٻڌي رهي آهي، گذريل ڪيتري  ئي عرصي کان پاڪستان افغان مهاجرن جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ جو عوام بک ۽بدحالي جي ور چڙهي ويو آهي، ظاهر ڳالهه آهي افغان مهاجرن جي گڏيل قومن طرفان ڪا نه ڪا امداد ملندي هوندي پر ان بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو هجرت ڪري ٻي ملڪ ۾ پناهه وٺڻ ويندو آهي ته ان کي ڪيمپئن ۾ ويهاريو ويندو آهي پر وفاقي سرڪار افغان مهاجرن کي ڪئمپن ۾ رهائڻ بدران ايئن ملڪ ۾ ڇڏي ڏنو، ايتري قدر جو انهن افغان مهاجرن جي پاڪستان وٽ ڪا رجسٽريشن به نه آهي ۽ انهن وٽ نادرا جا ڪارڊ به آهن، پر افسوس نادرا جهڙي حساس اداري کان ڪو پڇڻ وارو ئي نه آهي، هتي اسان سنڌي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ پريشان آهيون، منهنجو ئي کڻي مثال وٺو، منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ گم ٿي ويو، جڏهن مان ڪورنگي ڪراچي واري نادرا آفيس وٽ ويس ته انهن ڪارڊ ٺهرائڻ بدران مون کي واپس موڪلي ڇڏيو ۽ جڏهن صفوران چورنگي وٽ نادرا آفيس ويس ته انهن ڪافي ڏينهن چڪر  لڳرايا ۽ مون کي چيو ويو ته اوهان جو ڪارڊ بلاڪ ٿي ويو آهي اوهان کي حلف نامو ڏيڻ پوندو ته اوهان هن ملڪ جا شهري آهيو، جڏهن اهو مسئلو حل ٿيو ته مون نادرا ۾ ويٺل ڊيٽا آپريٽر کي چيو ته منهنجو ووٽ گلستان جوهر ۾ داخل آهي ۽ منهنجو پتو به مستقبل اهو ڪيو وڃي، پر هنن ايئن نه ڪيو ۽ چيو ته مستقبل پتو هتان جو نه ٿا لکي سگهون، مون کي ڪيترائي ڀيرا نادرا جي آفيس جا چڪر ڪاٽڻا پيا ۽ آخر ڪافي رُلڻ کانپوءِ منهنجو نئون ڪارڊ ٺهيو، مون کي ته خبر ئي نه هئي ته منهنجو ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، اها خبر مون کي تڏهن پئي، جڏهن منهنجو ڪارڊ گم ٿيو ۽ مون نئون ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا جو در کڙڪايو، هڪ ڳالهه ته مون کي صاف سمجهه ۾ اچي وئي ته هن ملڪ ۾ غير ملڪي سڃاڻپ ڪارڊ سولائي سان ٺهرائي سگهن ٿا پر هن ملڪ جا اصل وارث ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي جتي گسائيندا رهندا ۽ انهن جا ڪارڊ ڏاڍو ڏکيائي سان ٺهندا.، هاڻي اوهان ان مان صاف اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن ملڪ نادرا ئي پنهنجي مرضي سان افغان مهاجرن کي سولائي سان ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهيوآهي، ان جو مقصد رڳو سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي ۽ سنڌين جي ووٽ کي ختم ڪرڻ آهي، جنهن تي سنڌ جا قومپرست مختلف وقتن تي احتجاج به ڪندا رهيا آهن پر افسوس جو سنڌجا حڪمران جيڪي ووٽ وٺي اقتدار ۾ ته ايندا آهن ۽ پوءِ اهڙين سازشن جو حصو بڻجي ويندا آهن، جڏهن گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري پاڪستان آيو ته به وفاق جي افغان مهاجرن کي ترسائڻ واري عمل جي واکاڻ ڪئي پر ان کي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين قومن جو ڪو خيال نه آيو ته افغان مهاجرن هجن يا وري ڪي ٻيا مهاجر، انهن کي وقتي ور ترسائڻ جو چئي واپس پنهنجي ملڪن ڇو نه ٿو موڪليو وڃي، ڇا وفاق وٽ انهن افغان مهاجرن جي ڪا ڊيٽا موجود آهي، جيڪي پاڪستان ۾ اچي آباد ٿيا آهن، افغان سرحد کولڻ سان ئي پاڪستان ۾ ئي سڀ کان وڏيون دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن، ڪڏهن دهشتگردن امام بارگاهن کي نشانو بڻايو ته ڪڏهن وري  سنڌ جي صوفين جي درگاهن کي نشانو بڻائي  هزارين ماڻهن کي شهيد  ڪيو ويو  پر ان باوجود وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿو  ۽ افغان مهاجرن کي واپس موڪلڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ۽ جڏهن  سنڌ سرڪار فغان مهاجرن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي ته وفاق جون رڙيون نڪريون ويون، هڪدم اهڙين ڪاررواين کان  روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو.
