Pages

Friday 20 March 2020

قاتل وائرس ۽ لاڪ ڊائون واري صورتحال

صاحب خان ڀٽي
قاتل ڪورونا وائرس پاڪستان سميت دنيا جي 170 کان وڌيڪ ملڪن ۾  پکڙجي چڪو آهي، هن وقت تائين 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو  هن وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارن جي انگن ۾ ماڻهو هن وائرس ۾ مبتلا به آهن، سڄي دنيا ۾ ڪورونا پکڙجڻ کانپوءِ اسان جي ملڪ ۾ ڪورونا  وائرس پهچي ويو آهي ۽ ماڻهن  جي فوت ٿيڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، ڪيترائي ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،  سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ڪيترائي ماڻهو هن  قاتل وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ وڌيڪ سنگين  صورتحال آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ ڪورونا وائرس جي مريضن جي  تصديق ٿي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سان مقابلي لاءِ وفاق کان مدد گهرندي چيو آهي ته هاڻ اسان کي سموري طاقت لڳائي وائرس کي روڪڻو آهي، سنڌ حڪومت 10 هزار ڪٽس خريد ڪيون آهن، اسان کي پنهنجي ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائڻي آهي، وفاقي حڪومت کي چونداسين ته اسان جي مدد ڪري.
هوڏانهن  سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به هڪ ڪورونا وائرس جي مريض جي فوتگي جي تصديق ٿي آهي،  سنڌ جي صحت واري وزير عذرا افضل پيچوهو ڪورونا وائرس جي مريض جي فوتگي جي تصديق آهي. ميڊيا تي رپورٽون آهن ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 3 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جن  مان ٻن جو تعلق خيبرپختونخواهه جي شهر پشاور ۽ مردان سان آهي، جڏهن ته هڪ جو تعلق سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سان آهي. ايتري قدر جو اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت سنڌ جو شهر سکر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جيتري حد کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه ماڻهو ايران زيارت ڪرڻ لاءِ ويا هئا، جن کي به ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي.  عالمي بينڪ طرفان ڪورونا سٽيل ملڪن کي قرضن جي آڇ به ڪئي آهي، جيڪڏهن اسان پنجاب  صوبي جي ڳالهه ڪنداسين ته پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ڌڙا ڌڙ ظاهر ٿي رهيا آهن، گذريل ڏينهن به ڪورونا وائرس جا  وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ پنجاب ڪورونا وائرس  مريضن جو انگ وڌي 80 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مريضن جو انگ 451 ٻڌايو پيو وڃي. سنڌ حڪومت طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي ته هن وقت تائين مجموعي طور تي 302 زائرين جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن  مان 151 جا نتيجا هاڪاري ۽ 151 جا ناڪاري آيا آهن، جڏهن ته هڪ ڪيس جي ٻيهر ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي. ڪراچي ۾ جيڪو شخص فوت ٿيو آهي ان جي عمر 77 سال آهي. ڪورونا وائرس سبب رڳو هڪ شخص ئي فوت ٿيو آهيهوڏانهن بلوچستان ۾ ڌڙا ڌڙ ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، هن وقت تائين سڄي صوبي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهن کي وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ميڊيا تي هلندڙ انگ اکرن موجب، خيبرپختونخواهه ۾ خميس ڏهاڙي 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مجموعي طور ڪيسن جو انگ 23 ٿي ويو آهي. گلگت بلتستان ۾ وائرس متاثرن جو انگ 21 آهي، جڏهن ته  اسلام آباد ۾ به نوان چار ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪورونا سٽيل  مريضن جو انگ 7 ٿي ويو آهي. پاڪستاني ميڊيا موجب، آزاد ڪشمير ميرپور جي جي ڊپٽي ڪمشنر  هڪ شخص کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊي سي ميرپور جو چوڻ آهي ته متاثر شخص  ڪجهه ڏينهن اڳ ايران کان تفتان آيو هو، جنهن کي ميرپور جي آئسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي.
بهرحال  ڪورونا وائرس رڳو پاڪستان نه پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهو وائرس ۾  مبتلا ٿي رهيا آهن، ڀارت ۾ به ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو آهي، ، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو انگ 4 ٿي ويو آهي. ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته پنهنجا هٿ صابڻ سان ڌوئي پوءِ ماني کائو ۽ ڪنهن به شخص سان هٿ نه ملايو رڳو پري کان ئي  سلام ڪيو،  ڇاڪاڻ ته  هٿ ملائڻ سان به هي وائرس ٻئي شخص ڏانهن منتقل ٿي سگهي ٿو ۽ جيترو ٿي سگهي  چهري تي ماسڪ لڳايو ته جيئن هن وائرس کان بچي سگهو. ڀارتي اختيارين موجب، ملڪ ۾ وائرس جي متاثر ٿيندڙن جو انگ 173 تائين پهچي ويو آهي، جن مان 148 مريض ڀارتي، جڏهن ته 25 پرڏيهي آهن.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ ”جنتا ڪرفيو“ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام 22 مارچ تي گهرن ۾ ئي رهي، هڪ وقت ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جو خوف آهي ته ٻئي طرف وري ڀارت روايتي طور سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيئن ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس   جو خوف ڇانيل آهي، حڪومت کي گهرجي تي سرحدن کي سيل ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به پرڏيهي پاڪستان ۾ سرحد تان داخل نه ٿي سگهي، باقي ايئرپورٽ ذريعي جيڪو اچي، ان جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ته ان کي وائرس ته نه آهي.  جيڪڏهن پاڙيسري ملڪن جون سرحدون ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ  مڪمل طور بند نه ڪيون وينديون ته هن وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويندو.
ڪورونا وائرس  سبب  تعليمي ادارا به بند آهن، روڊ به خالي نظر اچي رهيا آهن، هر طرف لاڪ ڊائون واري صورتحال آهي،  سنڌ سرڪار جا کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن ، ايمرجنسي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ ۽ متاثرن کي راشن ڏيڻ  وارن فيصلن جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي پر رڳو  هڪ شهر  ڏانهن گاڏين جي اچ وڃ بند ڪرڻ سان فرق نه پوندو، صوبن جي سرحدن تي به سخت چيڪنگ ڪئي وڃي، ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ ان ک صوبي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ ناممن هوندو ۽ جيڪي هن وقت تائين سنڌ سرڪار قدم کنيا آهن، انهن جو ڪو به کڙ تيل نه نڪرندو. جيئن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  جي ڪري مارڪيٽون بند ڪرائڻ جو سلسلو به جاري آهي، ڪيترائي ماڻهو  گهر ويهي ويا آهن، مطلب ته  سندن ڪمائڻ جو  ذريعو ئي بند ٿي ويو آهي، سنڌ سرڪار پاران رڳو ڪورونا وائرس  جي متاثرن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي پر انهن ماڻهن جي باري ۾ ناهي  سوچيو ويو، جيڪي ڏهاڙي تي مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندا آهن، جيڪي هن  وقت مارڪيٽون بند ٿيڻ سبب گهرن ۾ ويٺا آهن ۽ سندن گهرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آهي، هڪ طرف ڪورونا وائرس جو خوف ته ٻئي طرف وري ماڻهو بي روزگاري سبب پريشان ٿي رهيا آهن،  حڪومت کي گهرجي ته ڪورونا  وائرس  جي خدشي سبب بند ڪيل مارڪيٽن  ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن جي  به واهر ڪرڻ گهرجي ته جيئن هي قدرتي آفت کي منهن ڏئي ٽاريو وڃي.

No comments:

Post a Comment