Pages

Monday 9 March 2020

ڪورونا وائرس تي ضابطو ڪڏهن ايندو؟

صاحب خان ڀٽي
نئين سال جي شروعات کانپوءِ ڪورونا وائرس هڪ وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سڀ کان وڌيڪ نقصان چين کي پهچايو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، حياتيون ڳڙڪائيندڙ وائرس سبب ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ايتري قدر جو  چين ۾ پڙهندڙ پاڪستاني شاگردن کي به ڏيهه اچڻ کان  روڪيو ويو آهي، ماڻهن ۾ خوف به وڌندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خطرناڪ  وائرس جي  ڪا به دوا اڄ ڏينهن تائين تيار ناهي ڪئي وئي يا وري ايئن چئجي ته سائسندانن ۽ توڙي ماهر ڊاڪٽرن اهڙي خطرناڪ بيماري جي دوا تيار ۾ ڪاميابي حاصل ناهن ڪري سگهيا، جيڪڏهن اهڙي خطرناڪ وبا جي ڪا دوا هجي ها  يا وري ڪو علاج موجود هجي ها ته دنيا ۾ ايڏي ونگ ۾ ماڻهو فوت نه ٿين ها ۽ انهيءَ بيماري کي عالمي وبا قرار نه ڏنو وڃي ها ۽ نه ئي وري عالمي سطح تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ها، چين کي به انهيءَ خطرناڪ وائرس سبب جاني توڙي مالي نقصان به  ٻين ملڪن کان وڌيڪ ٿيو آهي، ڪيترن ئي ملڪن چين ڏانهن  اڏامن کي به معطل ڪيو ويو آهي، چين کانپوءِ ڪورونا وائرس جا ڪيس سڀ کان وڌيڪ ايران ۾ ظاهر ٿيا آهن،  ايتري قدر جو پارليامينٽ جو هڪ ميمبر به فوت ٿي چڪو آهي، ڪيترائي ئي ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي  آهن،  ايران زيارت لاءِ  ويل پاڪستانين کي به ڪورونا وائرس هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب  ايران ويل هر هڪ شخص جي چڪاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هر هڪ ملڪ وڌندڙ خوف سبب ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ کي لڪائي رهيو آهي.
ڪورنا وائرس سبب عالمي سطح تي ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي ۽ جاني ۽ مالي نقصان به وڏو ٿيو آهي، هي خطرناڪ وائرس دنيا جي 102 ملڪن تائين پکڙجي ويو آهي۽رپورٽون آهن ته وائرس سبب فوتين جو انگ 36 سئو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته چين ۾ فوتين جي انگ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو صحتياب  به ٿي ويا آهن پر ڪورونا وائرس ٻين ملڪن ۾ تيزي سان پکڙجي ويو آهي، جيڪڏهن علاج نه ڳوليو ويو ته  جاني نقصان  وڌڻ جو خدشو وڌي ويندو. ڇاڪاڻ ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ فوتين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. فرانس ۾ به فوتين جو انگ وڌي 16ٿي ويو آهي، اسپين ۾ 10  ۽ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ به فوتگيون تيزي سان وڌي رهيون آهن، خبرون آهن ته آمريڪا ۾ فوتين جو انگ 19 ٿي ويو آهي ۽ 442 ماڻهو بيمار آهن. مختلف ملڪن ۾ به ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي،
آمريڪا، برطانيا، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن سبب پاڪستان ۾ به  تعليمي ادارا بند رکيا آهن، گذريل ڏينهن سعودي عرب به  سمورن تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جو شاهي حڪم جاري ڪيو هو ۽  ايندڙ شاهي حڪم تائين سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جي هدايت ڪئي هئي، ايتري قدر جو ماڻهن جي چرپر تي به ڪرڙي نظر رکي پئي  وڃي، عمري تي به پابندي لڳائي وئي آهي، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي ته ڪورونا وائرس هڪ شخص کان ٻئي شخص ڏانهن تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، پر هن  وقت تائين ڪو به ملڪ انهيءَوائرس جي وئڪسين تيار ڪري ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، هونئن ته چين طب ۾ سان کان وڌيڪ اڳتي آهي، حڪيمي دوائون تيار ڪرڻ ۾ به ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته چين ۾ ماضي ۾ جڙين ٻوٽين مان ئي علاج ڪيو ويندو هو، جنهن جو ثبوت