بهرحال ڳالهه هلي رهي آهي، افغانستان  جي امن امان جي صورتحال جي ته افغانستان ۾ امن ڪيئن قائم ٿيندو، جڏهن جهيڙو ئي آقا ۽ غلام وچ ۾ ٿي رهيو آهي ته ان ۾ شڪست غلام کي ئي ايندي، ماضي ۾ آمريڪا طالبان کي سٺو سمجهندو هو بعد ۾ طالبان کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو پر هن ڀيري ٻيهر طالبان سان امن معاهدو ٿيڻ وارو آهي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر  آهي ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف پاران آمريڪا کي رستو ڏيڻ سان افغانستان ۾ هلندڙ دهشتگردي جو رخ پاڪستان ڏانهن وڌيو ۽ پاڪستان دهشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويو  پر هاڻي جڏهن پاڪستان ۾ ٿورو امن ٿيو آهي ته آمريڪا  افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري امن معاهدو ڪري رهيو آهي، اسان جو وزيراعظم عمران خان به طالبان سان ڳالهين جو حامي آهي،
جيئن ته آمريڪا ۽ طالبان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ تاريخي معاهدي تي 29 فيبروري تي صحيحون ڪرڻ وارا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته ڏهاڪن کان هلندڙ جنگ ختم ٿي ويندي، هاڻي اهو ممڪن آهي يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو؟ پر اهو سچ آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا طرفان حملو ڪرڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان جو ئي ٿيو آهي، جنهن جو اعتراف عالمي برادري به ڪري رهي آهي، طالبان سان ڳالهين بابت  مائيڪ پومپيو جو چوڻ آهي ته اتفاق راءِ جي ڪاميابي تي اڳتي وڌڻ لاءِ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ معاهدو جو واضح امڪان آهي،  طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهيون به تمام جلد شروع ٿي وينديون ۽ مائيڪ پومپيو چيو آهي ته طالبان سان امن معاهدو امن جي ڊگهي سفر ڏانهن هي هڪ اهم قدم آهي ۽ اسان تمام افغانين کان مطالبو ڪريون ٿا ته ان موقعي کي وڃڻ نه ڏنو وڃي، جيئن ته هن وقت آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن پر هڪ ڀيرو وري چوندس، اهي ڳالهيون گهڻو وقت هلي نه سگهنديون، ڇاڪاڻ ته ڪافي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ته آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ معاهدو ٿي رهيو آهي، اسان ته اهو ٻڌو ته طالبان جو ڳالهيون آمريڪا سان هلي رهيو آهن پر ان باوجود افغانستان ۾ دهشتگردي ٿيندي رهي آهي، وفاق کي گهرجي ته طالبان سان  آمريڪا جون ڳالهيون ٿين يا نه ٿين، ان تي ڌيان ڏيڻ بدران فوري طور افغان  طالبان جي عزت سان پنهنجي وطن واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن، ڇاڪاڻ ته  هن وقت ملڪ وڌيڪ مهاجرن جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ڪڏهن ڪڻڪ جو بحران، ته ڪڏهن وري کنڊ جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي، آبادي به تيزي سان وڌي رهي آهي، جيڪڏهن مهاجرن جي عزت سان پنهنجي وطن واپسي لاءِ قدم نه کنيا ويا ته اهو به قوم سان  بدديانتي هوندي.

No comments:

Post a Comment