موجوده دور ۾ چين پاران ڪيل تيار ڪيل دوائون آهن، پر هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ انهيءَ خطرناڪ وائرس کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ناهي ڪئي، ڪجهه ماڻهو ميدان ۾ لٿل آهن،  جيڪي چئي رهيا آهن ته بصر کائڻ سان ڪورونا وائرس ختم ٿي وڃي ٿو، ڪجهه جو چوڻ آهي ته گهرن ۾ دونهون ڪرڻ سان ڪورونا وائرس ختم ٿي ويندو آهي، ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڀنگ پيئڻ ڪورونا وائرس جو علاج واحد علاج آهي، سوشل ميڊيا تي وري ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪريلي جو جوس ٺاهي پيئڻ سان ڪورونا وائرس ختم ٿي ويندو آهي، علاج جون اهڙيون خبرون تيستائين گردش ڪنديون رهنديو، جيستائين  عالمي طاقتون ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون  ٿين.  
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي سلسلي ۾ پاڪ افغان بارڊر کي وڌيڪ هڪ هفتي جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي، اٽلي ۾ به ڪورونا وائرس سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، عالمي ميڊيا تي خبرون هلي  رهيون آهن ته ڪيترائي ماڻهو ڪورنا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ هڪ ڏينهن ۾ وائرس 133 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ وائرس بب فوتين جو انگ 366 کان وڌي ويو آهي، حڪومت هڪ ڪروڙ 60 لک  ماڻهن جي آبادي کي قرنطينه ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اٽلي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته وائرس سبب متاثرن جو انگ 5883 کان 7375 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته اٽلي جي حڪومت اسڪولن ۽ يونيورسٽي کي پهريان ئي 15 مارچ تائين بند ڪيو آهي. چين طرفان وائرس ۾ مبتلا مريضن لاءِ اسپتالون به تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چين ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن کي قرنطينه ۾ رکڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هوٽل پٽ پئجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن،
پاڪستان ۾ به ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن سبب پاڪستان ۾ به خوف وڌي ويو آهي، ڀارت ۾ به ڪيس ظاهر ٿيا آهن پر پاڪستان  ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي،   سوشل ميڊيا تي  بحث هلي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو انگ لڪايو پيو وڃي ته ٻئي طرف  حڪومتي عملدارن جو چوڻ آهي ته  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورحال ڳڻتي جوڳي نه آهي، ماڻهو بنا سبب جي  ماسڪ نه لڳائن،  جيئن پاڪستان ۾ ڪورنا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ان ڏينهن کان ماسڪ دڪانن تان غائب ٿي ويو آهي، نفعي خورن  ماسڪ جا اگهه به وڌائي ڇڏيا آهن، پنج ڏهن روپين وارو ماسڪ سئو کان به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪافي هنڌن تي ڪورونا وائرس کان بچڻ وارو ماسڪ ته  ملي ئي نه ٿو، ڪجهه ماڻهو روڊن تي ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ  ماسڪ به ورهائي رهيا آهن پر ماڻهو خوف مان وٺن ئي نه پيا، بحرحال ڪورونا وائرس کي حڪومت سنجيدگي سان وٺي، هن وقت ئي چين وانگر اسپتالون قائم ڪيون وڃن ۽ ڊاڪٽرن جون موڪليون به رد ڪيون وڃن، جيئن اسڪولن کي بند ڪري ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ايئن ڊاڪٽرن کي هر وقت اسپتالن ۾ حاضر رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي ته متان حالتون هٿن مان نڪري وڃن، ڪورنا وائرس جا ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيڻ وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنهن سبب حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن، پاڪستان ۾ صحت ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment